اڄ عيد جو ڏينهن آهي، خوشيءَ جو ڏينهن. پر اسين 75 سالا ناڪاميءَ جي ڪَٿَ ڪري رهيا آهيون. ڇاڪاڻ ته اها هڪ افسوس ناڪ حقيقت آهي ته پاڪستان پنهنجي 75 سالا زندگيءَ ۾ جيترا به امتحان ڏنا آهن انهن ۾ فيل ٿيندو رهيو آهي. ملڪ جو مستقبل اونداهو آهي. ڪنهن کي به ڪا روشني نظر نه ٿي اچي. سڀ کان وڌيڪ پڙهيل لکيل، ماهر ۽ ڪم جهڙا نوجوان ملڪ ڇڏي ڀڄڻ ۾ ئي عافيت محسوس ڪري رهيا آهن. ملڪ جا مسئلا ابتدائي زماني کان وٺي جيئن جو تيئن آهن. اڃان به انهن ۾ اضافو ٿيندو رهيو آهي، ڪا گھٽتائي ڪانه آئي آهي. انهن مسئلن جو حل ڪنهن وٽ به ڪونهي. ڪير به جهالت، پسماندگي ۽ زوال جي اونهي کوهه منجهان ٻاهر نڪرڻ جو رستو نه ٿو ڄاڻي يا ٻڌائي. جن کي خبر آهي، جيڪي ٻڌائين ٿا انهن کي وري ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونهي. جنهن ڊاڪٽر جي ڪلينڪ سادي سودي نموني ٺهيل آهي. جيڪو ڊاڪٽر وڏي کان وڏي مرض جي علاج طور به رڳو هڪڙي ٽِڪي ڏئي رهيو آهي، ان تي مريضن کي اعتبار نه هوندو آهي. ان کان علاج وٺڻ لاءِ ڪير به تيار نه هوندو آهي. پاڪستان اندر به هر ڏکئي وقت حڪمران سياسي جماعتن، هٿياربند فوج ۽ عدالتن ڏانهن نهاريو ويندو آهي پر گذريل مُني صديءَ دوران انهن ٽنهي ادارن يا ته مسئلن جا حل نه ٻڌايا آهن يا وري اهڙا حل ٻڌايا آهن جيڪي ڪارگر نه بڻجي سگهيا. چيف جسٽس ڊيم ٺاهڻ ۾ لڳي ويا، چيف آف آرمي اسٽاف پارليامينٽ ۽ ڪارپوريشنون هلائڻ ۾ لڳي ويا ۽ وزيرِ اعظم سميت سمورا پارليامينٽيرين ڪرپشن ذريعي پيسو گڏ ڪرڻ ۾ لڳي ويا. ان ريت هر ڪنهن پنهنجي حصي بدران پرائي حصي جو ڪم ڪرڻ کي بهتر سمجهڻ شروع ڪري ڏنو.
هن وقت صورتحال اهڙي جُڙي وئي آهي جو پاڪستان پنهنجي آئين تي عملدرآمد به نه ٿو ڪرائي سگهي. رياست ايتري ڪمزور ٿي وئي آهي جو رياستي عملدارن کان به ڊڄي ٿي ته انهن قوتن کان به ڊنل آهي جيڪي رياستي قانون ۽ آئين کي رد ڪري رهيون آهن. ڇاڪاڻ ته انهن سڀني قوتن کي پنهنجو اثر رسوخ اڃان وڌائڻو آهي. عام عوام کي پنهنجي مفادن جي پورائي لاءِ جدوجهد ڪرڻ ۾ دلچسپي ڪانهي. يا وري اهو مايوسيءَ جي اهڙي اونهي کوهه ۾ ڪِري پيو آهي جتان کيس ٻاهر ڪڍڻ لاءِ جنهن معجزي جي ضرورت آهي اهو اڃان تائين عمل ۾ نه پيو اچي. هر انقلابي اڀار کان پوءِ ساڻس اهڙي نموني ويساهه گهاتي ڪئي وئي آهي جو مايوسيءَ کيس بلڪل وڪوڙي سوڙهو ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي ته وري حالتون اهڙيون بڻايون ويون آهن جو ڪو به پورهيت پنهنجي هڪڙي ڏهاڙي وڃائڻ جو خطرو به نه ٿو کڻي سگهي. پراڻي زماني ۾ پورهيتن جون جيڪي هڙتالون ٿينديون هيون، جيڪي جلسا جلوس نڪرندا هئا، هاڻي اهي سڀ ڄڻ ته ڪتابي ڳالهيون بڻجي ويون آهن. اهڙي صورتحال جو فائدو حڪمران اشرافيا، آفيسر شاهي، مسلح ادارن ۽ مذهبي اڳواڻن کي پئجي رهيو آهي جيڪي هن سماج جا اهي پيراسائيٽ آهن جيڪي مجموعي سماجي دولت جي پيداوار ۾ حصو ته بلڪل نه ٿا ڳنڍين پر کائين سڀ کان وڏو حصو ٿا.
گذريل 75 سالن دوران اسان جي رياست جي سڀ کان وڏي ناڪامي پنهنجي شهرين کي تحفظ نه ڏئي سگهڻ آهي. اڄ به پاڪستان جي معمولي اقليت کي ڇڏي ڪري باقي ڪنهن جي به جان، مال ۽ عزت آبروءَ جي تحفظ جي ڪا پڪ ڪانهي. ڪير به ڪنهن کي به ڪهڙي وقت به قتل ڪري سگهي ٿو. ان جي ملڪيت تي قبضو ڪري سگهي ٿو. کيس ذليل ڪري سگهي ٿو. عورتن جي لڄ لٽجڻ کان وٺي ديني مدرسن ۽ سرڪاري توڙي نجي تعليمي ادارن ۾ ٻارن تي ٿيندڙ جنسي، جسماني ۽ ذهني تشدد، هن ملڪ اندر ٿيندڙ اهڙا واقعا آهن جن کي ڄڻ ته دل سان قبول ڪيو ويو آهي. هاڻي اهڙا واقعا جيڪڏهن ڪٿان رپورٽ ٿين به ٿا ته ماڻهو انهن ڏانهن ڌيان نه ڏيندا آهن. انهن کي معمول جي ڪاروائي قرار ڏئي اکيون بند ڪيون وينديون آهن. ميڙ منٿ قافلن کي مانُ ڏئي وڏي کان وڏي غليظ انسان کي سندس ڏوهه معاف ڪيو ويندو آهي يا وري ديت جي قانون جو فائدو وٺندي وارثن کي ڪجهه ڏوڪڙ ڏئي خاموش ڪرايو ويندو آهي. بجلي، پاڻي ۽ گيس جي فراهمي اڄ به خواب بڻيل آهي. ملڪ جي سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي هٿ وٺي خراب ڪئي وئي آهي ته جيئن انهن کي ڀڳڙن مُٺ عوض وڪرو ڪري سگهجي. سموري ملڪ منجهان جيتري ٽيڪس جمع ڪرڻ گھرجي ان جي رڳو ٽئين حصي جيتري ئي اوڳاڙي پئي وڃي. قومي خزاني کي کربين روپين جو کاٽُ لڳندو پيو رهي. رياست ۽ سندس عملداري ڪٿي به نظر نه پئي اچي. مس مينيجمينٽ ۽ ڪرپشن هن ملڪ جي سڃاڻپ بڻجي وئي آهي. دو نمبري ۽ جڳاڙ پسندي هر هنڌ ڏسڻ لاءِ پئي ملي. ٻيو ته ٺهيو هوائي جهاز جي ايئر ڪنڊيشنر خراب هئڻ جي صورت ۾ ان جا دروازا کولي مسافرن کي هوا کارائڻ جا نظارا وڊيو ثبوتن سان گڏ سوشل ميڊيا جي زينت بڻيل آهن. معصوم ٻارن لاءِ وڪرو ٿيندڙ کير کان وٺي زندگي بچائيندڙ دوائن تائين هر شئي زهر آهي، جيڪو پيسا ڪمائڻ لاءِ وڪرو ڪيو پيو وڃي. رياست ۽ ان جي عملداري ڪٿي به نظر نه پئي اچي. ڪيميڪل وارو کير ۽ ان کير منجهان هوٽلن تي وڪرو ٿيندڙ چانهن بابت ايترو ٻڌوسين جو هاڻي ڪَنَ اهو ٻڌڻ جا عادي ٿي ويا آهن. هاڻي لڳي ٿو ڪيميڪل وارو کير يا ان کير منجهان ٺاهيل چانهن ته معمولي ڳالهه آهي پر ساڳي ڪيميڪل منجهان ڏهي ۽ لسي ٺاهي وڪڻڻ جو ڌنڌو به عروج تي پهچي چڪو آهي. ۽ پوءِ نتيجو اهو آهي ته ڪينسر جو علاج ڪرڻ وارين اسپتالن منجهان علاج وٺندڙ مريضن جو تعداد تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي. ماحوليات جي مڪمل تباهي ڪئي وئي آهي. ڪروڙين وڻ پوکڻ جون ڊاڙون بس ڊاڙون ئي رهيون. ابتو جيڪي وڻ موجود آهن اهي به تيزيءَ سان ڪٽيا پيا وڃن. انبن ۽ زيتونن جي بهترين باغن واريون زمينون صاف ڪري اتي رهائشي اسڪيمون ۽ ڪالونيون ٺاهيون پيون وڃن. هر هنڌ ڪنڪريٽ وڇايو پيو وڃي جيڪو طوفاني مينهن وسڻ جي صورت ۾ به پاڻيءَ جو ڦُڙو زمين ۾ اندر جذب ٿيڻ نه ٿو ڏئي.
رياست جي ناڪاميءَ جي ڳالهه ڪندي پاڻ مٿي بيان ڪري آيا آهيون ته هن ملڪ جي شهرين جي جان، مال، عزت ۽ آبروءَ جو تحفظ ڪونهي. ان سان جوڙيندي ڳالهه ڪنداسين ته اسان جي ملڪ جي پوليس خطرناڪ ڏوهن جي ايف آئي آر داخل ڪرڻ کان لنوائيندي آهي.
رياست جي ٻِي وڏي ناڪامي پنهنجي شهرين کي بهتر تعليم ڏئي روزگار سان لڳائڻ جي معاملي ۾ آهي.
ٽِين ۽ آخري ناڪامي مختلف اقليتن جي حقن جي تحفظ جي حوالي سان آهي. سو، حاصل مطلب اهو ته هن ملڪ جو مُني صديءَ جو سفر ناڪامين جو سفر آهي.