
عمرڪوٽ:عمرڪوٽ ويجهو ڳوٺ راکو ڀيل ۾ ماني کائڻ بعد رکيل لسي پيئڻ سبب ٻارن سميت 25 ماڻهو بيهوش ٿي ويا، جن ۾ جمن، ماروي، راڻي، سمجهو، سڪينا، ڪنوري، راڻي، راجيش، جيسارام، پونم، پوجا، راجيش ڪمار ۽ ٻيا شامل آهن، جن کي سول اسپتال آندو ويو، جتي سندن وارثن ٻڌايو ته گهر ۾ ماني کائڻ کانپو رکيل لسي پيئڻ سبب 25 ماڻهو بيهوش ٿيا آهن، شڪ آهي ته لسي ۾ ڪو زهريلو جيت ڪري پيو هو، ان ڪري گهرڀاتي بيهوش ٿيا آهن. ٻئي پاسي ضلعي چيئرمين حاجي بقا پلي اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ جو سختي سان نوٽيس ورتو ۽ پاڻ سول اسپتال عمرڪوٽ پهچي ويو، جتي هن اسپتال عملي تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ضلعي چيئرمين حاجي بقا پلي ڊي ايڇ او عمرڪوٽ ۽ ايم يس کي چيو ته مريضن جي علاج دوران عملي جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، ڊاڪٽرن جي کوٽ ختم ڪري مريضن کي بهتر سهولتون ڏنيون وڃن.