ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪهاڻي نويسي ۽ تجزياتي جزا -II

Editorial-Article-Mubark Lashari

ڪهاڻي نويسي هڪ نموني سان گڏ هڪ اهم فن به آهي، جنهن سان اهو سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي ته ڪيئن ڪهاڻي جا سمورا جزا گڏائي هڪ لقاءُ کي اسان آڏو پيش ڪيو وڃي ٿو، جنهن سان اڻت ته آهي ئي آهي پر پيغام رسائي جو طاقتور ذريعو به آهي. ڪهاڻي نويسي ۾ ڪهاڻي جنهن کي انگريزي ۾ اسٽوري چئجي، جو هجڻ ٻين سمورن ڳالهين سان گڏ هڪ اهم عنصر آهي. ٻئين نمبر تي ڪهاڻي کي ڪهاڻي واري فن ۾ پيش ڪندڙ عنصر پلاٽ آهي. هڪ ته ڪهاڻي ڪنهن به ليکڪ جي ذهن ۾ هوندي آهي، بعد ۾ ان جي پيشڪش پلاٽ سان گڏيل آهي. سادي ريت ڪهاڻي اسان کي ڇا، ڪير ۽ ڪٿي جو ٻڌائي ٿي يعني ڇا ٿيو، ڪنهن سان ٿيو ۽ ڪٿي ٿيو هوندو آهي. اهي عنصر اسان کي انتهائي بنيادي شيون ٻڌائين ٿا جيتوڻيڪ اهي عنصر سائنس فڪشن يا فيوچرسٽڪ يا ڊسٽوپين فڪشن ۾ انتهائي فرضي هوندا آهن پر هوندا ضرور آهن. انهن عنصرن کي سمجهڻ ۾ جيڪڏهن هڪڙو مثال ڏجي ته بهتر ٿيندو. انيس انصاري جي ڪهاڻي آهي “پدما” جنهن جي شروعات هيئن ٿئي ٿي؛
“کدا بيڪ! اچ ته راند کيڏون.” مٽيءَ جي ڍڳ تي ويٺل پدما چيو.
“منهنجو نالو کدا بيڪ ناهي.”
“تڏي ڇا آهي؟”
“خدا بشڪ.” مون کيس سمجهايو.
“مان به ته کدا بيڪ چوان ٿي نه.”
مان ڪاوڙجي ويس.
ڳالهه ورهاڱي کان اڳ جي آهي.
پدما جو پيءُ روينيو ۾ هيڊ منشي هو.”
انيس انصاري جي مٿئين ڪهاڻي ۾ ٿلهي ليکي اسٽوري آهي پدما، خدا بشڪ جي، جڏهن ته جڳهه مٿئين پيراگراف ۾ “مٽي جي ڍڳ” يعني ڳوٺ جي آهي. جڏهن ته پلاٽ جا عنصر آهن ته اهو “ڪيئن” ٿيو ۽ “ڪڏهن” ٿيو. ڪهاڻيڪار اها ڪهاڻي ڪيئن ٻڌائي ٿو اها علامت پلاٽ ۾ اهم آهي، جنهن ۾ ڪهاڻي نويسي جو فن ظاهر ٿيندو آهي. هن ڪهاڻي ۾ پلاٽ موجوده وقت کان پٺين پاسي سفر ڪري ٿو، جنهن ۾ موجوده وقت جي ذهني سطح جو اظهار به آهي ته نفسياتي ايپروچ جا عنصر به آهن. “ڪيئن” واري عنصر ۾ ڪهاڻي هڪڙيون ڳجهارتون ڏئي ٿي جنهن کي رولان بارٽز انگما Enigma ڪوٺي ٿو. ايئن ڪهاڻي پنهنجي سائيڪل ۾ سفر ڪري ٿي. ڪهاڻي به هلي ٿي ته پلاٽ به، آهستي آهستي انهي سُٽ کي سلجهائڻ ۾ هوندي آهي، تان جو ڪهاڻي آخر تائين پلاٽ ذريعي پنهنجو اصل پيغام ڇڏي ٿي وڃي. جنهن سان ڪهاڻي يعني ڳالهه به واضح ٿئي ٿي ته ان ڳالهه کي بيان ڪرڻ جو انداز به چٽو ٿي پوي ٿو جنهن مان پڙهندڙ پنهنجي ذائقي موجب حظ حاصل ڪري ٿو وٺي. جيڪڏهن ڪهاڻي سٺي هوندي ۽ پلاٽ ڪمزور هوندو ته ڪهاڻي گهربل پيغام پهچائي نه سگهندي. اهڙي ريت جيڪڏهن پلاٽ بهترين هوندو ۽ ڪهاڻي ٻڌائڻ جهڙي نه هوندي پوءِ به ڪهاڻي نويسي پنهنجو تاثر نه ڇڏي سگهندي. ڪڏهن ڪڏهن ايئن ٿيندو آهي ته ڪمزور ڪهاڻي سٺي پلاٽ ذريعي به سٺو اثر ڇڏيندي آهي پر ڪڏهن ڪڏهن سٺي ڪهاڻي به ڪمزور پلاٽ ذريعي ضايع ٿي ويندي آهي. هي به جهڙوڪ شاعري جي فن جيان فڪر ۽ سٺي وزن ۽ بحر جيان آهي. سٺي شاعري يا سٺو خيال سٺي فني گهڙت ذريعي سٺو تاثر ڇڏيندي آهي پر ڪڏهن ڪڏهن ڳالهه ابتي ٿي ويندي آهي. تنهنڪري ڪهاڻي نويسي ۾ ٻئي گهرجون متناسب انداز ۾ هجڻ ضروري آهن. جيڪڏهن ٿوري تفصيل ۾ وڃجي ته ڪهاڻي عنصرن ۾ سيٽنگ اچي ٿي، جنهن موجب ته ڪهاڻي ڪٿي جي آهي، پسمنظر، پيش منظر ۽ حالتون اچي ٿيون وڃن. ان کانپوءِ ڪردارنگاري اچي ٿي وڃي ته ڪردار ڪير ۽ ڪهڙا آهن ۽ انهن کي ڪيئن پيش ڪيو ٿو وڃي. جڏهن ته ٿلهي ليکي پلاٽ به ڪهاڻي جو ئي عنصر آهي پر ان جون علامتون يا عنصر جدا آهن. انهن کانسواءِ موضوع، خيالن جو ٽڪرا يا متضاد شيون يا ڳالهيون، نقطه نظر جهڙوڪ ڪهڙن خيالن وارن ماڻهن ۽ حالتن جي ڪهاڻي آهي، لهجو ۽ اسٽائيل يا ڊڪشن ڪهڙو آهي، ڪهاڻي جا اهم عنصر آهن. اسٽوري کانپوءِ پلاٽ جا عام طور تي پنج عنصر بيان ڪيا ويندا آهن. پلاٽ ۾ پهريون عنصر نماءُ يعني Exposition جو ليکيو ويندو آهي جنهن مطابق ته ڪردار ۽ سيٽنگ کي متعارف ڪرايو ويندو آهي ته ڪردار ڪهڙا آهن ۽ ڇا پيا ڪن يا چون ۽ ڪٿي پيا ڪن. “ڪٿي” وارو عنصر جيتوڻيڪ اسٽوري واري پاسي به هوندو آهي پر پلاٽ جي اوسر لاءِ اهو اهم هوندو آهي. ان کانپوءِ اسرندڙ عمل هوندو آهي جنهن موجب ته ڇا پيو ٿئي ۽ ڇو پيو ٿئي. هتي “ڇو” وارو عنصر ڪارفرما هوندو آهي. ڪهاڻي پدما ۾ نالي جو غلط اچار اسان کي اشارو پيو ڏئي ته ٻنهي ڪردارن جي سڃاڻپ يا اصليت ۾ ڪو تضاد آهي. اڳتي هلي خبر پوندي ته اهو تضاد هندو جو مسلم اچار سان مسئلو آهي. رائيزنگ ايڪشن يعني اسرندڙ عمل يا ڪم کانپوءِ خبر پوي ٿي ته ڪٿي ڪلائيميڪس آهي، يعني ڪٿي ڪو بحران آهي اهو بحران ڪردارن ۾ فرق يا تضاد کي مٿي پهچائي ٿو، جتي ڪهاڻي پنهنجي اصل مقصد ڏانهن وڌي ٿي ته ڪهاڻي ڇو ٻڌائي پئي وڃي، ڪهاڻي جو اصل محرڪ ڪهڙو آهي. جڏهن انهي بحران جي ڪا آخري منزل اچي ٿي ته اتان کانپوءِ ايڪشن هيٺ لهڻ شروع ڪري ٿو، جنهن کي Falling Action چئجي ٿو. هتي ڪهاڻيڪار جي فن جو اصل امتحان هوندو آهي ته ڪردارن يا ڪهاڻي کي بحران ڏانهن ڪيئن وٺي ٿو وڃي ۽ پوءِ بحران مان ڪڍي ڪيئن ٿو. مثال طور نسيم کرل جي ڪهاڻي “چوٽيهون در” ۾ ننڍو ملازم جڏهن روهڙي ۽ سکر پوليس اسٽيشن جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي چور ٿئي ٿو ته پوءِ ڇا ٿو ڪري. ڪهڙي نموني انهي سموري صورتحال کي منهن ڏئي ٿو ۽ ڪيئن محسوس ڪري ٿو. هن حصي ۾ ڪهاڻي پڙهندڙ پنهنجن سمورن تجربن ۽ محسوسات کي ان ڪردار سان ڳنڍي همدردي محسوس ڪري ٿو ۽ ايئن ڀانئين ٿو ڄڻ اهو سڀ ڪجهه ان ڪردار سان نه پر ساڻن ٿئي پيو. پلاٽ جي آخري عنصر مطابق ڪهاڻيڪار ان سموري ماجرا جو حل ٻڌائي ٿو ته هاڻي انهي سموري صورتحال جو نتيجو يعني Resolution or Coda ڪيئن پيش ڪري ٿو. چوٽيهون در ۾ ئي ڏسجي ته اهو ملازم اهو چوندي محسوس ٿئي ٿو ته بيشڪ هن دنيا ۾ انهي لاش جو يا قتل جو ڪو حساب ڪتاب وٺڻ وارو نه هجي پر “مٿي” سمورن ماڻهن جو حساب ڪتاب وٺڻ وارو موجود آهي. اهو انهي بيڏوهي عورت جي قتل جو حساب ڪندو ۽ لاش کي درياءَ بادشاهه جي حوالي ڪري ٿو. ايئن ڪهاڻي جو اهو معمو حل ٿي وڃي ٿو. انهي حل ۾ اهو پيغام به سمجهه ۾ ايندو آهي ته هتي ماڻهو بيوس آهي، انصاف اڻ لڀ آهي ۽ پوليس پنهنجي پيشي کي اهم فرض بدران ڌنڌو بڻائي ڇڏيو آهي. اهڙي ريت ڪهاڻي پنهنجي بهترين پلاٽ ذريعي هڪ اهم پيغام پهچائي ٿي ۽ پڙهندڙ رڳو پيغام ئي نه پر ڪهاڻي جي اندازِ بيان مان به لطف وٺندو آهي. ڪهاڻي ۽ پلاٽ جي تجزين ۾ ڪيترائي مفڪر آهن پر انهن وليم ليبوف William Labov اهم آهي. جنهن جي ماڊل کي کڻي ڪهاڻين تي سٺي نموني لاڳو ڪري نتيجا ڪڍي سگهجن ٿا. يعني ڪهاڻي ۽ پلاٽ جي عنصرن کي سمجهي سگهجي ٿو. اهي ته اهي جزا هئا، جيڪي ڪهاڻي ۽ پلاٽ کي سمجهڻ ۾ مددگار هئا پر ڪهاڻي جي ٿيم يعني موضوع کي سمجهڻ لاءِ قديم نقادن مان ارسطو جو عنصر اهم آهن، جيڪي ڪهاڻي نويسي ۾ ٿيم کي سمجهڻ ۾ مدد ڏين ٿا. جيڪي هن پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب دي پوئٽڪس ۾ ڏنا آهن.
هلندڙ

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button