سنڌ ۾ عام بيمارين تي وقت سر ڌيان ڪونه ڏنو ويندو آهي ته پوءِ اهي وبائي بيمارين جي شڪل اختيار ڪري وينديون آهن. جڏهن ته سنڌ جو صحت کاتو ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ فعال آهي ۽ مختلف مرضن لاءِ سهولتون پڻ موجود آهن پر تنهن هوندي به سنڌ جي ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ صحت جي سهولتن جي کوٽ آهي. ٿيڻ ته ائين گهرجي جڏهن ڪنهن به علائقي ۾ ڪو مرض ڪاهي پوي ته ان جو علاج ترت ڪيو وڃي ته جيئن اهو وڌيڪ ماڻهن ۾ نه پکڙي سگهي پر اسان وٽ ڪوتاهي سبب اهو مرض نه رڳو وڌيڪ ماڻهن ۾ پکڙي ويندو آهي پر هڪ علائقي کان ٻئي علائقي تائين به پهچڻ ۾ دير نه ڪندو آهي، نتيجي ۾ جاني نقصان وڌندو رهندو آهي ۽ مرض ۾ورتل ماڻهو سرڪاري امداد لاءِ واجهائيندا رهندا آهن. ڪجهه ڏينهن کان رتيديري ۽ ان جي ڀرسان ٻهراڙين وارن علائقن ۾ ارڙيءَ جو مرض پکڙي رهيو آهي. ان مرض جي ڪري معصوم ٻار پنهنجون حياتيون وڃائي رهيا آهن.
رتيديري ۽ ان جي ڀرسان وارن ٻهراڙيءَ جي علائقن ۾ پکڙجي ويل ارڙيءَ جي موذي مرض تي ضابطو اچي ڪو نه سگھيو آهي، جنهن سبب مرض وبائي صورت اختيار ڪري ورتي آهي. جڏهن ته هڪ وڌيڪ معصوم ٻار ارڙيءَ جي مرض ۾ فوت ٿي ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڄاڻ ملي آهي ته رتوديرو شهر جي گھڻ آبادي واري پاڙي محمد هاشم ڀٽي جي رهواسي حبيب الله جيهو جو 4 ورهين جو معصوم پٽ علي حيدر گذريل ڏينهن ارڙيءَ جي بيماري سبب فوت ٿي ويو آهي. ياد رهي ته ان کان اڳ 9 ڏينهن ۾ هن موذي مرض ۾ 7 ٻار اجل جو شڪار ٿي ويا هئا. جڏهن ته ڇنڇر واري ڏينهن رتوديرو جو معصوم ٻالڪ علي حيدر جيهو پڻ فوت ٿي ويو. رتوديرو شهر ۽ ان جي آس پاس وارن ٻهراڙيءَ جي علائقن ۾ ارڙيءَ جو مرض خوفناڪ وبائي صورت اختيار ڪري ويو آهي پر تنهن هوندي به صحت کاتي جو هن پاسي ڪو به ڌيان ڪو نه آهي. هن سلسلي ۾ صحت کاتي جون اختياريون مڪمل طور خاموش نظر اچي رهيون آهن. جڏهن ته ٻين ڪيترن ئي معصوم ٻارن جون حياتيون هن موذي مرض سبب داءُ تي لڳل آهن. هوڏانهن ان حوالي سان ڊي ايڇ او لاڙڪاڻو ڊاڪٽر سيد اطهر حسين شاهه سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هن فون اٽينڊ ڪرڻ جي زحمت ئي نه ڪئي.
مٿي ڄاڻايل رپورٽ مان پڌرو آهي ته صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي ۽ صحت کاتي توڙي حڪومت پاران ان معاملي تي سنجيدگيءَ سان ڪو اپاءُ ڪونه ورتو ويو آهي. جنهنڪري ان امڪان کي رد نٿو ڪري سگهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ اهو مرض اڃا به وڌي سگهي ٿو ۽ وڌيڪ ٻار اجل جو شڪار ٿي سگهن ٿا. جڏهن ته ارڙي هڪ اهڙو مرض آهي جنهن جي ويڪسين ٿيندي آهي، نئين ڄاول ٻار کي به ان جا ٽڪا لڳرايا ويندا آهن. پر لڳي ائين رهيو آهي ته ٻارن کي ٽڪا نه لڳرايا ويا آهن. اسين سمجهون ٿا ته رتيديري جي متاثر ٻارن لاءِ جلدي صحت کاتي پاران ٽيمون موڪليو وڃن ۽ اتان جي صحت مرڪزن کي به الرٽ ڪيو وڃي ته جيئن مرض جو جلدي علاج ٿي سگهي.