ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڦرلٽ جو سرشتو

Editorial-Article-Dastgir Bhatti

پاڻ اڄ پنهنجي پراڻي موضوع، عوام جي حياتين ۽ سندن ٻچڙن جون خوشيون ۽ سهڻا خواب کسيندڙ ڦرلٽ واري سرشتي بابت لکنداسين، جيڪو آهي ته انسان دشمن سرمائيداري نظام جي پيداوار پر ان استحصالي سرشتي کي انگريزي ۾ هڪڙي معصوم لفظ “ڪرپشن” جو نالو ڏيئي، دنيا جي سڌريل توڙي اسان جهڙن اڻ سڌريل ملڪن ۾ بکن، ڏکن، بيمارين، بيروزگارين، مهانگائين ۽ ذلتن کي اربين هارين ۽ پورهيت انسانن ۽ سندن نسلن واسطي اهڙو زهر بڻايو ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻنين، ڪارخانن ۽ سرن جي بٺن ۾ زال، مڙس ۽ ٻچڙا ڏينهن رات پورهئو ڪندي به نالي ماتر اجورو ملڻ ڪري مرڻ گهڙي تائين وڏيرن، ڪارخانيدارن ۽ بٺن جي مالڪن ۽ ٺيڪيدارن جا غلام بڻجي نه جيئن ٿا ۽ نه مرن ٿا. بدقسمتي سان پاڪستان ۾ ڪڏهن به حقيقي بورجوا نظام قائم نه ٿي سگهيو آهي. جيترا به هٿ ٺوڪيا ڪارخانيدار ۽ سرمائيدار ڏسون ٿا، انهن پنهنجي سياسي طاقت کي ڪتب آڻي قرض ڏيندڙ عالمي بئڪن ۽ مالي ادارن توڙي پاڪستاني بئنڪن کان قرض کڻي ٽيڪسٽائيل ملون، بجلي سپلا ڪندڙ ڪمپنيون، ڪمند پيڙڻ جا ڪارخانا ۽ اسٽيل ملز لڳايون. اقتدار ۾ اچڻ شرط خزاني مان حاصل ڪيل انهن قرضن کي خود پنهنجن ئي نوڪر وزيرن ۽ مشيرن هٿان اهي اربين رپين جا قرض معاف ڪرائي ڇڏيائون. ڪمال ڏسو ته انگريزي ۾ هيڏن وڏن ڌاڙن کي معاف ڪرڻ لا جيڪو لفظ استعمال ٿيندو آهي، سو آهي: write off معنيٰ ته رڪارڊ مان ڊاهي ڇڏيو. سنڌ ۽ پنجاب ۾ جيڪي به شگر ملز آهن، انهن تي کربين رپين جا قرض هئا، جيڪي 1988ع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين معاف ٿي رهيا آهن. اڄ ملڪ جو وزيراعظم مسلم ليگ (نواز) جو اڳواڻ ۽ ميان نواز شريف جو ڀا شهباز شريف آهي. جنهن جي شان مان ۾ پرڏيهي وزير ۽ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جيڪي ڳيچ ڳايا آهن، تن مان اندازو لڳايو اٿم ته نيب جا کنڀ ڪپي، شهباز شريف خود پنهنجي ڪٽنب ۽ زرداري خاندان جي جن مالي اسڪينڊلز مان جند ڇڏائي آهي. انهي خوشي ۾ ئي بلاول صاحب فرمايو آهي ته هن پاڪستان ۾ شهباز شريف جهڙو ڀلو وزيراعظم اڄ ڏينهن تائين ڪو نه ڏًٺو آهي.
مون کي حيراني آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جڏهن به ڪا تقرير ڪري ٿو ته ان جي پڇاڙي ۾ ماڻهن کي اها ئي التجا ڪندو آهي ته دعا ڪريو ته فلاڻو ڪم سهڻي نموني پنهنجي پڄاڻي تي پهچي. ڇا اوهان ڪڏهن به ڪنهن ٻئي ملڪ جي وزيراعظم يا صدر جي يا طالبان جهڙن ڪٽر انتهاپسند اڳواڻن کي ايئن چوندي ڪڏهن ٻڌو آهي؟ مون ته ڪو نه ٻڌو آهي، بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم جي ڪم ڪار جي واکاڻ ۾ جيڪي ڪجهه ڳالهايو آهي، سو مسلم ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز به ڪڏهن نه چيو! بلاول وڌيڪ فرمايو آهي ته شهباز شريف (جڏهن رمضان شگر ملز جي ٻارهن سئو ڪروڙن جو ڪيس هڪ ترميم سان ختم ڪري ڇڏيو) ڏاڍو نيڪ نيت شخص آهي، جنهن جي مان في سبيل الله شاهدي ڏيڻ لا تيار آهيان. هو مسلم ليگ نواز کان وڌيڪ پيپلز پارٽي جو وزيراعظم بڻجي ڏينهن رات ڪم ڪري ٿو. اسان سڀني سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي گهرجي ته شهباز شريف کي وڌ کان وڌ مضبوط ڪريون.
ٻئي پاسي بلاول ڀٽو زرداري جي والد آصف علي زرداري جمعي ڏينهن تي ئي لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پنجاب جي ڪارخانيدارن کي چيو ته اوهان پاڪستان پيپلز پارٽي کي وفاق ۾ حڪومت ڏيارڻ ۾ هٿ ونڊايو ته مان اوهان کي سنڌ ۾ زمينون ڏيندس،
منهنجي ذاتي را آهي ته هنن ٻنهي پي پٽن حڪمران مسلم ليگ ۽ ان جي اڳواڻن جي هي جيڪا واکاڻ ڪئي آهي، سا رڳو هن مقصد سان ڪيل لڳي ٿي ته زرداري صاحب جي لاهور ۾ ٻن مهينن کان هلندڙ سياسي سرگرمين تي نواز شريف جي نرڙ ۾ گهنج پئجي ويا هئا. نواز شريف جو خيال هو ته جڏهن تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن خلاف سندس خواهش مطابق ٿيل وٺ پڪڙ کانپو هن جماعت جا پنجاب مان ترا نڪري ويندا ته ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ خال کي مسلم ليگ ڀريندي. پر جڏهن کان سرائيڪي پٽي جي اڳواڻن لاهور ۾ آصف زرداري سان ملي پ پ ۾ شامل ٿيڻ لا لائين لڳائي ڇڏي آهي، ته ظاهر آهي ته شريفن کي ڳڻتي ورايو آهي، مٿان وري اها ڳالهه به بار بار ورجائي وڃي پيئي ته ايندڙ وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري آهي ته مسلم ليگين جي پيرن هيٺان ڌرتي کسڪي وڃي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

پڻ چيڪ ڪريو
Close
Back to top button