گڏيل قومن جي MDGs ۽ هاڻي SDGs ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو آهي ته تعليم سڀني لاءِ برابر ڪئي وڃي ۽ هر انسان کي تعليم تائين رسائيءَ جو حق حاصل هجي. تعليمي ادارن ۾ سازگار ماحول ڏنو وڃي ته جيئن ٻار سکيا مان لطف اندوز ٿي سگهن. نتيجي ۾ هر انسان قومي ترقيءَ ۾ پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور استعمال ڪندي حصو وٺي سگهي.
سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه سنڌ ۾ پهرين ٽرانسجينڊر پاليسي متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي ته جيئن سنڌ ۾ ٽرانسجينڊر ۾ تعليم جي فراهميءَ کي آسان بڻائي سگهجي. اهو هڪ ساراهه جوڳو فيصلو آهي.
ٽرانسجينڊر ڪميونٽيءَ کي اسان جو سماج انسان ئي قبولڻ لاءِ تيار ناهي. هر روز ڪو نه ڪو تشدد جو واقعو نظر مان گذري ٿو. جنهن ۾ ٽرانسجينڊر سان خراب سلوڪ ٿئي ٿو. ايستائين جو انهن کي قتل ڪيو وڃي ٿو. هڪڙي اندازي موجب 150000 ٽرانسجينڊر آهن، جن مان رڳو 4000 جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺهيل آهن ۽ اهو ان ڪري آهي جو حڪومت اڄ تائين انهن جي سڃاڻپ جي حوالي سان ڪو فيصلو ناهي ڪري سگهي. ان ۾ رڳو حڪومت نه پر عوام به برابر جو شريڪ آهي.
ٽرانسجينڊر کي نچڻ ڳائڻ يا وري سيڪس ورڪر طور سڃاتو وڃي ٿو ۽ سندن ان سڃاڻپ سبب سماج ساڻن غير انساني ۽ غير اخلاقي رويو رکي ٿو. ڪو به بنيادي حق کين نه ڏنو ويو آهي. انهن کي تعليم جو حق آهي، نه روزگار جو، نه گهروارا کين پنهنجو گهرڀاتي سمجهن ٿا نه ئي سماج ۾ سندن اهميت آهي.
سڌريل ملڪن ۾ ٽرانسجينڊر کي برابر جا موقعا ملن ٿا، نتيجي ۾ ٽرانسجينڊر پنهنجون ذميواريون ڀرپور نموني سان سرانجام ڏئي رهيا آهن. پر اسان وٽ ٽرانسجينڊر کي انسان به نه ٿو سمجهيو وڃي، جنهن جي نتيجي ۾ هو قومي ڌارا کان ٻاهر آهن. اسان جي سماج ۾ ڪڏهن خيال ئي آيو ته ٽرانسجينڊر جي به زندگي آهي، انهن کي ووٽ ڏيڻ جو به حق آهي. اليڪشن ۾ بيهڻ جو به حق آهي، شادي، تعليم ۽ روزگار جا به حق ٿي سگهن ٿا. ان صورتحال ۾ تعليمي پاليسيءَ ۾ ٽرانسجينڊر جي شموليت هڪ روشنيءَ جو ڪرڻو آهي. هاڻ شروعات ٿي چڪي آهي پر پنڌ اڃان گهڻو پري آهي.
پاليسيون پيپرن ۾ ته لکجي ٿيون وڃن پر انهن جو اصل امتحان عمل درآمد ڪرڻ وقت ٿئي ٿو. ان لاءِ ضروري آهي ته پاليسي جوڙڻ وقت سڀني لاڳاپيل ادارن، خاص طور تعليمي ماهرن کان رايا ورتا وڃن. استادن کي به صنفي طور حساس ٿيڻو پوندو، انهن کي به پنهنجي تعصب کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن بنا ڪنهن جنسي سڃاڻپ ۽ فرق جي سکيا لاءِ مناسب ماحول پيدا ٿي سگهي.
ٻارن ۾ به ان سوچ کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ٽرانسجينڊر جا ٻيا هم ڪلاسي کين برابر جو سمجهن ۽ دوستاڻيِ ماحول ۾ تعليم پرائي سگهن. نصاب تيار ڪرڻ توڙي تربيت ۾ استاد ۽ اسڪولن جي سربراهن ۽ منتظمن کي پڻ شامل ڪرڻ گهرجي. ڇو ته جيستائين اهي حساس نه ٿيندا تيستائين پاليسيءَ تي عمل درآمد ناممڪن هوندو. اميد ته ان پاليسيءَ ۾ ڊريس ڪوڊ کان ويندي ٻولي ۽ ڳالهائڻ توڙي استاد جي مددگار ڪردار کي به نظر ۾ رکيو ويندو. تاريخ هن بهترين عمل کي ضرور ياد رکندي.
پر اهو ياد رکڻ گهرجي ته ارڙهين ترميم کانپوءِ صوبن کي پاليسازيءَ جا اختيار مليل ئي آهن ته سنڌ جي تعليمي پاليسيءَ تي به هڪ نظر وجهڻ گهرجي. اسان جو هاڻوڪو تعليمي نظام ان زماني جو ٺهيل آهي، جڏهن رٽو هڻڻ کي اهميت هئي. پر اڄ جي ماڊرن ڊجيٽل دور ۾ جڏهن ڄاڻ توهان جي هٿن جي آڱرين جي هيٺان آهي رٽو هڻڻ فضول آهي.
ڄاڻ ايتري ته آهي جو هڪ جنم ان لاءِ ناڪافي آهي. ڊجيٽلائيزيشن جي دور ۾ ڄاڻ ۾ فرق ڪرڻ ڏکيو آهي ته ڪهڙي ڄاڻ اصلي آهي ۽ ڪهڙي ڄاڻ نقلي. ان صورتحال ۾ اسڪولن کي ٻارن کي رٽا هڻائڻ بدرانِ ان ڄاڻ تائين رسائي سيکارڻ گهرجي. شاگردن جي تنقيدي ۽ تجزياتي مهارت تي زور ڀرڻ گهرجي. شاگردن کي ڄاڻ فلٽر ڪري صحيح ۽ غلط ڄاڻ ۾ فرق ڪرڻ سيکارڻ گهرجي.
ٽيڪنالاجي اچڻ سبب سڄو ماحُول غيريقيني ٿي ويو آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته ٻارن کي اهو سيکارجي ته تبديليءَ کي منهن ڪيئن ڏجي ۽ ڪيئن نيون شيون تڪڙيون سکجن. ماحولياتي تبديلي ۽ ٽيڪنالاجي ايڊوانسمينٽ جي ڪري دنيا تڪڙي تبديل ٿي رهي آهي. تنهنڪري اسين تعليمي نظام ۾ تبديلي آڻيون ته جيئن اڄ جو شاگرد سڀاڻي جي ماحول سان هم آهنگ ٿي سگهي.