ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

بجيٽ ۽ عوام

ايندڙ مالي سال 2024-2023ع جي بجيٽ اچڻ ۾ باقي هڪ ڏينهن رهيو آهي، بجيٽ اچڻ تي غريب ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن کي گهڻي پريشاني هوندي آهي. هن جي من ۾ اهو سوال هوندو آهي ته هاڻوڪي بجيٽ ۾ ان لاءِ ڪهڙيون شيون سستيون ٿينديون ۽ ڪهڙيون شيون مهانگيون ڪيون وينديون. پاڪستان ۾ اڳ ئي جتي مهانگائي بلند ترين سطح تي هلي رهي آهي، اتي جيڪڏهن بجيٽ وسيلي به مهانگائي ڪئي وڃي ته پوءِ مهانگائيءَ جا ڪيترائي رڪارڊ ٽٽي سگهن ٿا. پر ان ڳالهه جي پرواهه حڪمرانن کي ڪونه هوندي آهي، انهن کي رڳو عوام آڏو انگ اکر پيش ڪري بجيٽ پيش ڪرڻي هوندي آهي، جنهن کان پوءِ عوام ڄاڻي ۽ مهانگائي ڄاڻي. هاڻوڪي بجيٽ ۾ به حڪومت ڪنهن اسمن تي ٽيڪس وڌائڻ جو سوچي رهي آهي، جن مان ڪي اسم اهڙا به آهن، جيڪي عام ماڻهو جي استعمال آهن.
وفاقي سرڪار طرفان ايندڙ مالي سال 24- 2023ع جي بجيٽ ۾ موبائيل فون، جانورن جي خوراڪ، ڪاسميٽڪس، ڪنفيڪشنري اسمن، چاڪليٽن، ميڪ اپ جي سامان سميت 3 درجن کان وڌيڪ امپورٽيڊ شين، لگزري آئيٽم ۽ نان فائلرز تي ٽيڪس جي شرح وڌائڻ جو امڪان آهي. فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي ذريعن موجب ايندڙ وفاقي بجيٽ ۾ 100 ڊالر کان وڌيڪ ماليت جي موبائيل فون تي ڊيوٽي وڌائڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن. امپورٽ ٿيندڙ انرجي سيور بلب، فانونس ۽ ايل اي ڊي مهانگا ٿيندا، امپورٽ ٿيندڙ اليڪٽرانڪ شين تي سيلز ٽيڪس 25 سيڪڙو برقرار رهندو، جڏهن ته امپورٽيڊ ميڪ اپ جي سامان لپ اسٽڪ، مسڪارو ۽ فيس پائوڊر تي پڻ سيلز ٽيڪس جي شرح 25 سيڪڙو تائين برقرار رکڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب وارن لا استعمال ٿيندڙ امپورٽيڊ ڪلر، پالتو جانورن جي خوراڪ، برانڊڊ جوتا، عورتن جا امپورٽيڊ پرس، شيمپو، صابڻ ۽ لوشن تي به سيلز ٽيڪس 25 سيڪڙو رهندو. ايندڙ بجيٽ ۾ اس کان بچائيندڙ امپورٽيڊ عينڪون، پرفيوم، خانگي هٿيار، برانڊڊ هيڊ فونز، آئي پوڊز، اسپيڪر، لگزري ٿانو، امپورٽيڊ در دريون، ٽائيلز، ڪارپيٽ ۽ غاليچن تي سيلز ٽيڪس جي شرح 25 سيڪڙو برقرار رهندي، ان کانسوا امپورٽيڊ انرجي ڊرنڪس، جوس، گاڏيون، موسيقي جا اوزار، امپورٽيڊ بسڪيٽن، بيڪري ۾ ٺهندڙ شين، امپورٽيڊ چاڪليٽن ۽ ڪينڊي تي 25 سيڪڙو ئي سيلز ٽيڪس وصول ڪيو ويندو. ذريعن موجب لگزري شين تي سيلز ٽيڪس 25 سيڪڙو رهڻ سان وفاقي حڪومت کي لڳ ڀڳ 55 ارب رپين جي اضافي ڪمائي حاصل ٿيندي. ذريعن موجب ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ مجموعي طور تي 700 کان 750 ارب رپين تائين جا نوان ٽيڪس لڳندا.
اسين سمجهون ٿا ته حڪومت ڀلي بجيٽ آڻي ۽ لگزري شين تي ٽيڪس لاڳو ڪري، انهن کي مهانگو ڪري پر گهٽ ۾ گهٽ عوام جي رسائي انهن شين تائين ضرور يقيني بڻائي جيڪي ان جي ضرورت جون شيون آهن. حڪومت ٽيڪس مان ملندڙ پئسي کي ان طبقي تي خرچ ڪرڻ کان ڇو ٿي ڪيٻائي جيڪو هر حوالي سان ڏتڙيل آهي ۽ ان وٽ کائڻ لاءِ اٽو به مشڪل سان هوندو آهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عام واهپي جي شين کي سستو ڪيو وڃي ته جيئن عوام لاءِ ڪجهه آسانيون پيدا ٿي سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button