ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

گئس بحران جي حل لا حڪومت جي عجيب رٿا

Editorial

پي ٽي آ هڪ اهڙي انوکي حڪومت آهي، جيڪا هڪ بحران کان بچڻ لا ٻيو بحران پيدا ڪندي آهي. هي حڪومت تاريخ ۾ بحران پيدا ڪندڙ حڪومت طور ياد رهندي، ڇاڪاڻ ته گذريل ٽن سالن ۾ هڪ به اهڙو بحران ناهي، جنهن کي هاڻوڪي حڪومت حل ڪري سگهي هجي. هڪ پاسي پاڻي بحران، ٻي پاسي کنڊ ۽ اٽي جو بحران، ٽئين پاسي گئس ۽ بجلي جو بحران آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ته حڪومت اهو به چئي ڇڏيو هو ته گهر ۾ رڳو رڌ پچا لا ٽي ٽائيم گئس فراهم ڪئي ويندي، باقي وقت ۾ گئس نه ملي سگهندي. پر هاڻ وري اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته گهرن ۾ گئس ڏني ويندي پر صنعتن کي گئس فراهم نه ڪئي ويندي. پر اهو مسئلي حل ناهي. عام ماڻهو گئس به پنهنجي خرچ تي وٺي ٿو. پيئڻ جو پاڻي به خريد ڪري ٿو، پر لائين ۾ ايندڙ پاڻي جو بل ادا ڪري ٿو. سيڪيورٽي لا پوليس هوندي به گارڊ رکي ٿو. سرڪاري اسڪول هوندي نجي اسڪولن ۾ ٻاهر پڙهائي ٿو. ان کانسو سرڪاري اسپتال هوندي به نجي اسپتالن ۾ ڳرا بل ڏئي علاج ڪرائي ٿو. ٻه ڏينهن اڳ ئي وزير اعظم عمران خان چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڪري ملڪ هلي رهيو آهي. جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ملڪ جو عوام ڏئي ٿو. بهرحال تازو گئس پلان هڪ ڀيرو وري بحران کي جنم ڏيندو.

وفاقي ڪابينا جي توانائي ڪميٽي سياري لاءِ گئس لوڊ مئنيجمنيٽ پلان جون تجويزون منظور ڪري ورتيون. منصوبابندي بابت وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ ڪابينا جي توانائي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ هلندڙ سياري دوران گهريلو ۽ ڪمرشل واهپيدارن کي گئس بحران کان بچائڻ لاءِ تجويزون پيش ڪيون ويون. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابينا جي ڪميٽي ڪيپٽو پاور، جنرل انڊسٽري ۽ سي اين جي سيڪٽر کي ٻن مهينن لاءِ گئس جي فراهمي بند ڪرڻ جي تجويز منظور ڪري ورتي آهي. ڪابينا ڪميٽي گهريلو واهپيدارن کي گئس جي بنا وقفي فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي، گڏوگڏ ايڪسپورٽ ۽ سيمينٽ سيڪٽر لاءِ گئس جي فراهمي جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو، جڏهن ته گئس جي پهچ بابت تجويزون ايندڙ اجلاس ۾ ٻيهر پيش ڪيون وينديون. هاڻ جيڪڏهن انڊسٽري ۽ سي اين جي سيڪٽر کي ٻن مهينن لا گئس ملڻ بند ٿي ويندي ته ان جو مطلب اهو آهي گئس تي هلندڙ صنعت به بيهي رهندي ۽ جيڪي صنعتون مختلف اسم ٺاهين ٿيون، اهي به ٺهڻ بند ٿي ويندا ۽ ان کانسوا ماڻهن جي بيروزگار ٿيڻ جو خدشو آهي، پر هن حڪومت جي عقل کي سلام آهي، جيڪا اهڙيون اهڙيون رٿائون آڻيندي رهندي آهي، جن سان ڏندين آڱريون اچي وينديون آهن. ڇا حڪومت کي ڪو اندازو آهي ته اهڙي فيصلي سان صنعتن مان جڏهن مال تيار نه ٿيندو ۽ مارڪيٽ ۾ نه پهچندو ته ان سان عوام کي ڪيتري پريشاني ٿيندي ۽ هڪ ڀيرو وري عوام لا مهانگائي وڌڻ جا امڪان پيدا ٿي پوندا. حڪومت اڳوڻي حڪومت کي توانائي بحران حل نه ڪرڻ جا طعنا ڏيندي رهندي آهي پر اها پاڻ ڇا پئي ڪري. ان هن وقت تائين توانائي بحران کي حل ڪرڻ لا ڇا ڪيو آهي. ان اهڙو ڇا ڪيو آهي، جو عوام هاڻوڪي حڪومت کي ساراهي. ان ڪري نه رڳو گئس بحران پر توانائي جي ٻين بحرانن کي به حل ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن عوام لا ڪو سک پيدا ٿي سگهي.
اسين سمجهون ٿا ته گئس بحران کي حل ڪرڻ لا جيڪا رٿا حڪومت پاران پيش پئي ڪئي وڃي، اها قابل عمل ناهي بلڪه ان سان وڌيڪ مصيبت پيدا ٿيندي. تنهنڪري حڪومت کي گهرجي ته اها گئس بحران کي حل ڪرڻ لا ڪو ٻيو طريقو ڳولي ۽ جڏهن حڪومت کي سستي ايل اين جي وٺڻي هئي ته ان مهانگي ايل اين جي ڇو گهرائي. هاڻ ان جو بار به عوام جي کيسي تي پيو آهي. تنهنڪري ملڪ کي بحرانن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائڻ بدران بحرانن جا حل ڳوليا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button