ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

رسول بخش پليجو: سنڌ جي حقن جو علمبردار!

محترم رسول بخش پليجي جي ستين ورسي جو يادگار ۽ تاريخي موقعو آهي، سموري ملڪ جا ترقي پسند، عوام دوست، جمهوريت پسند ۽ ساڃهه وند کين هر جا تي ياد ڪري رهيا آهن. سنڌ ۽ سنڌي قوم جي حقن جي حوالي سان رسول بخش پليجي جي سڃاڻپ سنڌ جي حقن ۽ جدوجهڊ جي علمبردار ۽ بيباڪ ۽ مدلل وڪيل واري رهي آهي. وفاق ۽ صوبائي خودمختياري جا معاملا هجن، قومي حقن جي ڳالهه هجي يا خاص طور تي ڪالاباغ ڊئم واري منصوبي خلاف تحريڪ جي علمبردار جي حيثيت ۾ سندس ڪردار ۽ عوامي تحريڪ ۽ ترقي پسندن جي اتحاد کي متحرڪ ڪرڻ ۽ نتيجا حاصل ڪرڻ ۾ سندس شاندار ۽ مثالي ڪردار رهيو آهي. اڄ جيڪڏهن ملڪ ۾ ڪالاباغ ڊئم منصوبو ملڪ جي ٽن صوبن سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي اسيمبلين طرفان ڪيترائي ڀيرا رد ڪيو ويو آهي ۽ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ آف پاڪستان ۾ ان خلاف آواز بلند ٿيندا رهيا آهن. ملڪ جي جمهوريت پسند ۽ ترقي پسند جماعتن پاڪستان پيپلز پارٽي، عوامي نيشنل پارٽي ۽ بلوچستان جي قوم پرست جماعتن جي گڏيل جدوجهد ۽ ڪاوشن ۽ فيصلن جي نتيجي ۾ ڪالاباغ ڊئم وارو ڪيس ملڪ جي پارليامينٽ ۽ صوبن جي اسيمبلين ۾ پڻ پيش ٿيو ۽ ٽن ننڍن صوبن جي اسيمبلين طرفان ان رٿا خلاف ٺهرا منظور ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ هن وقت ڪالاباغ ڊئم واري رٿا کي ڪارو نانگ قرار ڏئي دفن ڪيو ويو آهي.
پاڪستان واري خطي ۾ موجود انقلابي جماعتن ۽ انهن جي اڳواڻن ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هن خطي ۾ پورهيتن، هارين ۽ محنت ڪش عوام جو سڀ کان وڏو اڳواڻ ۽ ترقي پسند تحريڪ جو سرواڻ رهيو. اڳتي هلي دنيا جي انقلابن ۾ ٿيندڙ واڌ ويجهه، تبديلين ۽ فڪري ضرورتن ۽ اهميت ڪري سنڌ جي جياپي جي مسئلن ۽ عوام جي حقن جي حفاظت لا ترقي پسند فڪر ۽ نظرئي جي ٿيل واڌ ويجهه واري ماحول ۾ ڪامريد حيدر بخش جتوئي بعد سنڌ جي ترقي پسند تحريڪ ۽ عورتن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ ۾ جناب رسول بخش پليجي، فاضل راهو جي سرواڻي ۾ سنڌي عوامي تحريڪ قائم ڪئي وئي ۽ ان بعد نالي ۾ تبديلي بعد عوامي تحريڪ بڻجي وئي.
محترم رسول بخش پليجو يقيني طور تي هڪ غير معمولي اڳواڻ ۽ هڪ شاندار مدبر ۽ ڪامياب وڪيل هو. اها پڻ حقيقت آهي ته، سنڌ جي مسئلن، وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ تڪرارن جي حل ۽ ملڪ کي منصفاڻو ۽ ڪامياب وفاق بنائڻ جي حوالي سان پڻ بهترين موقف ۽ قابل عمل نقطا ۽ دليل پيش ڪرڻ جي حوالي سان کين خاص شهرت حاصل هئي. ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ، عدالتن، فڪري ۽ علمي مرڪزن ۽ سياسي جماعتن ۾ سندس خطاب جي وڏي هاڪ هوندي هئي ۽ سندس مخالف جماعتن جا ماڻهو پڻ پليجي صاحب جا مداح هوندا هئا ۽ سندس خطاب نه صرف غور سان ٻڌندا هئا پر انهن مان گهڻو سکندا پڻ هئا. ائين چئجي ته سنڌ جي ترقي پسند، جمهوريت پسند ۽ قوم پرست سياست تي رسول بخش پليجي جي فڪر جي ڇاپ ۽ اثر رهيا آهن ته اهو وڌا نه ٿيندو، يقينن، پليجي جو سنڌ جي فڪري جاڳرتا ۾ ترقي پسند ڌرين جو ڪردار تمام اهم رهيو آهي.
جناب رسول بخش پليجو يقينن هڪ شاندار مقرر هو ۽ هن سموري ملڪ ۾ پنهنجي مدلل خطابن ذريعي وفاقي سرشتي جي خامين کي اجاڳر ڪيو ۽ 1940ع واري قرارداد پاڪستان جي روح موجب وفاق پاڪستان کي تبديل ڪرڻ لا پنهنجي ترقي پسند مفڪر ۽ جمهوريت پسند اڳواڻ طور پنهنجي مثالي سڃاڻپ قائم ڪئي. هن ملڪ جي وفاقي سرشتي کي منصفاڻو بنائڻ انصاف ڪرڻ ۽ اڻ برابري ختم ڪرڻ لا وفاق جو شاندار نموني مقدمو پيش ڪيو. رسول بخش پليجي طرفان جيڪي دليل پيش ڪيا ويندا هئا اهي مثالي هوندا هئا. پليجي صاحب جو اهو ڪمال هو جو مختلف سياسي جماعتن جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن پڻ سندس خطاب ٻڌڻ لا مڙي اچي ميڙ ٿيندا هئا. محترم رسول بخش پليجي جو فڪر ۽ فلسفو ملڪ جي اقتدار ۽ اختيارن جي مالڪن جي قول، فعل ۽ عملن خلاف موقعي جي مناسبت سان سندس تيار ڪيل مضبوط مقدمو تيستائين قائم ۽ دائم رهندو ۽ ملڪ ۽ قومن جي رهنمائي ڪندو رهندو جيستائين انهي تي سنجيدگي ۽ ثابت قدمي سان عمل نه ٿو ڪيو وڃي تيستائين انهي جا پڙاڏا سموري ملڪ ۾گونجندا رهندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button