پاڪستانسنڌ

ساحلي پٽي ۾ طوفان کان اڳ تيز هوا سان وسڪارو، سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ، ڪچا گهر ڊهي پيا

سامونڊي طوفان اچڻ کان اڳ برساتن ساحلي پٽي جي رهواسين جون پريشانيون ٻيڻيون ڪري ڇڏيون، طوفان سنڌ جي ويجهو ايندي ئي ڪيٽي بندر، کارو ڇاڻ، جاتي ۽ شاهبندر سميت سجاول، ٺٽي ۽ بدين ضلعن جي ساحلي پٽي ۾ برساتن جو سلسلو ٻئي ڏينهن تي وڌيڪ تيز ٿي ويو، گذريل ٻن ڏينهن کان وقفي وقفي سان هلندڙ وسڪاري سبب سمنڊ جي ويرن ۾ به چاڙهه اچي ويو آهي. مليل ڄاڻ موجب ٺٽو، بدين، سجاول، چوهڙ جمالي، ڪيٽي بندر، ڳاڙهو، مڪلي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوا سان برسات شروع ٿي وئي، جنهن سبب مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو آهي، طوفان جي گهيري ۾ آيل لاڙ جي ٽنهي ضلعن جا سوين ڳوٺ مڪمل طور سمنڊ جي پاڻي جي گهيري ۾ اچي ويا آهن ۽ ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو آهي، سجاول ضلعي جي سامونڊي پٽي ۾ ويرون چڙهڻ سبب ڳوٺ خليفو، ميرو ملاح، محمد ماڇي، ڳوٺ اسماعيل ٻالاڻي ۽ موليڏنو اوٺو پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جنگيسر، حجامڙو ڪريڪ ۽ ڀرپاسي جا 10 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ آيل آهن، جتي پاڻي گهرن ۾ داخل ٿيڻ ڪري علائقي ۾ خوف ڦهلجي ويو، جيئن جيئن سامونڊي طوفان جو وقت ويجهو اچي رهيو آهي، تيئن صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي نظر اچي رهي آهي. چوھڙ جمالي ۽ شاھبندر جي ساحلي پٽي تي تيز ھوا سان زوردار برسات ماڻھن جا سور ٻيڻا ڪري ڇڏيا آهن، ڪيترن ئي گھرن جون ڇتيون اڏامي ويون ۽ سوين ڪچا گھر ڊھي پيا آھن، شاھبندر ۾ ماڻھن کي ريسڪيو ڪرڻ لا پاڪ فوج، نيوي، رينجرز ۽ پوليس جا جٿا شاھبندر. چوھڙ جمالي ۽ کارو ڇاڻ پھچي ويا آھن، انتظاميا پاران خالي ڪرايل ڪيترن ئي ڳوٺن وريو جت، محمد بقادار، گهنور جت ۽ عمر جت ۾ سمنڊ جو پاڻي داخل ٿي ويو آهي، جڏهن ته تعلقي کارو ڇاڻ جي يو سي جان محمد جت جي ڪيترن ڳوٺن ۾ ھن وقت به رھواسين جي موجودگي جا اطلاع آهن جن کي انتظاميا محفوظ ھندن تي منتقل نھ ڪري سگھي آهي، وقفي وقفي سان پوندڙ برسات سبب سامونڊي پٽي جي ڪيترن ئي ڳوٺن جو شھرن سان رابطو ڪٽجي ويو آهي. تيز ھوائون لڳڻ سبب ڪيٽي بندر جي حجامڙو ڪريڪ تي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ سمنڊ جون ويرون چڙهي آيون ۽ کارو پاڻي گھرن ۾ داخل ٿي ويو آهي، ڳاڙهي ڀرسان ڳوٺ حيات جت کي ڏنل بچاءُ بند ٽٽڻ ڪري ڳوٺ ۾ سمنڊ جو پاڻي داخل ٿي ويو، جنهن کي ٻڌڻ لاءِ ڳوٺاڻا پنھنجي مدد پاڻ تحت ڪوششن ۾ لڳي ويا، گذريل رات ڪيٽي بندر شھر کي ضلعي انتظاميا پوليس ۽ فوج جي مدد سان خالي ڪرائي ڇڏيو هو، جڏهن ته ڊي سي ٺٽو غلام فاروق سومرو جي ھدايتن تي کارو ڇاڻ جي 10 ڳوٺن مان پڻ ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ جو سلسلو جاري آهي. ٻئي پاسي بدين جي سامونڊي پٽي سميت ضلعي جي مختلف شهرن ۾ ٻئي ڏينهن به منجهند ۽ شام جو تيز وسڪارو جاري رهيو، جنھن ڪري مختلف ڳوٺن جا ڪچا رستا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button