اڄ سڄي دنيا جا مسلمان عيدالاضحيٰ ملهائي رهيا آهن. هي اها عيد آهي، جيڪا اسان کي قربانيءَ جي فلسفي بابت ٻڌائي ٿي ته ڪيئن ماڻهو قرباني ڪري پنهنجو پاڻ کي ٻين لاءِ وقف ڪري سگهي ٿو. هن موقعي تي سڄي دنيا جا مسلمان مختلف ڍورن جون قربانيون ڪندا آهن، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسان کي ان قرباني وسيلي انهن ضرورت مندن جو خيال رکڻو آهي، جيڪي هر سال انهن هٿن ڏانهن واجهائيندا آهن، جيڪي ڏيڻ وارا هٿ آهن، جن جون دليون ڪشاديون آهن ۽ اهي غريبن ۽ ضرورت مندن کي گوشت ۽ کاڌي پيتي جون ٻيون شيون ڏئي انهن جا ڀرجهلا ٿي سگهن ٿا. هي عيد رڳو اسان کي اهو نٿي سيکاري ته خدا جي راهه ۾ قرباني ڪيئن ڪئي وڃي پر اهو پڻ سيکاري ٿي ته ڪنهن انسان وٽ ضرورت کان ڪجهه وڌيڪ آهي ته اهو ان مان حصو پتي ان ضرورت مند کي ڏئي جيڪو ڪنهن مجبوري سبب اهي شيون خريد نٿو ڪري سگهي. قرباني واري عيد جو مطلب ۽ مفهوم ئي اهو آهي ته اسان کي ڪجهه قربان ڪرڻو آهي. اها قرباني رڳو ڪنهن ڍور جي نه پر هر ان عمل جي به آهي، جيڪو انسان ذات کي برائي ڏانهن وٺي وڃي ٿو. اسين سڄو سال حرص ۽ هٻڇ جي پويان هلندا رهندا آهيون ۽ جڏهن عيد جو ڏينهن ايندو آهي ته رسمي طور قرباني ڪري پنهنجو پاڻ کي آجو ڪرائي وٺندا آهيون، جڏهن ته هن موقعي تي انهن ماڻهن کي وڌيڪ ياد ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي، جيڪي هڪ ويلي جي مانيءَ لاءِ پريشان هوندا آهن، جيڪي شرمساريءَ وچان پنهنجو هٿ انهن ماڻهن آڏو ٽنگيندا آهن، جيڪي انهن جون ضرورتون پوريون ڪري سگهن ٿا ۽ انهن لاءِ سندس ضرورتون پوريون ڪرڻ ڪنهن به ريت ڏکيو ڪونهي.
هن عيد جي موقعي تي گهڻو ڪري اهو پڻ ڏٺو ويو آهي ته قرباني ڪرڻ کان پوءِ گند ڪچرو گهٽين ۽ گٽرن حوالي ڪيو ويندو آهي، جنهنڪري هر پاسي ڌپ پکڙي پئي هوندي آهي ۽ ان کان سواءِ گٽر پڻ بند ٿي ويندا آهن، جنهنڪري وڌيڪ پريشانيون جنم وٺنديون آهن پر هزارين ۽ لکن جون قربانيون ڪندڙ ماڻهو صفائيءَ جو خيال ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه هوندا آهن. مجموعي طور سڄي سماج جو رويو اهڙو ئي آهي، جنهن مان اهو تاثر ملي ٿو ته اسين صفائيءَ کي پنهنجي ترجيح ۾ شامل ڪونه ٿا ڪريون. اسين پنهنجي پاڙي کي صاف ڏسڻ نٿا چاهيون. تنهنڪري گهڻو گند گڏ ٿي ويندو آهي ۽ ماڻهن جي اچ وڃ به جاري رهندي آهي. تنهنڪري ان معاملي تي سنجيدگيءَ سان سوچڻ جي ضرورت آهي.
اسين سنڌ ايڪسپريس جي سٿ پاران هن خوشين ڀرئي موقعي تي عيد جون واڌايون ڏيون ٿا ۽ اها اميد ٿا ڪريون ته هاڻوڪي عيد پرامن طريقي سان گذري ويندي ۽ ان کان سواءِ قرباني واري فلسفي تي عمل ڪندي هر مسلمان اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو ته ضرورت کان وڌيڪ ڪجهه رکڻ رب جي ذات کي پسند ڪونهي. جيڪڏهن ڪنهن وٽ ضرورت کان وڌيڪ آهي ته ان کي رب جي راهه ۾ خرچ ڪرڻ ئي قربانيءَ جو اصل فلسفو آهي، جيڪو انسان ذات جي ڇوٽڪاري جو وسيلو پڻ آهي.