سنڌ

حيدرآباد ۾ پيپلز پارٽي جا ميئر ۽ ڊپٽي ميئر اميدوار بنا مقابلي ڪامياب

حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن تي پيپلزپارٽي جا ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جا اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن. ميئر جي عهدي تي پ پ اميدوار ڪاشف شورو ۽ ڊپٽي ميئر جي عهدي تي محمد صغير قريشي جي بنا مقابلي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. سندن مقابلي ۾ فارم ڀريندڙ اميدوار هٿ کڻي ويا, جڏهن ته ٽي ايل پي اميدوارن جا نامزدگي فارم رد ٿي ويا هئا، جنهن ڪري ميئر جي عهدي ڪاشف شورو ۽ ڊپٽي ميئر جي عهدي تي صغير قريشي جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن حيدرآباد جي نوٽيفڪيشن موجب نامزدگي فارمن تان هٿ کڻڻ جي آخري تاريخ تي ٻيا اميدوار نامزدگي فارمن تان دستبردار ٿي ويا، جنهن ڪري ڪاشف شورو ۽ صغير قريشي جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button