سنڌ

حيدرآباد ريجن ۾ پوليس به هائي الرٽ، موڪلون رد، بندن جي نگراني جو حڪم

ڊي آ جي پير محمد شاهه سمنڊ ۾ بيپر جوا طوفان جي امڪاني خطري سبب حيدرآباد ريجن جي پوليس کي ها الرٽ رهڻ جو حڪم ڏيندي اهلڪارن ۽ عملدارن جون موڪلون رد ڪري ڇڏيون آهن. جڏهن ته رينجرز، سول ايڊمنسٽريشن ۽ آبپاشي کاتي جي عملدارن سان رابطو رکڻ لا آفيس ۾ ڪنٽرول روم پڻ قائم ڪيو آهي، جيڪو 24 ئي ڪلاڪ فعال رهندو. حيدرآباد ريجن جي سمورن ضلعن ۾ پڻ ڪنٽرول روم قائم ڪيا ويا آهن، جتي سمورن ايس ايس پيز ۽ ڊي ايس پيز کي اسٽينڊ با رهڻ، عوام کي امداد پهچائڻ ۽ ريسڪيو آپريشن جاري رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ها ويز ۽ پاڻي وارن علائقن ۾ پوليس عملدارن کي گشت ڪرڻ جي حڪم سان گڏوگڏ اها هدايت پڻ ڪئي وئي آهي ته حساس بندن تي آبپاشي عملدارن سان گڏجي دورا ڪيا وڃن. ٻئي طرف 156 پوليس عملدارن کي متاثر ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي پهچائڻ لا سورنهن گاڏيون ۽ ضلعي انتظاميا جي مدد سان 248 پرائيويٽ گاڏيون فراهم ڪيون ويون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button