ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان جون ڳالهين لاءِ منٿون

Editorial-Article- Dastgir Bhatti


سپريم ڪورٽ پاران نوي ڏينهن اندر پنجاب ۾ صوبائي اسيمبلي جون ضمني چونڊون ڪرائڻ لا جيڪو حڪم جاري ڪيو هو، ان جي خلاف دفاع واري وزارت جا سويلين ۽ نان سويلين سينئر عملدار ۽ سرڪاري وڪيل هڪ درخواست کڻي گذريل 18 اپريل 2023ع تي جسٽس آڏو پيش ٿيا هئا، هنن لکت ۾ عرض ڪيو ته فقط هڪ يا ٻن صوبن ۾ چونڊون ڪرائڻ بدران سڄي پاڪستان ۾ هڪڙي ئي ڏينهن تي عام چونڊون ڪرائڻ خاطر اعليٰ عدالت پنهنجو نوي ڏينهن وارو فيصلو واپس وٺي. مٿي ذڪر ڪيل آفيسرن سپريم ڪورٽ ۾ داخل ٿيڻ شرط چيف جسٽس عمر عطا بنديال کي سڀني ماڻهن سامهون کليل عدالت ۾ عرض ڪيو ته سندن درخواست جي کليل عدالت ۾ شنوائي ڪرڻ بدران چيمبر ۾ ويهي نويڪلائي ۾ اسان جو عرض ٻڌو، چيف جسٽس سندن عرض اگهايو ۽ نائڪ کي حڪم ڏنائين ته هنن مانوارن مهمانن کي منهنجي چيمبر ۾ ويهاريو. مان هي هلندڙ ٻڌڻي پوري ڪري ساڻن ملڻ لا اچان ٿو. ڪجهه دير کانپو بنديال صاحب هنن معتبر مهمانن سان ملڻ خاطر چيمبر ۾ آيو ته وزارت دفاع جي سرڪاري وڪيل هڪڙي سيل ٿيل لفافي کي ڦاڙي اها درخواست ڪڍي، چيف جسٽس کي پڙهڻ لا ڏني.
اخبارن ۾ جاري ٿيل انهي درخواست جو تت اهو هو ته جيڪڏهن (هڪ صوبي ۾ ڌار ڌار اليڪشن ڪرائينداسين ته ملڪ اندر وڳوڙ يعني انارڪي پيدا ٿي ويندي. ان کان علاوه ملڪ جي مالي حالت ايڏي ته خراب ٿي چڪي آهي جو پي ڊي ايم سرڪار وٽ اليڪشن جو خرچ ادا ڪرڻ لا گهربل 16 ارب رپيا آهن ئي ڪونه! سون تي سهاڳو اهو ته ملڪ اندر دهشت گردي ايتري قدر وڌي ويئي آهي جو چونڊن ۾ پولنگ جي نگراني ڪرڻ لا گهربل فوج، رينجرس يا پوليس به ناهي جو امن امان کي قائم رکي سگهي. ان ڪري ئي اسان جو دليل آهي ته رڳو هڪڙي صوبي ۾ چونڊون ڪرائڻ سان وڏي انارڪي پيدا ٿي ويندي. اوهان کي عرض ڪريون ٿا ته ملڪ جي بگڙيل صورتحال کي نظر ۾ رکندي نوي ڏينهن اندر پنجاب ۾ اليڪشن ڪرائڻ وارو حڪم واپس وٺو ۽ ايندڙ آڪٽوبر ڌاري سڄي پاڪستان ۾ هڪڙي ئي ڏينهن تي عام چونڊون ڪرائڻ لا حڪومت کي وقت ڏيو! هن گڏجاڻي ۾ سرڪاري وفد جي اڳواڻي بچا واري وزير خواجه آصف ڪئي. هن سان گڏ جيڪي ٻيا سپريم ڪورٽ ۾ هي درخواست کڻي پهتا، انهن ۾ سيڪريٽري دفاع، چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان طاقتور ۽ ادارن جا ماڻهو شامل هئا. لکت ۾ ڏنل سندن درخواست ۾ اهو انومان ظاهر ڪيل هو ته شرپسند دهشتگرد پنجاب ۾ پولنگ واري ڏينهن کان اڳيئي اليڪشن جي مهم هلائيندڙ سياسي ليڊرن تي حملا ڪري سگهن ٿا. تنهن ڪري عرض ٿا ڪريون ته سڄي ملڪ اندر هڪڙي تاريخ تي اليڪشن ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪيو ته جيئن اليڪشن تي ٿيندڙ خرچ جي کوٽ، سيڪيورٽي ادارن جي واندڪائي سان گڏوگڏ سنڌ ۽ بلوچستان اسيمبلين جو مدو به پورو ٿي وڃي ته هڪ ئي وقت قومي اسيمبلي سان گڏ سمورين صوبائي اسيمبلين جي چونڊ ڪرائڻ ممڪن ٿي سگهي. سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ جنهن نوي ڏينهن اندر پنجاب ۾ چونڊون ڪرائڻ جو اڳ ۾ ئي فيصلو ڏيئي ڇڏيو هو. هن درخواست تي اٽارني جنرل ۽ ٻين سرڪاري وڪيلن کي شنوائي لا سڏيو ته جيئن عدالت کي مطمئن ڪري سگهن. هفتو کن هي ٻڌڻي هلندي رهي، جنهن ۾ رمارڪس ڏيندي چيف جسٽس ۽ سندس ساٿي ججن منيب اختر، جسٽس اعجاز الحسن حڪومت کي پئسن، ڏوڪڙن، سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردي تي ڪنٽرول ڪرڻ لا ٻن هفتن جي مهلت ڏيندي 9 مئي تي چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. انهي فيصلي تي پي ڊي ايم جون 13 ئي پارٽيون مڇرجي ويون. مولانا فضل الرحمان سان گڏجي ججن کي خوفزده ڪرڻ لا نه رڳو ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت کانسوا قانون ۾ ڦيرگهير ڪندا رهيا، پر مولانا صاحب ته پنهنجن وردي وارن کٿابين جو ڏنڊا بردار مظاهرو به ملڪ جي سڀ کان وڏي عدالت ڪري ڇڏيو. (ان ڏينهن کانپو، 9 مئي تي لاهور کان وٺي پشاور ۽ پختون قبائلي علائقن ۾ جيڪو وڳوڙ ۽ بدامني پيدا ٿي، تنهن بابت سمورن پڙهندڙن کي ڄاڻ آهي ته اها عمران خان جي اسلام آباد ها ڪورٽ اندران گرفتاري جو نتيجو هئي. انهي واقعي کانپو جيڪا صورتحال پيدا ٿي، اها تاريخ ۾ اڳ ڪڏهن به نه ڏٺيسين. تاريخ ٻڌائي ٿي ته مشرقي بنگال جي آزادي واري جنگ ۾ هن واقعي کان به وڌيڪ ڀوائتا منظر ڏٺا ويا. ان کانپو بنگلاديش ٺهڻ تائين جيڪي ڪجهه وهيو واپريو، اهو سڀ تاريخ جو حصو آهي ۽ رڪارڊ ۾ موجود آهي.
هاڻي اچون ٿا اڄوڪي صورتحال تي جنهن ۾ تحريڪ انصاف جي ليڊر عمران خان کي نه رڳو سرڪار پر واڳ ڌڻين به اهڙو سوڙهو ڪري ڇڏيو آهي، جو حڪومت سان ڳالهه ٻولهه کان بار بار انڪار ڪندڙ هي شخص هاڻي منٿ ميڙ ڪري پيو ته خدا جي واسطي مون سان مذاڪرات ڪريو. مذاڪرات معنيٰ ڳالهيون ته جيئن منهنجي ۽ منهنجن گهر ڀاتين جي جند ڇٽي! قدرتي طرح عمران خان جي حق ۾ ڪجهه اهڙا فيصلا به ڇنڇر ڏينهن اچي ويا آهن، جن سان سندس سسي ۾ ڪجهه ساهه پيو آهي. نه ته حالت اها هئي ته تحريڪ انصاف جي اڳواڻن، وزيرن، مشيرن اڳوڻن گورنرن ۽ عام ڪارڪنن تي 9 مئي وارن حملن ڪارڻ دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪري جيلن حوالي ڪيو ويو. گهڻا ملڪ ڇڏي ڀڄي ويا ۽ ٻيا توبهه گيسي ڪري جيلن مان آزاد ٿي پنهنجي ليڊر کي الوداع چئي رهيا آهن.
عمران خان جي حق ۾ اڄ اهو ٿيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم جي تابعداري ڪندي جسٽس فائز عيسيٰ قاضي آڊيو ليڪس واري ڪميشن جو تحقيقاتي ڪم بند ڪري ڇڏيو آهي. هنن آڊيو ليڪس ۾ نه رڳو تحريڪ انصاف جي اڳواڻن بلڪه اعليٰ عدالتن جي ججن بابت پڻ اڻوڻندڙ ڳالهيون آهن. ايف آ اي چيف جي سربراهي ۾ پي ڊي ايم سرڪار جيڪا فورينسڪ جانچ ڪرائي، مبينا طور ان جي رپورٽ ۾ به لکيو ويو آهي ته مختلف ڏينهن ۽ مهينن جا ٽڪرا ٽڪرا ڳنڍي، هي سموريون آڊيوز ۽ ويڊيوز هڪ خاص مقصد سان ٺاهيون ويون آهن، جيڪي هٿ ٺوڪيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button