
ڪجهه ڏينهن اڳ مون پرتگال جي نوبل انعامي يافتا ناول نگار حوزي ساراماگو جو ناول “Skylight” پڙهڻ شروع ڪيو. حوزي جو ڳاڻيٽو دنيا جي ڪجهه بهترين اسٽوري ٽيلرز ۾ ٿئي ٿو. هن جي ناولن جون لکين ڪاپيون وڪرو ٿي چڪيون آهن. هي ناول هن جي زندگي جو ٻيو ناول هو جنهن ۾ هن ٻين عالمي جنگ کانپو سن 1950ع واري لسبن ۾ رهندڙ ماڻهن جي زندگين جي عڪاسي ڪئي. جنگ ته ختم ٿي وئي پر اڃا به اتي سالازار جي آمريت هلي رهي هئي. ان حوالي سان ناول جي مهاڳ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هي ڪنهن به صورت سياسي ناول نه آهي.
هن ناول جو مهاڳ پائلر ڊيل ريو، جيڪا حوزي جي گهر واري هجڻ سان گڏ اسپيني صحافي ۽ حوزي ساراماگو فائونڊيشن جي صدر پڻ آهي. مهاڳ ۾ ناول جي حوالي سان حيرت ۾ وجهندڙ واقعو لکيو آهي. هو لکي ٿي ته هڪ ڏينهن ساراماگو ڏاڙهي لاهي رهيو هو جو فون وڳو هن فون تي ڳالهائيندي چيو: “ڇا واقعي!! نه نه فڪر نه ڪريو مان اتي اڌ ڪلاڪ ۾ پهچان ٿو.”
هو لکي ٿي ته هن زندگي ۾ ڪڏهن به حوزي کي ايڏو تڪڙو وهنجندي نه ڏٺو هو. ان کانپو حوزي کيس ٻڌايو ته هو پبليشر کان 1940ع ۽ 1950ع ۾ لکيل ناول “Skylight” جو ٽائيپ ٿيل مسودو کڻڻ پيو وڃي. اها سن 1989ع جي ڳالهه آهي پبليشر هن کي چيو هي ناول ڇاپڻ هنن لا اعزاز جي ڳالهه هوندو. پر حوزي پبليشر کي اهو ناول ڇاپڻ کان ٺپ منع ڪري ڇڏيو، انهن ڏينهن ۾ هو پنهنجي ناول “دي گوسپل اڪراڊنگ ٽو جيزز ڪرائسٽ” تي ڪم ڪري رهيو هو. هو اهو گم ٿي ويل ناول گهر کڻي آيو. هن کي پبليشر پاران ناول ڇاپڻ يا نه ڇاپڻ واري جواب جو 36 سالن تائين انتظار ڪرڻو پيو. انهن ڏينهن ۾ هن جي ڄمار رڳو 31 ورهيه هئي. ناول جي حوالي سان پبليشر جي اهڙي لاپرواهيءَ تي حوزي کي دلي طور رنج پهتو ۽ ان حوالي سان هو ٽن ڏهاڪن تائين پيڙا ڀري ماٺ ۾ رهيو.
“اسان گهر ۾ هن ناول کي ‘The book lost and found in time’ سڏڻ لڳاسين ۽ جڏهن اسان اهو ناول پڙهيو ته حوزي کي چيوسين هي ناول جلدي ڇپرايو. پر حوزي ضد تي بيٺل رهيو ۽ هن اهو ناول ڇپائڻ کان ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو. هن جو چوڻ هو ته جيتري تائين هو جيئرو رهندو ايتري تائين اهو ناول ڪونه ڇپائيندو.” نيٺ سن 2011ع ۾ اهو ناول ڇپيو ۽ جڏهن اهو پرتگالي ۽ بزازيلي پڙهندڙن جيڪي هن جي ٻولي ڳالهائين ٿا، جي هٿن ۾ آيو ته اهي ان جي ساراهه ڪرڻ لڳا.
هر ليکڪ جي زندگي ۾ اهڙو وقت ضرور ايندو آهي جڏهن هن جي لکڻي ڪيترن ئي سببن جي ڪري نه ڇپجي سگهندي آهي. ايتري تائين جو مسودو وٺي ان کي رکي ڇڏيندو آهي ۽ ليکڪ کي ڪوبه جواب نه ڏيندو آهي ۽ ليکڪ هر منٽ، هر ڪلاڪ ۽ هر ڏينهن انهي انتظار ۾ گذاريندو آهي ته ڄاڻ پبليشر وٽان فون آيو ۽ هن ٻڌايو ته اهو هي ناول يا ڪهاڻي ڇاپي ٿو. انتظار جا اهي پل هڪ ليکڪ لا عذاب مثل هوندا آهن. پر ڪنهن ليکڪ جو لکيل ناول 36 سالن تائين پبليشر وٽ سڙندو رهي ۽ پو هڪ ڏينهن پبليشر چئي ته هاڻي هن کي اهو ناول ڇپائيندي خوشي ٿيندي ويتر ئي ڏکائيندڙ هوندو آهي.
سنڌ سوڌو سموري دنيا جا پبليشر اسان ليکڪن مان ئي ڪمائيندا آهن، پر ان هوندي به هنن جو ليکڪن سان عجيب رويو آهي. انهن لا ليکڪ تخليقڪار بدران وڪرو ٿيندڙ هڪڙو وکر آهي. اڪثر پبليشر ته ڪنهن وڏي ليکڪ جي مرڻ جي انتظار ۾ هوندا آهن، همراهه مئو نه آهي ۽ پبليشر هن جا ڪتاب ڇپرايا نه آهن. جيڪڏهن اهي ڪتاب ليکڪن جي زندگين ۾ ئي ڇپجي پون ته هوند انهن ليکڪن جي زندگي ئي وڌي وڃي. ڪجهه ڏينهن اڳ ملڪ جي مشهور تاريخدان ڊاڪٽر مبارڪ علي سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو جاري ڪئي جنهن ۾ هن ٻڌايو ته هن ملڪ جو وڏي ۾ وڏو ڇپائي گهر “فڪشن هائوس” هن جي اجازت کانسواءِ ڪتاب ڇپائي بنا حساب ڪتاب جي ئي وڪرو ڪندو رهي ٿو ۽ انهن مان لکين روپيا ڪمائي ٿو، پر ليکڪ کي رائيلٽي ۾ ٽڪو به ڪونه ٿو ڏئي. اسان سنڌي ليکڪن کي ته وري اها ئي خبر ڪونهي ته رائيلٽي ٿيندي ڇا آهي؟ اسان کي چيو ويندو آهي رائيلٽي ڇڏيو، پنهنجي ٻولي ۽ قوم سان لائيلٽي ڏيکاريو. اهڙي روش جو نتيجو اهو ٿو نڪري ته پبليشر بنا خرچ ڪئي لک پتي ٿيو وڃي ۽ ويچارو ليکڪ غربت واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. مان سمجهان ٿو ڇپائيءَ جي حوالي سان اسان وٽ انڊسٽريل قانون تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي.