شوبز

حبا بخاري گهريلو تشدد بابت خبر شرمناڪ قرار ڏئي رد ڪري ڇڏي

پاڪستان جي مشهور اداڪارا حبا بخاري پنهنجي حوالي سان گهريلو تشدد بابت خبر کي شرمناڪ قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق سوشل ميڊيا تي ڪجهه ڏينهن اڳ حبا بخاري بھ گهريلو تشدد جو شڪار جي عنوان سان وڊيو وائرل ٿي هئي. جڏهن تھ وائرل وڊيو ۾ حبا بخاري تي گهريلو تشدد جي ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا ويا آهن، جن کي حبا بخاري ڪوڙي خبر چئي اهڙي خبر ڏيندڙ اداري کي وارننگ بھ ڏني آهي. هوڏانهن حبا بخاري مٿس تشدد جي خبر ڏيندڙ نيوز پورٽل جو اسڪرين شاٽس شيئر ڪري زرد صحافت قرار ڏنو آهي. حبا بخاري گهريلو تشدد بابت ڪوڙي خبر ڏيندڙ نيوز پورٽل جي انتظاميا کي مخاطب ٿيندي ڄاڻايو آهي تھ هي نج زرد صحافت آهي، ڪوڙ پيکڙڻ فوري طور بند ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ تھ اهو شرمناڪ عمل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button