پاڪستانسنڌ

سانا ۽ سرسو ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ 56 گهر ٺاهڻ جو معاهدو

واشنگٽن ڊي سي: سنڌي ايسوسي ايشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) سنڌ رورل سپورٽ پروگرام (سرسو) سان سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ 56 نوان گهٽ لاڳت وارا گهر تعمير ڪرڻ لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون آهن. سانا جي صدر ڊاڪٽر مقبول هاليپوٽو ۽ سرسو جي سي اي او محمد ڏتل ڪلهوڙي ايم او يو تي صحيحون ڪيون. ايم او يو تحت، سانا سرسو کي 55,500 ڊالر (15 ملين رپيا) جي مالي مدد فراهم ڪندي. ان کان اڳ سانا پاران علي حسن منگي ميموريل ٽرسٽ جي سهڪار سان ٻن ضلعن لاڙڪاڻي ۽ قمبر شهدادڪوٽ جي 8 تعلقن ۾ 126 هڪ ڪمري وارا گهر ٺاهيا ويا آهن. 39 هين سالياني ڪنوينشن ۾ سانا انهن مڪمل ٿيل هائوسنگ منصوبن کي نمائش ۾ ڏيکاريندو، جيئن وڌيڪ فنڊ پيدا ڪرڻ جو موقعو پيدا ٿي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button