گذريل ھفتي قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم عمران خان پاران پيش ڪيل 33 بل سندس پنھنجي پارٽيءَ جي ڪجھه ميمبرن ۽ اتحادي ڌرين خاص ڪري ايم ڪيو ايم ۽ چوڌري پرويز الاهي جي مسلم ليگ وارن جي ڇرڪائيندڙ غير حاضريءَ ڪارڻ منظور نه ٿيا. عمران خان کي وقتي طور تي ته سگھاري ڌر ڌوڏي ڇڏيو جنهن کانپوءِ جتي سرڪاري ڪئمپ ۾ مايوسي ۽ حيراني واسو ڪيو ته اتي مخالف ڌر جي اڳواڻن خوشيءَ وچان مست ٿي اھڙيون اڳڪٿيون ڪيون ته، بس گھڻو ٿيو، ھاڻي عمران خان جي پڇاڙي آھي. ھفتي ڏھن ڏينھن اندر تحريڪ انصاف حڪومت جو انت اچي ويندو ۽ اسٽيبلشمينٽ جلاوطن مسلم ليگي اڳواڻ ميان نواز شريف کي ڏاڍن دھلن دمامن سان واپس آڻي کيس يا سندس نامزد ڪيل ڪنهن شخصيت کي اقتدار جي ڪرسيءَ تي ويهاري ڇڏيندي. ٽي وي چئنلز ۽ سوشل ميڊيا تي سوين اينڪرن ۽ سينئر صحافين وڏي اعتماد سان دعويٰ ڪري ڇڏي ته ھاڻي عمران خان پارليامينٽ ۾ اڪثريت وڃائي ويٺو آهي تنهن ڪري نه ڪي نوان قانون پاس ٿي سگهندا ۽ نه ئي عمران خان حڪومت پنج سال پورا ڪري سگهندي. پر اربع تي گھرايل گڏيل پارلياماني اجلاس ۾ اھي سمورا ميمبر حاضر ٿي ويا جن چار ڏينهن اڳ ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سميت ٻين ڪيترن ئي قانونن تي اعتراض اٿاريو ھو ۽ اجلاس مان ئي غير حاضر رهيا. اھي اٿئو سگھاري ڌر جا ڌراڙن وارا ڌڪ!
انھن تازن ڌڪن جتي عمران خان سرڪار جي سوڀ جو نغارو وڄائي ڇڏيو اتي کيس اھو سبق به سيکاري ڇڏيائون ته تون اسان جي پاليل ٻلي، اسان تي آئيندي ميائون ميائون نه ڪجانءِ. سمورن اتحادي توڙي تحريڪ انصاف جي ميمبرن جي واڳ ڌڻين جي وس ۾ آهي ۽ رهندي. مخالف ڌر جي اڳواڻن جي تصويرن ۾ سندن منھن لٿل ڏسي ۽ شھباز شريف، مولانا فضل الرحمان توڙي بلاول زرداريءَ جي بدن ٻولي پڙھي، اھو سمجھڻ ڏکيو نه هو ساڻن وڏو ڌڪ ٿي ويو آهي. ھو وڏي خوشفهمي ۾ اچي پاڻ کي اقتدار جي ايوانن ۾ موجون ڪندي ڏسي رهيا ھئا پر ڏينهن ڏٺي وارا سندن خواب في الحال ته لڙھي ويا. اسٽيبلشمينٽ جا واڳ ڌڻي ايترا سادا ۽ ڀورا نه آهن جو انهن شريفن، مولانن ۽ زردارين کي طشتري ۾ تخت رکي ڏين جن کان جند ڇڏائڻ لاءِ گذريل چونڊن ۾ ھيڏي ساري ھير ڦير ڪري پاڻ کي سليڪٽر جو لقب ڏياري ڇڏيائون. ھاڻي ھو نه سرڪاري ڌر سان ٻڌل آهن ۽ نه مخالف ڌر سان. ھو فقط پنهنجي مخصوص سوچ ۽ سمجھ جا تابعدار آهن.
ھاڻي ھو وڌيڪ بدناموسي کان بچڻ لاءِ ضرور ڪي اھڙا اپاءَ وٺندا جن سان ايندڙ عام چونڊن لاءِ پرامن ماحول ۽ سمورن اسٽيڪ هولڊرس کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا.
مون کي ھڪڙو ٽي وي فنڪار عامر لياقت حسين ڏٺي ڪونه وڻي پر پارليامينٽ مان سرڪاري ڌر پاران مڙھيل 33 بل پاس ڪرائڻ لاءِ ھو جڏھن صحافين ڀرسان لنگهيو ته ھڪڙي ڄڻي کيس ياد ڏياريو ته، “ڀائي صاحب! اوهان ته اعلان ڪيو ھو عمران خان سان واسطو ختم ڪرڻ جو، اڄ ھتي ڪيئن آيا آهيو؟ ٺھه پھه ورندي ڏنائين ته آيو ناهيان، آندو ويو آهيان. پڇيائونس ته ڪنهن آندو آهي اوهان کي؟ جواب ۾ چيائين، جيڪي سدائين لاڏ ڪوڏ سان آڻيندا آهن تن آندو آهي” عامر لياقت جھڙو لوٽو اھڙي ڳالهھ سندس واڳ ڌڻين جي مرضيءَ بنا ھرگز نه ٿو ڪري سگهي. سندس واتان اهو پيغام وزير اعظم عمران خان لاءِ هو ته جيئن ھو پنھنجي ھٺ ۽ ھوڏ تان لھي، اڳي جيان فرمانبردار ٿي ڪم ڪري ۽ مالڪن کي اکيون ڏيکارڻ بند ڪري.
بھرحال اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي گڏيل اجلاس ۾ حڪومت جيڪي قانون منظور ڪرايا آهن تن ۾ گھڻا ته اھڙا تڪراري آهن جن کي سپريم ڪورٽ به رد ڪري سگهي ٿي. وڏي ڳالهه ته ووٽن جي ڳڻپ ۾ اسپيڪر اسد قيصر جيڪا رياڪاري ڪئي ۽ ڌر بڻجي مخالف پارٽين جو ٻيھر ڳڻپ وارو مطالبو مڃڻ کان ٺپ انڪار ڪيائين سو به پارلياماني توڙي اخلاقي اعتبار سان بنھه غلط ۽ غير قانوني طريقو آهي. اسان ماضيءَ ۾ جناب فخر امام ۽ ملڪ معراج خالد جھڙن روادار ۽ اصول پرست اسپيڪرن کي فيصلا ڪندي ڏٺو آهي ته ھو ھر طريقي سان اپوزيشن وارن کي مطمئن ڪرڻ لاءِ اھڙا مطالبا مڃڻ ۾ ويرم ئي نه ڪندا هئا. آڪٽوبر 1989 ۾ جڏهن وزير اعظم بينظير ڀٽو خلاف جنرل اسلم بيگ جي دٻاءُ تي صدر غلام اسحاق خان ۽ پنجاب جي تڏهوڪي وڏي وزير ميان نواز شريف عدم اعتماد جي رٿ آندي ۽ ووٽن جي ڳڻپ کان پوءِ بينظير ڀٽو سوڀاري ٿي ته مخالفن ٻيھر ووٽ ڳڻڻ جي گھر ڪئي جنهن کي معراج خالد صاحب تسليم ڪيو ۽ ٻيھر ڳڻپ ۾ اھو ثابت ٿيو ته ھڪڙو به ووٽ غلط نه وڌو ويو آهي.
دنيا جي پارلياماني نظام ۾ ڏسون ٿا ته تڙتڪڙ ذريعي قانون سازي ڪري، هڪڙي ئي لحظي ۾ 33 بل ته ڇا ڪو ھڪڙو بل به پاس نه ڪري سگهبو آهي. ھر ھڪ بل کي پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن ۾ ھفتن جا ھفتا ان نئين قانون جي منفي ۽ مثبت پاسن تي بحث ۽ ويچار ونڊي، گڏيل راءِ سان منظوري ڏني ويندي آهي. عمران خان حقيقت ۾ ٻنهي ايوانن تي اربع ڏينهن غير قانوني طريقي سان ڪيل قانون سازي ڪري ڄڻ سمورن چونڊيل نمائندن جي سوچ ۽ سمجهھ تي بلڊوزر هلائي ڇڏيو آھي جنھن جا نتيجا ظاھر آھي ته سٺا نه ٿا نڪري سگهن. ھي ته جمهوريت جي آڏ ۾ فاشزم جو مظاهرو آهي جنهن لاءِ مالڪن به اگرن نتيجن جو حساب ڪتاب لڳائي، کيس کليل ڇوٽ ڏني ته چڙهي وڃ پٽڙا ستين آسمان تي، پوءِ ڏسون ته ڪير ٿو توکي ھيٺ لاھي؟ ڇا مخالف ڌر ھاڻي سڀ کان پهرين سينيٽ جي چيئرمين صادق سنجراڻي خلاف بي اعتمادي جو ووٽ نه آڻيندي؟ ضرور آڻيندي پر مونجھارو پيدا ڪري ٿي پيپلز پارٽي جيڪا مخالف پارٽين جي اتحاد پي ڊي ايم ۾ ھوندي به پي ڊي ايم کان ٻاهر آهي ۽ پنهنجا فيصلا نظريه ضرورت مطابق ڪندي آهي. پيپلز پارٽي سچي ٿئي ته سنجراڻي کي ھٽائڻ لاءِ گھربل ووٽ پورا آهن. عمران خان جا اربع ڏينهن 33 قانون پاس ڪرائڻ ۾ به ته پيپلز پارٽيءَ جي غير حاضر ٿيل ميمبرن اسٽيبلشمينٽ جو اڻ اعلانيل ساٿ ڏنو ھو. وڏي ڳالهه ته آصف علي زرداريءَ جو ساڄو هٿ سيد نويد قمر شاهه به اجلاس ۾ نه آيو ڇو ته سندس ڀاءُ ۽ اين آئي سي وي ڊي اداري جو سربراهه ڊاڪٽر نديم قمر شاهه ڪروڙين رپين جي فراڊ وارن ڪيسن ۾ نيب کي گھربل آھي. سندس لاءِ لازمي آهي ته ڀاءُ کي بچائڻ لاءِ حڪومت جو سھولتڪار بڻجي.
بھرحال پيپلز پارٽي جيڪي به ڪري ٿي ڪندي رهي، جيڪڏهن پي ڊي ايم جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان اڪيلي سر به سپريم ڪورٽ ۾ ھنن قانونن جي منظوري واري بلڊوزر خلاف دانهيو ته ان تي عدالت ان ڪري به ويچار ڪري سگهي ٿي ڇاڪاڻ ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاڻ به ھن ڪيس ۾ ڌر ٿيڻ واسطي تياري ڪري ڇڏي آهي. اليڪشن ڪميشن جو دليل آهي ته ووٽ وجهڻ واري طريقي کي ھڪڙي قانون ذريعي بدلائي ڇڏڻ ممڪن ئي ناهي. ٻه اڍائي لک ڪمپيوٽر آپريٽر ۽ ماھر کپندا، جن کي گھٽ ۾ گھٽ ٻه سال تربيت ڏيڻ لازمي آهي. عام ماڻهن کي ڪيئن سيکاربو جن جي تمام وڏي گھڻائي اڻپڙهيل آهي. سون تي سهاڳو اهو ته جيڪڏهن ڪنهن ھڪ ڪمپيوٽر جي ھڪ به چپChip خراب ٿي پوي ته نتيجا ظاھر نه ڪري سگهبا. گھڻا اميدوار ته ھارائڻ جي ڊپ وچان ھاسيڪار ان کي ڦٽائي سگھن ٿا. مخالف ڌر سان گڏوگڏ اليڪشن ڪميشن جو اعليٰ عدالت ۾ تڪرار ھن اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين واري مامري تي ملڪ جي گھٽين ۽ رستن تي پڻ سياسي ڪارڪنن وچ ۾ جھيڙا جهٽا ڪرائيندو. تنھن ڪري مان سمجهان ٿو ته ايندڙ پنجن سالن جي حڪومت لاءِ ھٿ پير ھڻڻ مان وزير اعظم عمران خان کي سواءِ بدنامي ۽ رسوائي جي ٻيو ڪجهه به نصيب نه ٿيندو. پھرين پنھنجو باقي بچيل مدو ته پورو ڪري ڏيکار، او سرڪار! اڌ کي ڇڏي سڄي ڏانهن واجھائڻ وارا پنهنجو اڌ به وڃائي ويهندا آهن.