اڄ کيس جليل جون اهي سٽون ياد پئي آيون ته …
“ڪي ماڻهو هِل اسٽيشن جيان هوندا آهن، سدائين ساوا ۽ تازگي سان ڀرپور. جڏهن ته ڪي ماڻهو وري قديم آثارن جيان هوندا آهن، هر پل ڀُرندڙ ۽ ويران.”
ان سٽ کان پوءِ اڳيان کيس وري اهو خيال آيو ته ڳالهه رڳو ايستائين ڇيهه ڪونه ٿي ڪري. ڇو ته ڪي وجود وري وڻن جيان به هوندا آهن ته ستارن جيان پڻ. ساڳي ريت ڪي ماڻهو ندين، پهاڙن، پوٺن ۽ ڌُڌَڙ وارين راهن جيان به ته هوندا آهن يانه!! ايئن ڪي بلڪل پٿرن جيان ته ڪي وري بادلن، پکين جي وڳرن ۽ سج چنڊ وانگيان به هوندا آهن. ڪي ماڻهو اهڙا هوندا آهن جو سڄي ڄمار ٽِجوڙين جي قيد ۾ گهاريو ڇڏين ۽ کين نيري آسمان ڏانهن نهارڻ جي به ونداڪائي نٿي ملي. ڪي وري اهڙا هوندا آهن جو سج سان گڏ اڀرن ٿا، سڄو ڏينهن ٻَري سُهائي ٿا ڪن ۽ پوءِ آخر ۾ شام جي شال اوڍي، سج سان گڏهه اولهه ۾ لهيو ٿا وڃن. ڪي وري سج لهڻ کان پوءِ آسمان تي نروار ٿيندڙ پهرئين ستاري جو هٿ جهلي اڳيان ڪهڪشائن ۾ ڪاهيندا رهن ٿا. اهڙي ريت ماڻهن جي مام تي ويچاريندي اوچتو کيس خيال آيو ته هُو هن لمحي پاڻ ڪٿي بيٺل آهي!؟ ۽ پوءِ کيس ياد آيو پنهنجو اهو پنڌ، جنهن ۾ هو ڪڏهن سرنهن ڦُلار ۾ سمائجي، سيارو گهاري پَن ڇڻ ۾ ڇُلندو رهيو ته ڪڏهن وري بسنت جي پهرئين وسڪاري جي روپ ڌارا ۾ وڻن کي نئين جوڻ جو شنان ڪرائيندو رهيو ته جيئن گوندر گُل جو واس قائم رهي سگهي.
ها گوندر گُل جي اها گيان ڳلي، جنهن ۾ هن جنم جي ڦيري کي سمجهڻ دوران پنهنجي وڃايل اڌ جي ڳولا ڪئي آهي ۽ انهي ڳولا ۾ هن هڪ لمحو به ويراڳ جي وڍ کان منهن ناهي موڙيو. هن انهي پنڌ ۾ پنهنجي اندر جي آئيني کي ان اميد سان سدائين ويساهه جي ململ سان پئي صاف ڪيو آهي ته عشق ۾ کنيل ڪابه وک اجائي نه ويندي آهي. ها اهو ويساهه جيڪو انتظار جي سگهه پيدا ڪندو آهي ۽ جنهن کي انتظار ڪرڻ اچي ويندو آهي، تنهن جو پنڌ پاڻمرادو اتان شروع ٿيو وڃي. ها اهو پنڌ جنهن ۾ ماڻهو لوڪ فهم جي “جُڙيءَ کي جَس” واري جَڙاءُ ۾ ايئن پيهجي ٿو وڃي جو ماڻهو کي نه ڪنهن حاصل جو حِرس ٿو رهي ۽ نه ئي ڪنهن لاحاصل جي ڳڻتي. ايئن اهڙو ماڻهو اجاين وهمن وسوسن ۽ امڪانن توڙي گُمانن کان مٿاهون ٿي، ڪنهن بادل جيان بڻجيو وڃي. اهو بادل جيڪو ڀرجي اچي ته بنا ڪنهن حجاب جي وسي ٿو ۽ وري جيڪڏهن خالي آهي تڏهن به پنهنجي اها تاثير رکي ٿو، جيڪا اداس دلين کي وندرائيندي آهي.
ايئن هن پنهنجي پنڌ ۾ هيستائين جيترا به پل پسيا آهن، تنهن ۾ هڪ اماوس جي رات ساڌُو سان ڪيل اها رهاڻ اڄ به سندس وجود جو واڄو بڻيل آهي، جنهن ۾ ساڌُو سمجهائي رهيو هو ته…
“هي سموري حياتي هڪ سفر ئي ته آهي، جنهن ۾ ڪڏهن ڪٿي ڪا اهڙي صورت يا ڪو اهڙو لقاءَ سامهون اچيو وڃي جو ماڻهو جا پير اڳتي وڌڻ کان نابري واري بيهندا آهن پر ايئن ممڪن ان ڪري ناهي هوندو جو جيستائين دم آهي تيستائين درشن آهي ئي آهي. نئين کان نئون درشن. هڪ خواب جهڙو درشن ۽ خواب مستقل ناهن ٿيندا. خواب هڪڙي پٺيان ٻيو ۽ ٻئي پٺيان ٽيون لڳاتار هوندا آهن ايستائين جيستائين ڪو وجود جيئرو آهي.
بهرحال ساڌو جي انهي ساڌنا کي سمائڻ کان پوءِ هو لڳاتار درشن ۾ ئي آهي، اهڙن درشنن مان هڪ درشن کي هن هڪ ڀيري هيئن پيش ڪيو هو.
هڪ شام هئي، ڪجهه عڪس هئا
ڪا ڍنڍ هئي، ڪجهه ڪوڏ هئا
ڪجهه پنڌ ها، ڪجهه پُور هئا
ڪجهه سوال هئا، ڪجهه جواب هئا
واءُ ۾ ڪي وڍ هئا
۽ پريان ويران رستو
هو انهي ويچار ۾
ته هي مسافر ڪير آهن؟
جي نه ڪڇن ٿا نه لُڇن ٿا
بس رڳو خاموش ويٺا ٿا نهارين
ڏُور اولهه ۾ ڪٿي
جتي اڄ به رستو منتظر
۽ اهائي ڍنڍ ساڳي
ڪوڏ ساڳيا، ساڳي ٻيڙي
۽ اهو ملاح ساڳيو
پر جي ناهن ته بس مسافر
هو جي ڪافر ڪُڙم جا سينگار ها
اڀرن جو آڌار ها….!!
بس ايئن هاڻ هن کي ڳولڻا آهن اهي مسافر، جيڪي اڀرن جو آڌار هئا ۽ کانئس اوچتو الوپ ٿي ويا هئا.