ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

جهڏو جي ڪهاڻي

جهڏي جهڙي ٻوڏ جي لاڳيتو سٽيل لاڙ جي شهر ۾ پوليس غير ذميواري جو مظاهرو ڪندي ڇهه عورتن، ٻن مردن ۽ ٽن نامعلوم (يارنهن ماڻهن) جي مٿان ٻين قلمن سان گڏوگڏ دفعه 295 الف تعزيرات وارو لاڳو ڪري ڪيس چالان ڪيو آهي. هي سڄي پاڪستان ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون ڪيس آهي. جنهن ۾ ڇهن عورتن تي پڻ اهڙو قلم لاڳو ڪيو ويو آهي. اڳوڻي آمر ضياءَ جي ايام ڪاريءَ ۾ دفعه 295، 295 الف، 295 ب ۽ 295 ج وارو تعزيرات متعارف ڪيو ويو. جنهن جي بنياد تي انهيءَ قانون جو هيستائين مس يوز ٿيندو رهيو آهي. جنهن ۾ پوليس ۽ ٻيا پنهنجي ڪنهن به مخالف جي مٿان دشمني ۾ اهڙا ڪيس داخل ڪرائيندا رهيا آهن. ميرپور خاص ضلعي ۾ وومين جيل نه هجڻ سبب ڇهه عورتون هن وقت حيدرآباد وومين جيل ۾ قيد ڪري رکيون ويون آهن.
جهڏو سنڌ ۾ لاڙ واري حصي جو اهم شهر ۽ تعلقي هيڊڪوارٽر وارو هنڌ آهي. هي شهر 2011 کان پوءِ 2022 واري برساتي ٻوڏ ۾ مڪمل ٻڏي ويو هو. هن شهر جي اولهه کان ميرپورخاص مين ڊرين ۽ اوڀر کان ايل بي او ڊي اسپائنل ڊرين ۽ شهر جي وچ مان پراڻ ڍورو گذري ٿو. ان ڪري هر برساتن ۾ هي شهر ٻڏي وڃي ٿو. هن شهر جي اوڀر طرف کوسن جي ڳوٺ ۽ حاجي عاشق ڪالوني جي وچ ۾ جوڻيجا ڪوارٽرز آهن. هي ڪوارٽرز اصل ۾ اڳوڻي وزير اعظم محمد خان جوڻيجي جي لوڪاسٽ هائوسنگ اسڪيم تحت اڏايا ويا هئا. جتي اٽڪل 30 کن مختلف برادرين جا ڪٽنب رهندڙ آهن. لاڙ پٽ جو هي علائقو زراعت تي گذارو ڪندڙ علائقو آهي. هتي مرچن ۽ ووئنڻن جو سٺو فصل ٿئي ٿو. سنڌ جي پهرين ڪاٽن فيڪٽري پڻ جهڏي ۾ قائم ٿي هئي. هتي مٺڙائو ڪئنال جي شاخن تي پوکي ٿئي ٿي. پر جهڏو شاخن ۽ مٺڙائو ڪئنال جي پوڇڙ ۾ واقع هجڻ ڪري زرعي طور فصلن جي پوکي انتهائي گهٽ ٿئي ٿي.
مئي جي شديد گرميءَ واري چاليهي دوران جهڏي شهر جي جوڻيجو ڪواٽرز واري علائقي ۾ ڇهين ۽ ستين مئي واري رات هڪ غير معمولي واقعو پيش آيو. انهيءَ ڪوارٽرز جي رهواسين جي وچ ۾ نشو وڪرو ڪرڻ جي بنياد تي ڪو جهيڙو ٿي پيو. جنهن ۾ ٻه ماڻهو زخمي ٿي پيا. زخمي ٿيندڙ ڌر اسپتال ۾ علاج لاءِ وئي. پر اسپتال جي عملي پوليس جي ليٽر کان سواءِ علاج ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو. زخمي ڌر اسپتال ۾ علاج لاءِ ليٽر وٺڻ لاءِ ٿاڻي تي ايف آءِ آر يا اين سي ڪٽرائڻ لاءِ وئي. پر پوليس جي عملي نه اين سي ڪٽي ۽ نه وري اسپتال لاءِ ليٽر ڏنو. نتيجي ۾ پوليس جي خلاف پنجاهه کن ماڻهن جي عورتن ۽ مردن تي مشتعل هجوم جهڏي جي باءِ پاس روڊ وٽ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. رات جو ڏهين وڳي کان صبح جو ڏهين وڳي تائين ڌرڻو هلندو رهيو. ڌرڻو هڻندڙ روڊ تي اڏيل جهوپڙي مان ڪاٺيون ڪڍي باهه ڏئي روڊ جي ٽريفڪ بند ڪندا رهيا. ( اها جهوپڙي سم نالي جي ڀرسان نئين اڏجندڙ مدرسي جي چندي لاءِ اڏيل هئي) پوليس انهيءَ عرصي تائين لاڳيتو گم هئي. صبح جو ڏهين وڳي کان پوءِ اچانڪ پوليس ظاهر ٿي ۽ ڌرڻو هڻندڙن کي لٺيون هڻي ٿاڻي تي کڻي آئي. پوليس مدرسي جي انچارج محمد شفيع لغاري جي مدعيت ۾ توهين مذهب جو ڪيس داخل ڪيو. ان کان سواءِ روڊ بند ڪرڻ، ڀڃ ڊاهه ڪرڻ وارو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. ڪيس ۾ ڇهه عورتون، ٻه مرد ۽ ٽي نامعلوم( يارنهن) ماڻهن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. اهڙي ريت پاڪستان جي تاريخ ۾ ڇهن عورتن سميت يارنهن ماڻهن تي دفعه 295 الف تعزيرات واري ايف آءِ آر داخل ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ ڌرين جو چوڻ آهي ته ان قلم واري ڪيس جي جانچ ايس ايس پي ۽ ڊي سي سطح جي آفيسر جي نگراني ۾ ٿئي ٿي. جڏهن ته ڏٺو ويو آهي ته ان ڪيس ۾ محض جهڏو ٿاڻي جي اي ايس آءِ ۽ ايس ايڇ او پاران جانچ عمل ۾ آندي وئي آهي. هوڏانهن جهڏو ٿاڻي جو ايس ايڇ او جيڪو اڳ ۾ ڊي ايس پي جي عهدي تي فائز هو. پر پنهنجي نا اهلي ۽ غير ذميواريءَ سبب کيس اعليٰ اختيارين پاران عهدو گهٽائي ايس ايڇ او ڪيو ويو آهي. شهر واسي انهيءَ پوليس آفيسر جي غير ذميواري جون ٻيون به تمام گهڻيون ڪهاڻيون ٻڌائين ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button