ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ ۾ وڌندڙ اغوا جون وارداتون

جيڪڏهن ڪجهه مهينن جي رڪارڊ جو جائزو وٺجي ته سنڌ ۾ قتل ۽ اغوائن جي وارداتن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ اچي رهي آهي، جنهنڪري نه رڳو سنڌ جو امن امان داءُ تي لڳل آهي پر ان سان سنڌ جا ماڻهو پنهنجو پاڻ کي غير محفوظ پڻ سمجهي رهيا آهن. جڏهن ته پوليس جهڙي اهم کاتي جو ڪم عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ آهي. پر لڳي ائين رهيو آهي ته پوليس پنهنجون ذميواريون ڪونه پئي نڀائي، ان کانسواءِ اغوا ڪار ايترا ته بااثر ٿي ويا آهن جو اهي جنهن شهر مان چاهين شهرين کي اغوا ڪرڻ ۾ دير نٿا ڪن. اهڙين حالتن خلاف شهرين وٽ فقط هڪ ئي رستو بچي ٿو ته اهي احتجاجي مظاهرا ڪن يا وري هڙتالن جو سڏ ڏين ته جيئن پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي ڪجهه دٻاءُ وڌي ۽ مغوين جي بازيابي ٿي سگهي. سنڌ جي ٻين شهرن وارن خيرپور ۽ ڪنڌڪوٽ جا شهري به اغُوا ٿي رهيا آهن پر اغوا ٿيل ماڻهو ڪيترن ئي ڏينهن تائين بازياب نه ٿي سگهيا آهن.
خيرپور ڀرسان ڳوٺ ربن جوڻيجو جي رھواسي علي ڏنو جوڻيجو جي اغوا خلاف سوين ماڻهن قومي شاهراهھ شاھه حسين باءِ پاس کان پريس ڪلب خيرپور تائين 6 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري ڌرڻو هنيو، جنھن جي اڳواڻي سياسي سماجي اڳواڻ ڪري رهيا هئا. ريلي کي خطاب ڪندي هنن چيو ته 40 ڏينهن کان ڳوٺي ربن جوڻيجو جو رهواسي پورهيت علي ڏنو جوڻيجو ڌاڙيلن وٽ قيد آهي، ڌاڙيلن مغوي جي وارثن کي فون ڪري هڪ ڪروڙ رپيا طلب ڪيا آهن، مغوي تي تشدد ڪرڻ، سندس جسم جو 90 سيڪڙو حصو زمين ۾ دفن ڪرڻ سميت مختلف اذيتون ڏنيون پيون وڃن، جنهن جو رڪارڊ ايس ايس پي خيرپور، ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ ايٽ ڪشمور ۽ ايس ايس پي سکر سميت لاڳاپيل پوليس آفيسرن کي ڏيڻ باوجود ٺلھا آسرا ڏنا پيا وڃن. هنن مطالبو ڪيو ته مغوي علي ڏنو جوڻيجو کي 5 ڏينهن تائين بازياب ڪرايو وڃي، ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. جڏهن ته ڪنڌڪوٽ ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪيو. شٽربند هڙتال جو اعلان ڪيو ويو. ڪنڌڪوٽ ۾ معصوم ٻار عظيم ميڻڪ، مزار خان گولو، واجب گولو، موتي رام، نندلال ۽ ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ جماعت اسلامي پاران 20 ڏينهن تي به گھنٽا گھر چوڪ تي احتجاجي ڪئمپ تي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن ايس ايس پي ھٽايو ضلعي ۾ امن ڪرايو، معصوم عظيم ميڻڪ کي بازياب ڪرايو، پورھيت موتي رام کي بازياب ڪرايو، نندلال کي بازياب ڪرايو، مزار گولو کي بازياب ڪرايو. ضلعي مان اغوا ٿيل سمورن مغوين کي بازياب ڪرايو جي نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته امن تحريڪ ۾ شھر جو ھر طبقو شامل آهي، ھر سياسي جماعت امن لا آواز اٿاري رھي آهي.
هي انتهائي خطرناڪ صورتحال آهي، جنهن کي منهن ڏيڻ پوليس جو ڪم آهي ۽ ان کانسواءِ سنڌ حڪومت جي ذميواري پڻ آهي پر هيستائين ته ڄڻ حڪومت ۽ پوليس جي انهن معاملن کان لاتعلي لڳي پئي آهي. اسين سمجهون ٿا ته جن شهرن ۾ اهڙيون وارداتون ٿي رهيون آهن، انهن خلاف ترت ڪارروايون ڪيون وڃن. ان کان سواءِ جيڪي ماڻهو به شهرين جو جيئڻ جنجال ڪري رهيا آهن، انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ته جيئن شهري سک جو ساهه کڻي سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button