پاڪستان جو عالمي مڃتا ماڻيندڙ باڪسر عثمان وزير باڪسنگ چيمپيئن شپ ۾ عالمي اعزاز بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. ميڊيا مطابق قراقرم انٽرنيشنل چيمپيئن شپ ۾ عثمان وزير تنزانيا جي فقيري سليم کي شڪست ڏئي چيمپيئن طور اعزاز بچائي ورتو آهي. مقابلي جي 8 رائونڊن واري فائٽ جي شروعات ۾ فقيري سليم جارحاڻي انداز سبب ڇانيل رهيو، بعد ۾ عثمان وزير همٿ ڪري کيس شڪست ڏئي فائيٽ کٽي ورتي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close