پاڪستانسنڌ

سرڪاري ڪئمپن ۾ متاثرن جو نه ڪو همدرد نه سهارو، رڳو پٽاٽن جي ڀت تي گذارو!

سامونڊي طوفان جي خوف کان اباڻا ڪک ۽ گهر جو سک ڇڏي سرڪاري رليف ڪئمپن ۾ منتقل ٿيل هزارين ماڻهو مناسب خوراڪ، صاف پاڻي ۽ ٻيون سهولتون نه ملڻ ڪري پريشان آهن، متاثرن کي ڪٿي ناشتو به نصيب نٿو ٿئي ته ڪٿي وري سڄي ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو پٽاٽن جو ڀت ڏئي صبر جي تلقين ڪئي وڃي ٿي. مليل ڄاڻ موجب بدين جي انتظاميا سامونڊي پٽي جي اڃا به ڪيترن ئي ڳوٺن مان ماڻهن کي ڪئمپن ۾ آڻي نه سگهي آهي، جنهن ڪري هينئر به احمد راڄو، ڀڳڙا ميمڻ، روپا ماڙي، ٻهڊمي ۽ ٻين مختلف علائقن ۾ 90 سيڪڙو ماڻهو ڳوٺن ۾ موجود آهن، ضلعي انتظاميا پاران صرف 11 ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن، جيڪي سيراڻي، ڀڳڙا ميمڻ، احمد راڄو، آرمي پبلڪ اسڪول، شهيد لکاڏنو هائي اسڪول احمد راڄو ۽ ٻين هنڌن تي موجود آهن، جن ۾ 15 ھزار جي لڳ ڀڳ ماڻهن کي رهايو ويو آهي پر اهي کاڌي پيتي سميت هر بنيادي سهولت کان محروم آهن. متاثر ماڻهن احمد ملاح، رفيق خاصخيلي، جان محمد، شريفان، آمنا ۽ ٻين چيو ته صوبائي وزير اسماعيل راهو توڙي ضلعي انتظاميا ٺلها آسرا ۽ ڪوڙا دلاسا ڏنا آهن، ڪئمپن ۾ ڪا به سهولت ناهي، تنهن ڪري ٻين مختلف ڳوٺن جا ماڻھو ڪئمپن ۾ اچڻ لاءِ تيار ئي ناهن. ٻئي طرف مختيارڪار گولاڙچي ديدار نهڙيو ۽ ڊي ايس پي عبدالرحيم خاصخيلي موجب ڪارو گونگڙو ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن مان هيل تائين 400 کان مٿي ماڻهن کي منتقل ڪيو ويو آهي، ساحلي پٽي مان منتقل ٿيندڙ ماڻهن لا گولاڙچي جي سرڪاري اسڪولن ۾ رليف ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن. هوڏانهن شاهبندر ۾ لڏپلاڻ ڪري ڪئمپن ۾ منتقل ڪيل ڪيترن ئي متاثر کاڌ خوراڪ نھ ملڻ جون شڪايتون ڪيون آهن، ڳوٺ حسين دل جي مڊل اسڪول ۽ پرائمري اسڪول عارب عباسي ۾ ترسيل شاھبندر جا 250 کان مٿي ڳوٺاڻن کي نه ماني ملي ۽ نه ئي پيئڻ جو پاڻي ڏنو ويو، جنهن سبب متاثر سخت مشڪلاتن کي منھن ڏئي رھيا آھن، جڏھن ته ڳوٺن ۾ ڇڏيل چوپائي مال کي چارو توڙي پيئڻ جو پاڻي نه ملڻ سبب ڍور ڍڳا اڃ مري رھيا آھن. ٻئي طرف جاتي شھر ۽ ڀرپاسي جي سيڪنڊري، پرائمري ۽ خانگي اسڪولن جي عمارتن ۾ 9 رليف ڪئمپون قائم ڪيون ويون آھن، جتي مختلف ساحلي علائقن جا 5 هزار جي لڳ ڀڳ متاثر ترسيل آھن. جاتي ها اسڪول جي رليف ڪئمپن ۾ ويٺل نور محمد ٿھيمور، حاجي ڌانڌل، جمعون ملاح ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته اسان شھر جي مين پرائمري اسڪول ڪئمپ ۾ ٻن ڏينھن کان ترسيل آھيون، جتي صبح جو ناشتو نٿو ڏنو وڃي ۽ ٻنپهرن ۾ صرف پٽاٽن وارو ڀت ڏنو وڃي ٿو. هنن چيو ته اسڪول جي رليف ڪئمپ ۾ متاثرن جو انگ وڌيڪ آھي پر پيئڻ جي پاڻي جو بندوبست به ناھي ڪيو ويو. ٻئي طرف جاتي تعلقي ۾ فوج جي مدد سان ساحلي علائقن يونين ڪائونسل ڪوٺي جي ڪلڪان ڇاڻي، يوسي ڪڙملڪ جي امين موري، چوٻٽي سميت ڳوٺ حاجي ڌانڌل، قاسم ٿھيمور، نورو ٿھيمور، جمن ٿھيمور سميت درجن کان وڌيڪ ساحلي ڳوٺن جي رهواسين کي ٻاهر ڪڍي شھر جي رليف ڪئمپن تائين پھچايو ويو آهي، جڏھن ته يوسي گل محمد ٻارڻ، يوسي ڪڙملڪ ۽ يوسي ڪوٺي جي اڌ آبادي اڃا رليف ڪئمپن تائين منتقل نه ڪئي وئي آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button