پاڪستانخيبرپختونخوا

مالاڪنڊ ۾ جوابدار زال نه پرچڻ تي ساهرن جي گهر ۾ 9 ڀاتي قتل ڪري ڇڏيا

خيبر پختونخوا ۾ مالاڪنڊ ضلعي جي علائقي بگردرا خار ۾ ساهرن جي گهر اندر اڌ رات جو فائرنگ ڪري زال مڙس سميت 9 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس ۽ ريسڪيو ڊبل ون ڊبل ٽو موجب جوابدار پنهنجي ساٿين سميت رات جو 2 وڳي سارهن جي گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن سبب گهر جا مرد، عورتون ۽ ٻارن سميت 9 ڄڻا قتل ٿي ويا. ليويز موجب جوابدار پنهنجي ڪاوڙيل زال کي پرچائڻ ويو هو ۽ زال جي نه پرچڻ تي هن ڪاوڙ ۾ اچي فائرنگ ڪئي، جنهن بعد فرار ٿي ويو. پوليس موجب جوابدار جو تعلق سوات سان آهي، جنهن کي پنهنجي زال ۽ سهري تي ڪاوڙ هئي. فائرنگ جي واقعي ۾ قتل ٿيل گهرڀاتين ۾ حسن شاهه، حضرت علي، بلال، زهرا، رابعا، رقيا بي بي، حبيب الحرام زال حسن شامل آهن، جڏهن ته 3 عورتون زخمي ٿي پيون، جن کي اسپتال منتقل ڪري علاج شروع ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button