پاڪستانعالمي

شهباز شريف کي رجب طيب جو فون، ترڪيا جو پاڪستان سان معاشي سهڪار وڌائڻ جو عزم

ترڪيا جي صدر پاڪستان سان معاشي سهڪار وڌائڻ جو ارادو ظاهر ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ترڪيا جي صدر رجب طيب اردوان ٽيليفون ڪئي ۽ ان کي ۽ پاڪستان جي عوام کي عيدالاضحيٰ جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف پڻ صدر اردوان ۽ ترڪيا جي عوام کي عيد جون مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم حلف برداري واري تقريب ۾ گهرائڻ تي ترڪ صدر جا ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن معاشي، دفاعي ۽ ٻين شعبن ۾ گڏيل حصيداري وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ پڻ ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button