پاڪستانسنڌ

سنڌ تي آزمائش جي گهڙي، سامونڊي طوفان اڄ ڪيٽي بندر سان ٽڪرائجندو

سامونڊي طوفان بپر جوائي اڄ سنڌ جي ساحلي علائقن سان ٽڪرائجندو، طوفان جو ڪراچي ۽ ڪيٽي بندر کان مفاصلو 300 ڪلوميٽرن کان به گهٽ رهجي ويو، ڪيٽي بندر ۽ ڀارتي رياست گجرات ۾ 325 ڪلوميٽر وسيع سامونڊي ڪناري تي اڄ شام طوفان ٽڪرائجڻ جو امڪان آهي، جنهن جي نتيجي ۾ جاتي، کارو ڇاڻ ۽ شاهبندر جا علائقا خطري هيٺ آهن، سمنڊ جون ويرون چڙهي اچڻ ڪري ڪيٽي بندر شهر مڪمل طور پاڻي هيٺ اچي ويو آهي، ٻئي طرف حڪومت ۽ ضلعن جي انتظاميا خطري وارن علائقن مان 69 هزار ماڻهن کي حفاظت سان محفوظ هنڌن تائين پهچائڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي آهي. مليل ڄاڻ موجب سامونڊي طوفان بپر جوائي جي ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ سنڌ ۽ ڀارتي رياست گجرات جي سامونڊي علائقن ۾ عام هوائن جي رفتار 25 کان 35 ۽ ڪٿي ڪٿي 150 ڪلوميٽر تائين به پهچي سگهي ٿي. موسميات کاتي موجب بپرجوئي ڪراچي جي ساحلي پٽي سان نه ٽڪرائجندو پر طوفان جو اثر ڏسڻ ۾ ايندو، طوفان سبب هاڪس بي ۾ سمنڊ ۾ چاڙهه وڌي ويو آهي، جڏهن ته منوره ڏانهن ويندڙ زميني رستو پڻ ڪٽجي ويو آهي، ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ڪٿي تيز برسات جو سلسلو جاري آهي. ڪراچي جي ساحلي پٽي تي بپر جوائي جا اثر ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن، سمنڊ ۾ شديد چاڙهه اچي ويو آهي، شهر ۾ اڄ هلڪي برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ اڄ کان 16 جون تائين تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات پوڻ جو امڪان آهي، جنهن دوران شهري ٻوڏ جو به خطرو آهي. بيپر جوائي کان جاتي، کارو ڇاڻ ۽ شاهبندر جا علائقا خطري هيٺ آهن، بدين ۽ ٺٽي جي ساحلي علائقن ۾ به تيز هوائون هلي رهيون آهن، تيز هوائن سبب هاءِ ٽرانسميشن لائين جا ٿنڀا ڪري پيا، جنهن سبب علائقي ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي. سمنڊ جي چڙهيل ڇولين ڪيٽي بندر شهر کي مڪمل طور پاڻي هيٺ آڻي ڇڏيو آهي، جتي ڪالهه شام جو شديد گهٽ ۽ گرمي بعد هلڪي برسات شروع ٿي هئي،. جنهن سان موسم به تبديل ٿي وئي آهي. بدين ۾ زيرو پوائنٽ، ڪارو گونگڙو، چڪ 57، ڀڳڙا ميمڻ سميت ساحلي علائقن مان ماڻهن جي نيڪالي جو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن گڏاڻي ۾ جيٽي مٽي سان ڀرجڻ سبب مهاڻن کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ماهيگير ٻيڙين کي ڪناري تي آڻڻ لاءِ 10 کان 15 هزار رپيا ادا ڪرڻ تي مجبور آهن. ٻئي طرف جي او سي حيدرآباد ميجر جنرل محمد حسين ۽ ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد بلال احمد ميمڻ جي صدارت هيٺ دربار هال سجاول ۾ هڪ هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڊي آءِ جي حيدرآباد سيد پير محمد شاهه، ڊپٽي ڪمشنر سجاول امتياز ابڙو، ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو غلام فاروق سومرو، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر بدين نجيب جمالي، ايس ايس پي سجاول امداد علي شاهه، ايس ايس پي ٺٽو عديل حسين چانڊيو، اي ايس پي بدين سعد بن عبيد ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سجاول، ٺٽي ۽ بدين جي ڊپٽي ڪمشنرن بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ساحلي ڳوٺن ۽ ماهيگيرن جي آبادين مان ماڻهن کي ڪڍڻ جو ڪم رات دير تائين جاري رهيو، ساحلي آبادين جي لڏپلاڻ ۽ متاثرن جي محفوظ هنڌن تي منتقلي کي يقيني بڻايو ويندو، سرڪاري عمارتن ۽ محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو پيو وڃي جڏهن ته پاڪ فوج، نيوي، رينجرز، پوليس، چونڊيل نمائندا، سرڪاري عملدار ۽ ملازم آبادي کي ڪڍڻ ۽ منتقلي ۾ مصروف آهن. ڊپٽي ڪمشنر سجاول جو چوڻ هو ته ضلعي ۾ 22 هزار 542 ماڻهو خطري ۾ هئا جن مان 19 هزار 137 ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان 14 رليف ڪيمپون پڻ قائم ڪيون ويون آهن. ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو ٻڌايو ته ضلعي جي 18 ھزار آبادي خطري ھيٺ ھئي انھن سڀني کي ريسڪيو ڪيو ويو آھي ۽ 10 رليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر بدين جو چوڻ هو ته ضلعي جي خطري ھيٺ آيل علائقن مان 30 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ 14 رليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن. ڊپٽي ڪمشنرن وڌيڪ ٻڌايو ته امدادي ڪيمپن ۾ متاثرن کي پڪل کاڌو، پيئڻ جو صاف پاڻي، صحت ۽ ٻيون سموريون گهربل سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. ان موقعي تي جنرل آفيسر ڪمانڊنگ حيدرآباد ميجرجنرل محمد حسين ۽ ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد بلال احمد ميمڻ بروقت ريسڪيو ۽ ٻين تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪندي کين هدايت ڪئي ته امڪاني خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن. بعد ۾ جنرل آفيسر ڪمانڊنگ حيدرآباد ميجر جنرل محمد حسين ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد بلال احمد ميمڻ، ڊي سي سجاول امتياز ابڙو ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن سان گڏ سجاول ۽ جاتي ۾ قائم امدادي ڪئمپن جو دورو ڪري انتظامن ۽ سهولتن جو جائزو ورتو ۽ متاثرن سان ملاقات ڪري کين هر قسم جي سھڪار ۽ مدد جو يقين پڻ ڏياريو. هوڏانهن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد بلال احمد ميمڻ چيو ته سمنڊ کان ويجهو وارن علائقن جي 5 کان 6 ڪلوميٽر ايريا ۾ 70 هزار آبادي کي ٻاهر ڪڍڻ جو ٽارگيٽ ڏنو ويو، جنهن مان اسان 69 هزار ماڻهو ڪڍي چڪا آهيون، باقي ڪٿي ڪٿي 2 ٽي سئو ماڻهو رهجي ويا آهن، ٺٽو، سجاول، بدين ضلعن ۾ اسان 32 رليف ڪئمپون قائم ڪيون آهن، جتي کاڌو پيتو، دوائون ۽ ٻيون سهولتون ڏئي رهيا آهيون، متاثرن لا اٺن ڏينهن جو مڪمل کاڌو پيتو موجود آهي، بدين، جاتي، چوهڙجمالي ۽ ٻين ويجهن شهرن ۾ اربن فلڊنگ جو خدشو آهي، جتي اسان جو ٽارگيٽ اهو آهي ته انهن علائقن مان 48 ڪلاڪن اندر پاڻي ڪڍيو ويندو، کارو ڇاڻ جي هڪ ڳوٺ جا ماڻهو ضد ڪري گهرن مان نڪرڻ لا تيار نه آهن پر اسان انهن کي زوري ٻاهر ڪڍنداسين. هن وڌيڪ چيو ته اسان سان گڏيل قومن جا عملدار ۽ آرمي آفيسر به گڏ آهن، طوفان جي خطري هيٺ آيل هر ضلعي لا اسان 25 ملين (اڍائي ڪروڙ) طلب ڪيا هئا، مجموعي طور 10 ڪروڙ رپين جي رقم اسان کي ملي چڪي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button