ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پنجاب ۾ پيپلز پارٽيءَ جو نئون جنم

Editorial-Article- Allahbux Rathor

هن ملڪ ۾ ڪنهن به سياسي پارٽيءَ جو اڪيلي سر اقتدار ۾ رهڻ غيريقيني رهيو آهي، ٻين صوبن ۾ جيتري به اندرين ۽ ٻاهرين مداخلت ٿيندي هجي، پر پنجاب سدائين مرڪز رهيو آهي. ان اهم صوبي ۾ اڳ ته پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ هئي، جنهن جي وچ ۾ ڪانٽي جو مقابلو ٿيندو هو، ووٽ وجهندڙن لاءِ صورتحال به گهڻي واضح هئي، پيپلز پارٽيءَ سان گهڻو ڪري لبرل، پروگريسو ۽ جمهوريت پسند گڏ هوندا هئا، جڏهن کان جنرل ضياءَ سياسي جوڙ توڙ ڪري
(ن) ليگ کي اڳيان آندو. ان کانپوءِ صورتحال گهڻي تبديل ٿي وئي. ڪجهه وٿي کانپوءِ هي فرق به ختم ٿي ويو ته ڪهڙي پارٽيءَ ۾ ڪهڙي قسم جو ڪيڊر ۽ ورڪر آهي، جيڪي ماضي جي سڃاڻپ هئا، اهو به ختم ٿي ويو. ان سان گڏ اقتدار جي حاصلات لاءِ سڀ ڪجهه جائز بڻجي ويو. ان دوران نئين سياسي فنا منا به سامهون آئي. فوجي آمرن پهريان (ن) ليگ ۽ پوءِ (ق) ليگ ۽ پي ٽي آءِ کي ڪنگز پارٽي بڻايو. ان سان گڏ اليڪٽيبلز جي فوج تيار ڪئي وئي، جنهن جي انڪار ۽ اقرار ڪرڻ سان ڪنهن به سياسي پارٽيءَ جي حڪومت ٺهي يا ڊهي سگهي پئي. ملڪ ۾ خاص ڪري پنجاب ۾ Stalwarts سياسي طبقو به ختم ٿي ويو ۽ ڪجهه سياسي ڊائنوسارز رهجي ويا. هينئر هڪ طرف اليڪٽيبلز ۽ ٻئي پاسي ڪنگز پارٽيءَ جو ڪردار فيصلائتو بڻجي ويو آهي. انهن کي جنهن طرف وڃڻ جو اشارو ملندو آهي، تقريبن ان پارٽيءَ جي حڪومت مرڪز توڙي پنجاب ۾ ٺهندي آهي. ماضي جيان هاڻ هي به ممڪن آهي ته مرڪز ۽ پنجاب کي الڳ الڳ سياسي فورسز جي حوالي ڪيو وڃي، ان حوالي سان ممڪن آهي ته اهڙو سيٽ اپ تيار ڪيو وڃي، جنهن ۾ مک پارٽيون، جيڪي واڳ ڌڻين جي آشيرواد سان سياسي ميدان ۾ رهجي سگهن ٿيون، انهن کي هڪ ئي وقت حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ رکيو وڃي.
پنجاب جنهن کي اقتدار جي سياست جو مرڪز سمجهيو ويندو آهي، اتان جي سياست ڪنهن هڪ قوت جي هٿ وس نه هوندي. هينئر توڙي جو پنجاب ۾ ڪنگز پارٽيءَ جي کوج لڳائي پئي وڃي، پر هي خيال گهڻو ڪري ائين نه رهي، جيئن ماضي ۾ رهيو. هينئر پنجاب ۾، جتي (ن) ليگ اهم قوت آهي، اتي پيپلز پارٽي به پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ واري آهي. ان سان (ق) ليگ به آهي، جيڪا اڳ ڪنگز پارٽي رهي چڪي آهي، پر ان جي عددي حيثيت گهڻي گهٽجي وئي آهي. چوڌري ڀائرن جي سياسي ورثي جي ورڇ کانپوءِ هي پارٽي وڌيڪ ڪمزور ٿي وئي آهي. هاڻ ان جي بحاليءَ جون ڪوششون جاري آهن. ان سان گڏ جهانگير ترين آهي، جنهن لاءِ چيو ٿو وڃي ته هن جي ڪوششن سان عمران خان ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺو. هينئر عمران خان هڪ طرف آهي ته ٻئي پاسي هن جي پارٽي مان 220 جي لڳ ڀڳ اڳوڻا اسيمبلي ميمبر نڪري چڪا آهن. هي سلسلو وڌيڪ تيزيءَ سان جاري رهندو. ان سان گڏ جهانگير ترين ۽ هاشم ڊوگر ۽ ٻيا ڊيموڪريٽس جي نالي سان سامهون آيا آهن، انهن ظاهري طور اعلان ڪيو آهي ته هو پنهنجي پارٽي رجسٽرڊ نه ڪرائيندا، پر جهانگير ترين پارٽي رجسٽرڊ ڪرائيندو يا وري جوڙ توڙ جو عمل ڪامياب ٿي ويو ته ٻن مکيه پارٽين مان ڪنهن هڪ جو حصو ٿي ويندو. پنجاب جي ميدان ۾ جهانگير ترين، ڊيموڪريٽس جو لاڙو (ن) ليگ ڏانهن به آهي، پر (ن) ليگ سمجهي ٿي ته انهن کي هو ماضي قريب ۾ آزمائي چڪا آهن، انهن جي اچڻ سان (ن) ليگ جي پنهنجي ووٽرز به انهن کي ووٽ نه ڏنو، ان ڪري هي تجربو ناڪام ٿي ويو. رڳو پيپلز پارٽي رهجي ويندي، جنهن ۾ هي گنجائش آهي ته وڌ کان وڌ ماڻهو ان پارٽيءَ جو حصو ٿين ۽ پ پ جي قيادت به اهوئي چاهي ٿي. ان حوالي سان هي خبرون به آيون ته 30 کان وڌيڪ اڳوڻا قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جا ميمبر پيپلز پارٽيءَ جو حصو ٿي ويا آهن. سرائيڪي بيلٽ جتي پ پ جو وڌيڪ اثر رسوخ ٻڌايو وڃي ٿو، اتي بقول اڳوڻي گورنر مخدوم احمد محمود جي ته سرائيڪي بيلٽ ۾ قومي اسيمبليءَ جون 60 سيٽون آهن. هو بهترين مقابلي جي پوزيشن ۾ آهن.
پي ٽي آءِ کان الڳ ٿيلن ۾ اڪثر اهي نمائندا آهن، جيڪي مسلم ليگي ذهنيت جا رهيا آهن. پ پ جا پنهنجا به ڪيترائي اڳواڻ پارٽي ڇڏي ويا. جن ۾ اعتزاز احسن، سردار لطيف کوسا، راجا رياض وغيره اهي پارٽيءَ کان پرڀرا آهن. پر اهي اڳواڻ موجود آهن، جيڪي سرائيڪي توڙي سينٽرل پنجاب ۾ جوڳو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. جيڪڏهن ڪو ٽيڪنوڪريٽ سيٽ اپ سال کن لاءِ نٿو اچي ته پوءِ پيپلز پارٽي به (ن) ليگ سان مقابلي واري پارٽي ٿي سگهي ٿي. پيپلز پارٽي ڪي پي ڪي ۾ ته هينئر به ڪمزور آهي، ها جيڪڏهن ان جا ماضي جا ليڊر واپس پارٽيءَ ۾ اچي وڃن ته صورتحال بهتر ٿي سگهي ٿي. بلوچستان ۾ آصف زرداري جوڙ توڙ ڪري سيٽون وٺي سگهي ٿو، سنڌ مان اڪثريتي سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪري سگهي ٿو. ان سان گڏ پنجاب جي سرائيڪي يا ڏکڻ پنجاب مان جوڳيون قومي توڙي صوبائي اسيمبليءَ جون سيٽون ڪڍي سگهي ٿو.
پهريان قومي اسيمبلي جون 342 ۽ هاڻ فاٽا جي ختم ٿيڻ کانپوءِ سيٽون 336 جي لڳ ڀڳ آهن. جنرل سيٽن، عورتن ۽ غير مسلمانن جي سيٽن تي نظر ڊوڙائي وڃي ته بلوچستان ۾ 20، ڪي پي ڪي جون 55، پنجاب ۾ 173، سنڌ ۾ 75، فيڊرل ڪيپيٽل جون 3 سيٽون آهن. 10 سيٽون غير مسلمانن جون به آهن. مجموعي طور جنرل سيٽون 266، عورتن جون 60، غيرمسلمانن جون 10 سيٽون آهن. انهيءَ ڪمپوزيشن ۾ مک پارٽيون پ پ ۽ (ن) ليگ هونديون.ممڪن آهي ته اتحادي حڪومت ۾ گڏ رهڻ ۽ عمران خان کي سياسي ميدان کان ٻاهر رکڻ لاءِ ٻنهي مکيه پارٽين ۾ سياسي ايڊجسٽمنٽ ٿي وڃي يا ڪرائي وڃي ته جيئن سياسي استحڪام کي يقيني بڻائي سگهجي. جيڪڏهن ٽيڪنوڪريٽس جو سيٽ اپ آيو ته ان ۾ ن ليگ توڙي پ پ کي گهڻو فائدو نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته ان کي ڪا ٻئي قوت ڪنٽرول ڪندي. جيڪڏهن ماضي جي فارمولي کي ورجايو ويو ته مرڪز ۾ پ پ ۽ ان جون اتحادي پارٽيون ۽ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ (ن) ليگ، جي يو آءِ ف رهن ته هي به ممڪن آهي. پر آصف زرداري جي سياسي ڪيمسٽريءَ کان جيڪي واقف آهن، اهي سمجهن ٿا ته هو مرڪز توڙي صوبن ۾ (ن) ليگ کي اتحادي حڪومت جاري رکڻ لاءِ چوندو. ممڪن آهي ته واڳ ڌڻي به ساڳي تجويز سان اتفاق ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button