ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

انڪم سپورٽ سينٽر تي فوت ٿيل ٻار

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام پاڪستان پيپلز پارٽي مستحق عورتن لاءِ منظور ڪرايو هو. جنهن کان پوءِ سنڌ جي لکين عورتن کي گهر ويٺي پئسا ملڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو. پر ان سان گڏ انهن عورتن جي تذليل جو سلسلو پڻ جاري آهي. جڏهن به عورتون ڪنهن سينٽر تان پئسا وٺڻ وڃن ٿيون ته اتي ڪي به سهولتون ڪونه هونديون آهن. اهي رش ۾ هڪٻئي جي پيرن هيٺان لتاڙبيون آهن، گرمي ۾ شل ٿي وينديون آهن پر ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيهي پئسا ملڻ جو انتظار ڪنديون رهنديون آهن. ان سڄي ماجرا ۾ عورتن جو غش ٿي ڪري پوڻ، ڪپڙا ڦاٽي پوڻ ۽ فوت ٿي وڃڻ جهڙا واقعا پڻ رپورٽ ٿيندا رهيا آهن. جيڪڏهن ان نوعيت جا واقعا لڳاتار ٿيندا رهن ته ان جو مطلب اهو آهي ته انتظاميه انڪم سپورٽ جا پئسا کڻندڙ عورتن کي بهتر سهولتون فراهم ڪونه ڪري رهي آهي، جتي اهي سينٽر قائم ڪيا ويا آهن، اتي انهن عورتن کي پيئڻ جي پاڻيءَ جي سهولت به فراهم ڪونه ڪئي ويندي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ عورتون وڏي تڪليف مان گذرن ٿيون. ڪالهه به هڪ اهڙي خبر رپورٽ ٿي آهي، جيڪا ڏکوئيندڙ آهي ۽ جنهن موجب هڪ ماءُ کان سندس معصوم ٻار کسجي ويو آهي.
ڏوڪريءَ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سينٽر تي عورتن جي رش سبب سيهڙ جي رهواسڻ مستحق عورت زينب ڀيو جي چئن ورهين جو معصوم ٻارڙو فيضان علي رش سبب ٻوساٽجي فوت ٿي ويو، جنهن دوران معصوم نينگر جي ما بيهوش ٿي وئي، جنهن کي ٻين عورتن پاڻي هڻي هوش ۾ آندو. معصوم ٻار جي ما دانهيندي چيو ته ڏوڪري سينٽر تي عورتن جي تمام گهڻي رش هئي، ٿڌي پاڻي توڙي ڇانو جو ڪو بندوبست ٿيل نه هو، گرمي ۽ ٻوسٽ سبب منهنجي چئن ورهين جو پٽ منهنجي ئي هٿن ۾ دم ڏئي ڇڏيو. جڏهن ته ٻين سينٽرن تي آسانيءَ سان پئسا ڏنا پيا وڃن پر هن سينٽر تي ٿڌي پاڻي ۽ ڇانوَ جي ڪا سهولت ناهي جو اسان ڇانوَ ۾ ويهي پنهنجي واري جو انتظار ڪريون. هنن اختيارين کي اپيل ڪئي ته سينٽر تي نااهل عملي خلاف ڪارروائي ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي. اها پيپلز پارٽيءَ کي به خبر هوندي ته اهي سڀ غريب عورتون آهن ۽ انهن جي مالي حالت پڻ خراب آهي پر اصل ڳالهه اها آهي ته جن جاين تي انڪم سپورٽ پروگرام جا پئسا ڏيڻ وارا سينٽر قائم ڪيا وڃن ٿا، اتان جي انتظاميه ايتري لاپرواهي ڇو ٿي ڪري. اها عورتن لاءِ ويهڻ جو بندوبست ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندي آهي. جڏهن ته انهن عورتن جو حق آهي ته اهي هر قسم جون سهولتون حاصل ڪن.
اسين سمجهون ٿا ته هڪ ماءُ کان ٻار جو کسجي وڃڻ اتان جي انتظاميه جي ڪوتاهي آهي، جيڪا عورتن کي اس ۽ گرميءَ ۾ بيهڻ تي مجبور ڪري رهي آهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عورتن جي تذليل جو سلسلو بند ڪيو وڃي ۽ انڪم سپورٽ پروگرام جا پئسا کين گهرن تائين پهچائڻ جو بندوبست ڪيو وڃي ته جيئن عورتن ۽ ٻارن جي مرڻ جو سلسلو بند ٿي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button