ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مائنس عمران، پلس نواز شريف ڊرامو!

هن ملڪ جي تاريخ ۾ سياستدانن جي مائنس ۽ پلس ٿيڻ جو هي پهريون تجربو آهي، جنهن ۾ عمران کي سياست مان نيڪالي ڏني پئي وڃي. ماضي ۾ هن نوعيت جو تجربو رڳو، نواز شريف کي مائنس ڪرڻ نه هو،محترما بينظير ڀٽو کان به گهڻو اڳ پهريان شيخ مجيب الرحمان کي مائنس ڪيو ويو، ان کانپوءِ بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ ليفٽ، جي يو آءِ حڪومتن کي مائنس ڪيو ويو. تاريخ جي انهن ڊرامن ۽ موجوده ڊرامي ۾ ڪو فرق آهي؟ هي به سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته جنهن وقت اسٽيبلشمنٽ زخمي هوندي آهي ۽ اها پنهنجا ڦٽ چٽڻ ۾ پوري هوندي آهي ته سياستدان ان کي ريسڪيو ڪندا آهن، ان کي سياست ۾ آرٽ آف پاسيبلٽي جو نالو ڏنو پئي ويو آهي، پر موجوده صورتحال انڪري ڳنڀير آهي ته هڪ ته هي سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جو دور آهي، پي ٽي آءِ سميت ڪجهه پارٽيون، جيڪو ڪجهه ڪنديون رهيون آهن، يا ڪري رهيون آهن،اهو سڀ ڪجهه ريڪارڊ تي موجود آهي، ٻيو هي ته وڇ ڪلي آهر ڪڏندي آهي، انڪري پي ٽي آءِ تي وار ڪرڻ ۾ انڪري آساني ٿي آهي ته اها پاڻ ڪمزور آهي ۽ ان جي اندران به اهڙيون سازشون ٿي رهيون آهن، جنهن سان عمران خان لاءِ وڌيڪ مشڪلاتون پيدا ٿي رهيون آهن. ان سان گڏ عمران خان پاڻ ڪيترو وزنري اڳواڻ آهي، ان تي ته بحث ڪرڻ ئي اجايو آهي.
هي ڳالهه ٽاڪ آف ٽائون آهي ته پي ٽي آءِ جي اندر ڪيترائي اهڙا اڳواڻ آهن، جيڪي مائنس عمران خان تي سرهائي ظاهر ڪري رهيا آهن، ان سان گڏ عمران خان جي پنهنجي حڪمت عملي به اهڙي نوعيت جي آهي، جنهن سان پارٽي جو بچڻ ڏاڍو مشڪل آهي، هي صورتحال ڪنهن به صورت ۾ خوشي جي لائق ناهي، نه ئي شادمانا وڄائي سگهجن ٿا. هن نوعيت جا وارا مختلف ڌرين جا ايندا رهيا آهن، هينئر عمران خان کي ياد آيو آهي ته ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي چورن ۽ ڌاڙيلن جو ٽولو ناهن! ممڪن آهي ته چور ۽ ڌاڙيل هر پارٽي ۾ موجود هجن ۽ هي انهن جي پناهه گاهه به ٿي سگهي ٿي. ان سان گڏ هن ملڪ ۾ ڪرمنلز پناهه وٺي ڪري پنهنجن ئي اڳواڻن کي نشانو بڻائيندا رهيا آهن. عمران خان پاڻ، پنهنجي دل سان جن کي پنجاب جو وڏو ڌاڙيل سڏيندو هو، ان کي هن پاڻ پارٽي جو صدر بڻايو، جيتوڻيڪ ان جي ڪا عوامي پذيرائي به نه هئي. هي سڀ ڪجهه بغض ۾ ڪيو ويو ته جيئن چوڌرين جو گهر ڦٽي. جيڪي ٻين جو گهر ڦٽائيندا، انهن جو پنهنجو گهر ڪيئن بچندو؟ هينئر عمران خان پ پ ۽ ن ليگ جي قيادت کي اپيل ڪري ٿو ته ان کي بچايو وڃي، هي سڀ قيامت نشانيون ناهن ته ٻيو ڇا آهي؟
هي ڳالهه ته عالم آشڪار پئي آهي ته عمران خان جي چورن ۽ ڌاڙيلن واري سياست اسٽيبلشمنٽ جي هئي، عمران خان جو پنهنجو Narrative ڪهڙو هو؟ هن ته سمورن ڏيهي ۽ پرڏيهي معاملن کي بقول فواد چوڌري جي آئوٽ سورس ڪيو هو، عمران خان پاڻ چيو ته ٻه سال ته هنن کي هي ڳالهه سمجهڻ ۾ لڳي ويا ته حڪمراني ڪيئن ڪبي آهي! جيڪڏهن اناڙين جي ٽيم هئي ۽ اها سياسي حڪمت عملي کان اڻ واقف هئي ته پهريان ته پريڪٽس ميچ کيڏڻ گهربي هئي، ان کانپوءِ ميدان ۾ لهڻ گهربو هو،اسٽيبلشمنٽ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان عمران خان کي تيار ڪيو پئي ۽ هي تاثر ڏنو پئي ته مسٽر ڪلين کي گهڙي تيار ڪيو پيو وڃي،اسٽيبلشمنٽ جي راند جيڪڏهن ڪامياب ٿي وڃي ها ۽ ڏهن سالن جي پروجيڪٽ تي عمل ٿي وڃي ها ته هن ملڪ مان سياسي سوچ ته موڪلائي وڃي ها، ان جي قيمت به ادا ڪرڻي پئي ها.
گذريل ڪجهه سالن کان جيڪو ٿي رهيو آهي، ان جو مقصد هي آهي ته ملڪ اندر ڪابه سياسي پارٽي پاپولر نه هجڻ گهرجي، جيڪا اڳتي هلي واڳ ڌڻين لاءِ چيلينج ثابت ٿئي، انڪري ملڪ ۾ اهڙيون پارٽيون هجن، جيڪي آساني سان پتلين جو تماشو ڪن ۽ انهن جي ليڊرشپ کي به يرغمال بڻائي رکجي. هينئر چيو پيو وڃي ته پي ٽي آءِ گناهه ڪبيرا ڪيو،انڪري اها سزا کان بچي نٿي سگهي، هن سموري کيڏ ۾ جيڪي ملوث آهن، يا جن جا ثبوت سامهون آيا آهن، اهي پي ٽي آءِ جا پهرين جوڙ جا عهديدار آهن، انهن جي شروعات به عمران خان کان ٿئي ٿي، ان سان گڏ هدايتون جاري ڪندڙ به ساڳئي رينڪ ايند فائل جا آهن. انهن جون آڊيوز ۽ ويڊيوز سامهون اينديون رهيو آهن. پر حيرت انهن سياستدانن تي آهي، جيڪي پي ٽي آءِ ۾ ڊگهي زبان رکندڙ افلاطون هئا، انهن کي پهريان ڀڄڻ جو موقعو فراهم ڪيو ويو، انهن اڳواڻن جون ڊوڙون به ڏسي چڪا آهيون. هي اهي سياستدان ئي آهن، جيڪي گهاٽ گهاٽ جو پاڻي پي ڪري ان پارٽي ۾ پهتا. سڀ ڏسي رهيا آهيون ته پي ٽي آءِ جي پهرين جوڙ جي تقريبن قيادت سر بچائڻ واري فارمولي تي عمل ڪري رهي آهي. جيڪڏهن ڪابينا ۾ ڪيترائي ڀيرا اهم وزارت تي رهڻ وارا ۽ ايستائين جو قومي اسيمبلي جو اسپيڪر چوي ته اهي توبهه تائب ٿي رهيا آهن، هاڻ هو ڪنهن به صورت ۾ پي ٽي آءِ سان گڏ نه رهندا ۽ ايستائين جو هو سياست ئي ڇڏي ڏيندا. هي ڪنهن المئي کان گهٽ ناهي.
هي ڳالهيون به عام آهن ته پي ٽي آءِ جي چيئرمين جي جتي ۾ نواز شريف جو پير وجهڻ لاءِ سمورو بندوبست مڪمل ٿي چڪو آهي. ان حوالي سان جنهن رياستي اداري نواز شريف کي لنڊن تائين پهچايو، اهو ئي کيس صاف ۽ شفاف بڻائي پاڪستان پهچائيندو. ان حوالي سان گهڻو ڪم ٿي چڪو آهي. پر واڳ ڌڻين جي هي راند نواز شريف جي ڏيهه واپسي تائين ڇيهه نه ڪندي، نئين سيٽ اپ ۾ ن ليگ کي به وڏو صدمو پهچي سگهي ٿو، جنهن وقت نئين سياسي صفبندي ٿيندي ۽ پي ٽي آءِ جي ڀڳوڙن کي اشارو ڪيو ويندو ته توهان کي ڪهڙي پارٽي جوائن ڪرڻي آهي. جيڪڏهن اليڪٽيبلز جيڪي 100 کان وڌيڪ آهن، انهن کي ٻنهي وڏين پارٽين مان ڪنهن هڪ ۾ موڪليو ويو يا وري انهن جو پريشر گروپ ٺاهي، واڳ ڌڻين جي آشيرواد به ڏني وئي ته پوءِ وري جيڪي دانهون ن ليگ ڪندي، اهي به ٻڌڻ جوڳيون هونديون!

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button