پاڪستانخيبرپختونخوا

باجوڙ ۽ خيبر ۾ سيڪيورٽي فورسز سان ويڙهه ۾ ڪمانڊر سميت 4 دهشتگرد مارجي ويا

باجوڙ ۽ خيبر ضلعي جي علائقي تيراه ۾ سيڪيورٽي فورسز سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڪمانڊر شفيع سميت 4 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا آهن. آ ايس پي آر مطابق سيڪيورٽي فورسز انٽيليجنس بنيادن تي ضلعي باجوڙ جي علائقي قلعا عنايت ۾ آپريشن ڪيو، دهشتگردن سيڪيورٽي فورسز کي ڏسندي ئي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، جنهن دوران جوابي فائرنگ ۾ دهشتگرد ڪمانڊر شفيع سميت 3 دهشتگرد مارجي ويا، جن جي قبضي مان هٿيار ۽ بارودي مواد پڻ هٿ ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ خيبر ضلعي جي علائقي وادي تيراه ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران فائرنگ ڪري هڪ دهشتگرد کي ماريو ويو، جڏهن ته سندس 3 ساٿي زخمي ٿي پيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button