درياهه جي ڪنڌي جا لوڪ ڄاڻين ٿا ته جڏهن درياهه جي بند کي ڪٿان رُوڻ پوندي آهي تڏهن پاڻي اندران ئي اندران ڪيئن مٽي مان پنهنجا مختلف لنگهه ٺاهي، ڦاٽ کائي نڪرندو آهي. جيڪڏهن بند کي پيل رُوڻ هلڪي هجي ته پوءِ ماهر ٻاڌا ان کي ٻڌي به وٺندا آهن پر جيڪڏهن رُوڻ وڏي آهي ۽ ان ڏانهن مهل سان ڌيان ناهي ڏنو ويو ته پوءِ ڪير ڪيتري به کڻي ڪوشش ڪري پر اها رُوڻ ناهي ٻڌي سگهبي. ڇاڪاڻ جو پاڻي اندران ئي اندران ايترا ته رستا ٺاهي چڪو هوندو آهي، جو ان کي جيڪڏهن ڪنهن هڪ هنڌان هٿيڪو ڪبو ته اهو ٻئي هنڌان ڦاٽ کائي نڪري ويندو آهي ۽ ايئن بند ٽُٽندا آهن ته ٻوڏون به اينديون آهن.
مٿئين مثال جي تناظر ۾ پاڻ هن وقت پنهنجي ملڪي نظام جو جيڪڏهن جائزو وٺنداسين ته ان نظام کي به هنڌان هنڌان رُوڻون پئجي چڪيون آهن ۽ رياست جا ٻاڌا رُوڻون ٻڌندي سهڪي پيا آهن پر ڪوبه آسرو نٿو ڏسجي. هڪ هنڌان ٿا هٿ ڏين ته ٻئي هنڌان ڦاٽ ڦاٽيو پوي. رياست جا سمورا ادارا تڪراري بڻجي چڪا آهن، سياست ۾ هاڻ ايماندار يا بي ايمان جو ڪوبه فرق ناهي رهيو. ڪير ملڪ سان وفادار آهي ۽ ڪير ملڪ جو غدار؟ اهو معاملو به هرڪا ڌر پاڻ پنهنجن مفادن کي سامهون رکي طئي ڪري رهي آهي ۽ سڀ هڪ ٻئي خلاف فتوائون جاري ڪرڻ ۾ پورا آهن. هاڻ اهي ماڻهو، جن جون هن سياسي ۽ معاشي بحران سبب جيئڻ جون واهون بند ٿي چڪيون آهن يا جيڪڏهن ڪي ٿورا گهڻا رهيل آهن ته انهن جون به اميدون ختم ٿي رهيون آهن، سي ماڻهو ڇا ٿا سوچين؟ جيڪڏهن انهن ماڻهن جي راءِ جي ڪوئي خبر چار وٺي ڏسي ته اُتي حيراني جي حد تائين رياست کان لاتعلقي موجود آهي.
اهو هيئن ته عام ماڻهو، جنهن کي هاڻ چڱائي جو ڪٿان به آسرو نه رهيو آهي ۽ سندس زندگي گهاڻي ۾ پيڙجي رهي آهي، تنهن کان جيڪڏهن وڃي پڇبو ته هو اڄ ڪنهن به هڪ اداري يا سياسي ڌُر جو نالو کڻڻ بدران سڀني تي هڪڙي چاڙهي ٿو ته ٻي لاهي ٿو. ماڻهو چون ٿا ته هي جيڪو هر ڏينهن جو رولڙو آهي، تنهن کان يڪو ڳالهه هڪڙي پاسي ٿئي ته جان ڇُٽي. ماڻهو چون ٿا ته رڳو اسان جا ڇپر ۽ جهوپڙيون ڇو؟ ڀلي سموري ٻيلي کي باهه لڳي ته جيئن سڀني کي خبر پوي ته باهه ڪيئن هوندي آهي. منهنجي خيال ۾ ڪنهن به رياست جي ان کان وڏي ٻي ڪابه ناڪامي ٿي سگهي ئي نٿي جو عوام مان جاري تباهي جو خوف ختم ٿي وڃي ۽ هو اڃان وڏين بربادين لاءِ دعا جا هٿ کڻڻ لڳي.
ايئن ڇو ٿيو؟ اهو ان ڪري ٿيو جو هن رياست جي رکوال ادارن تاريخ جي انجام کان اکيون پوري ڇڏيون هيون. انهن کي خبر به هئي ته جنهن بند جي آسري هو ويٺا آهن، تنهن کي رُوڻون پئجي رهيون آهن پر انهن اهو سڀڪجهه نظرانداز ڪري رڳو پنهنجا ڪوٽ ۽ قلعا محفوظ ڪيا. هاڻ جڏهن بند ٽُٽي چڪو آهي ۽ گهڻ طرفي بحران جي ٻوڏ شهرن ڳوٺن ته ڇا پر انهن لوهي ڪوٽن ۽ قلعن جي چائنٺ به ٽپي چڪي آهي، جن ۾ رهندڙن اهو ڪڏهن خواب ۾ به نه سوچيو هو ته ڪا ٻوڏ سندن گهرن تائين به اچي سگهي ٿي، تڏهن ماڻهن وٽ انهن ڪوٽ قلعن ۾ رهندڙن لاءِ ڪابه همدردي ناهي. بلڪ سچي ڳالهه اها آهي ته ماڻهو انهن آسودن جو خوف يا خواري ڏسي خوشيون ملهائي رهيا آهن. ماڻهو آخر خوشيون ڇو نه ملهائين؟ جيڪڏهن رياست ماڻهن جي ڏکن سورن کان لاڳاتار لاتعلق رهندي ته ماڻهو به رياست کان لاتعلق ٿي ويندا ۽ جڏهن ڪنهن به رياست جو عوام رياست کان لاتعلق ٿي وڃي ته پوءِ ان جو ٻيهر سڱ نٿو جڙي. بلڪ اسين ته اهڙي رياست ۾ رهون ٿا، جنهن ۾ ڪن عوامي سياسي اڳواڻن عوام جو رياست جا سڱ جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهڙن اڳواڻن کي رياست پاڻ سدائين لاءِ رستي تان ئي هٽائي ڇڏيو. ان جو مطلب ڇا؟ ان جو مطلب ته هن رياست کي ماڻهو فقط اهي کپن جيڪي سندس آڱرين تي نچندا رهن ۽ اتهاس ٻڌائي ٿو ته آڱرين تي نچڻ وارا ڪردار رياستن کي بچائي نه سگهندا آهن. اڄ اهو ڪجهه ئي پاڻ ڏسي رهيا آهيون ته حقيقي عوامي جمهوري ڪردارن کان وانجهيل نظام ۾ بحرانن جي آيل ٻوڏ ۾ آڱرين تي نچڻ وارا توڙي نچائڻ وارا سڀ گڏجي ٻڏي رهيا آهن ۽ عوام في الحال وتائي فقير وانگر ٽٽل بند تي رلي ڪُلهي تي رکيو لاتعلق ٿيو بيٺو آهي.