ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عام چونڊون ۽ سياسي پارٽيون

Editorial-Article- Akhtar Hafeez

عام چونڊون ٿيڻ کان اڳ ۾ جيڪي تبديليون ٿيڻيون هيون، انهن مان هڪ تبديلي ته آرمي چيف جي هئي، جيڪا گذريل سال ٿي وئي. نئين آرمي چيف جنرل عاصم منير کي عمران خان نيازي گهڻو ئي تڪراري بڻايو پر تنهن هوندي به هو نه رڳو آرمي چيف ٿي ويو پر ان کان پوءِ جيڪي ڪجهه ٿيو، ان سان عمران خان نيازيءَ جا خواب ڀور ڀور ٿي ويا. ان کان سواءِ ٻي اهم تبديلي چيف جسٽس جي آهي. هاڻوڪو چيف جسٽس عمر عطا بنديال نه رڳو تڪراري ٿي چڪو آهي پر هن جو لاڙو عمران خان نيازيءَ ڏانهن ڪجهه وڌيڪ محسوس ٿئي ٿو. ان ڪري ئي سندس ڪيل فيصلا عمران خان نيازيءَ جي حق ۾ گهڻا رهيا آهن. سندس گرفتاريءَ کان پوءِ جيڪا تڪڙي ضمانت ٿي هئي سا به هاڻوڪي چيف جسٽس ڏني هئي.
عام چونڊن ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون پارٽيون منظر عام تي اينديون، انهن مان هڪ نئين پارٽي استحڪام پاڪستان پارٽي به آهي، جنهن کي جهانگير ترين ۽ عليم خان ليڊ ڪري رهيا آهن. هونئن ته ملڪ ۾ نئين پارٽيءَ جو ٺهڻ ۽ ان کي سپورٽ ڪرڻ اسٽيبلشمينٽ جو ڪم آهي. جيڪا سدائين ڪنگ ميڪر پارٽيءَ جي ڳولا ۾ هوندي آهي. پي ٽي آءِ به ان جو تسلسل هئي پر جيئن ته پي ٽي آءِ اڃا به ڪو ٻيو جهان جوڙڻ پئي چاهيو تنهنڪري اسٽيبلشمينٽ جون طئي ڪيل ريڊ لائنون پار ڪرڻ کان پوءِ جهڙي ريت پي ٽي آءِ کي سبق سيکارڻ لاءِ نئين جوڙ ٽوڙ شروع ڪئي وئي، ان جو نتيجو اهو آهي جو عمران خان نيازي هاڻ پنهنجي منهن خطاب ڪري رهيو آهي. هو فوج کي دعوت ڏئي رهيو آهي ته اها ساڻس ڳالهيون ڪري ۽ هو اهو پڻ چئي رهيو آهي ته هو ڳالهين لاءِ ان ڪري زور ڀري رهيو آهي ته جيئن ملڪ سنئين دڳ تي لڳي وڃي. کيس پنهنجي ڪا ڳڻتي ڪونهي.
ايندڙ چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ لاءِ پنجاب کي فتح ڪرڻ ان ڪري ضروري آهي جو پنجاب مان وڌيڪ سيٽون کڻندڙ پارٽي وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ جي قابل ٿي ويندي. آصف زرداريءَ جي خواهش آهي ته هو پنهنجي حياتيءَ بلاول ڀٽو زرداريءَ کي ايندڙ وزير اعظم طور ڏسي جڏهن ته نواز شريف هڪ ڀيرو وري پاڻ وزير اعظم ٿيڻ جي خواهش رکي ٿو. ان لاءِ تازو ئي سينيٽ مان هڪ بل پاس ڪيو ويو آهي، جنهن موجب ڪنهن به سياستدان جي نااهلي فقط پنجن سالن تائين ٿي سگهندي ۽ ان هوندي به اهو اسيمبلي ميمبر ٿي سگهندو.
پر ان کان اهم ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن ان سياسي جوڙ ٽوڙ ۾ نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ جيڪڏهن سياسي وڇوٽيون وڌن ٿيون ته ان جو نقصان وڌ کان وڌ پيپلز پارٽيءَ کي ٿيندو. ڇاڪاڻ ته هن وقت تائين به اها پنجاب ۾ پنهنجو ووٽ بئنڪ بهتر نه ڪري سگهي آهي. امڪان اهي آهن ته پي ٽي آءِ مان نڪتل سياستدان پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿي وڃن پر اهو به ياد رکڻ گهرجي ته انهن وٽ هڪ ٻيو آپشن استحڪام پاڪستان پارٽي به آهي، جنهن جو نعرو ملڪ کي استحڪام فراهم ڪرڻ آهي. پنجاب ۾ نواز ليگ جو ووٽ وڏي اهميت رکي ٿو ۽ اهو ووٽ ان وقت گهٽيو هو، جڏهن باجوه واري اسٽيبلشمينٽ پي ٽي آءِ کي هر قسم جون سهولتون فراهم ڪيون هيون. تنهنڪري اهو نٿو چئي سگهجي ته نواز ليگ جو ووٽ ايترو آسانيءَ سان پنجاب مان ختم ڪري سگهجي ٿو. هاڻ سوال اهو آهي ته استحڪام پاڪستان پارٽيءَ کي اسٽيبلشمينٽ جي ڪيتري حمايت حاصل هوندي ۽ اها حمايت ڪيتري وقت تائين مليل هوندي.
ان دوران اهو فيصلو پڻ ٿيڻو آهي ته شاهه محمود قريشي ڀڳل ٽٽل پي ٽي آءِ کي سنڀاليندو يا هو ڪنهن ٻي سياسي ٻيڙيءَ جو سوار ٿي پي ٽي آءِ کان پنهنجا رستا ڌار ڪندو. امڪان اهي به آهن ته هو پي ٽي آءِ جو ايندڙ سربراهه هوندو ۽ ان دوران عمران خان نيازيءَ خلاف سنگين قسم جا ڪيس هلائي کيس گرفتار ڪيو ويندو. جيڪڏهن نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي ساڳيون سياسي غلطيون ورجايون ته پوءِ نه ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام اچي سگهندو ۽ نه ئي ٻنهي پارٽين جو سياسي اتحاد قائم رهي سگهندو. اهو به طئي آهي ته ملڪي سياست ۾ رڳو اهي ٻئي سياسي پارٽيون اسٽيڪ هولڊرز ڪونه آهن. انهن کان سواءِ جيڪا سڀ کان وڏي سياسي اسٽيڪ هولڊر آهي، سا اسٽيبلشمينٽ پاڻ آهي. تنهنڪري هاڻوڪين چونڊن جي حڪمت عملي ٻنهي سياسي پارٽين کي بهتر نموني تيار ڪرڻي پوندي ته جيئن وري عمران خان نيازيءَ جهڙو تجربو نه ورجايو وڃي، جنهن ملڪ کي رڳو سياسي ۽ معاشي طور تباهيءَ کان سواءِ ڪجهه به ناهي ڏنو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button