پاڪستان ۽ آ ايم ايف وچ ۾ مختصر اسٽينڊ با معاهدو ٿيڻ جو امڪان آهي. ناڻي وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن نائون جائزو مڪمل نه ٿيو ته عالمي مالياتي فنڊ (آ ايم ايف) سان مختصر مدي جو اسٽينڊ با معاهدو ڪري سگهجي ٿو. ذريعن موجب پاڪستان پنهنجي ڪوٽا جا اڍائي ارب ڊالر وٺي سگهي ٿو، آ ايم ايف جي قرض پروگرام جو مدو پورو ٿيڻ ۾ باقي هڪڙو ڏينهن بچيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ ناڻي وزارت آ ايم ايف کي تجويز ڏني آهي ته جيڪڏهن بورڊ اجلاس نه ٿي سگهيا ته پروگرام کي 6 مهينا اڳتي وڌايو وڃي. اسٽينڊ با معاهدي جو حجم ساڍا 3 ارب ڊالر ڪيو وڃي. ذريعن موجب پاڪستان کي گڏيل عرب امارات (يو اي اِي) کان ايندڙ ڪجهه ڏينهن اندر وڌيڪ هڪ ارب ڊالر ۽ سعودي عرب مان به وڌيڪ 2 ارب ڊالر جولا واري مهيني ۾ ملڻ جي اميد آهي. ٻئي طرف پاڪستان ۾ آ ايم ايف جي مشن چيف نيٿن پورٽر چيو آهي ته پاڪستان سان معاهدي تائين پهچڻ لا ڳالهيون جاري آهن، پاڪستان قرض پروگرام جي بحالي لا بجيٽ ۾ فيصلائتا قدم کڻي ورتا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close