پاڪستانپنجاب

چونڊون تڏهن ٿينديون جڏهن آئون ڪرائيندس: آصف علي زرداري

لاهور: اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري چيو آهي ته صبر جو اهڙو ميوو ملندو جو سڀ غم ختم ٿي ويندا، اليڪشن ان وقت ٿيندا جڏهن آئون ڪرائيندس. بلاول هائوس لاهور ۾ سينٽرل پنجاب جي اميدوارن کي خطاب ڪندي آصف زرداري چيو ته هو ٻن مهينن ۾ چونڊون نه ڪرائي سگهيا، چونڊون تڏهن ئي ٿينديون جڏهن آئون ڪرائيندس.

هن چيو ته پيپلزپارٽي ۽ مون هميشه جدوجهد ڪئي آهي، ڪارڪن صبر ڪن ڇو ته صبر جو ميوو ضرور ملندو ۽ سڀ ڏک ۽ تڪليفون ختم ٿي وينديون. هن چيو ته مون 14 سالن جي جيل ۾ معيشت تي ڪيترائي ڪتاب پڙهيا، پنهنجي دور ۾ حل ڏنا، جنهن سبب اسان جي دور ۾ پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا 24 ارب ڊالر ٿي ويا. انشاءَ الله ملڪ جي معيشت کي سنڀاليندس ۽ پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا 100 ارب ڊالرن تائين آڻيندس. آصف زرداري چيو ته فوج تي ڪو وڏو خرچ ناهي، اها پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي، جن کي سياست ناهي ايندي انهي وٽ حل به ناهي هوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button