ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ميٽ هيگ جو ناول ۽ اسپيڪيولٽوَ فڪشن

Editorial-Article-Kaleem Butt

عام طور ته اهو خيال ظاهر ڪيو وڃي ٿو ته 21هين صدي ٽيڪنالاجي جي صدي آهي، دنيا تيزي سان ڊجيٽلائزيشن ڏانهن وڌي رهي آهي. هڪڙي پاسي هٿرادو ڏاهپ (آرٽيفيشل انٽيليجنس) جو ڄار وڇائجي رهيو آهي ته ٻئي پاسي ناڻو به ڊجيٽلائيز ٿيندو پيو وڃي. جنهن جو بهترين مثال ڪرپٽوڪرنسي، بٽ ڪوائن وغيره آهن.

زندگي جي هر شعبي جيان ادب خاص ڪري تخليقي ادب تي به ان جا گهرا اثر پيا آهن ۽ ويجهڙ ۾ گهڻي ڀاڱي جيڪو انگريزي (برطانوي يا آمريڪي) افسانوي ادب پڙهڻ لا ملي رهيو آهي، ان ۾ ڪٿي نه ڪٿي ٽيڪنالاجي، جينٽڪ ميوٽيشن ۽ هٿرادو وبائي بيمارين جو ذڪر عام جام ملي ٿو. مثال نوبل انعامي يافته برطانوي ليکڪ ڪازو ايشيگورا جا ناول “نيور ليٽ مي گو” يا “ڪلارا اينڊ دي سن” انهي موضوع تي لکيل آهن. اهڙي ريت مارگريٽ ايٽووڊ جا ڊسٽوپيائي ناول “هينڊ ميڊ ٽيل” ۽ “دي ٽيسٽامنٽ”، يا وري ڊين برائون جو ناول “اورجن” ذڪر هيٺ اچن ٿا. اهڙي ريت برطانوي ناول نگار ۽ صحافي ميٽ هيگ (Matt Haig) جو سال 2020ع ۾ ڇپيل ناول “دي مڊ نائيٽ لائبريري” (The Midnight Library) پڙهڻ جو موقعو مليو. هن ناول کي اسپيڪيولٽوَ فڪشن جي صنف ۾ ڄاڻايو ويو آهي.

        ميٽ هيگ (Matt Haig) جو تعارف:

46 سالن جي ميٽ هيگ جو جنم سال 1975ع ۾ برطانيا جي ڪائونٽي شيفليڊ ۾ ٿيو. هن يونيورسٽي آف هُل مان انگريزي ۽ تاريخ جي شعبن ۾ ڊگري ورتي. هن صحافت سان گڏ افسانوي ادب به لکڻ شروع ڪيو. سال 2015ع ۾ چپيل سندس ڪتاب “ريزنس ٽو اسٽي الائيو” 46 هفتن تائين سنڊي ٽائيمز جي بيسٽ سيلر لسٽ ۾ ڏهه سڀ کان وڌيڪ وڪامندڙ ڪتابن مان هڪ رهيو. هن جا ڪيترائي ناول ڇپيا آهن، جن ۾ ڪيترائي ٻاراڻا ناول به آهن، جن ۾ هن جي ٻارن لا لکيل ناول “دي شيڊو فاريسٽ” کي سال 2007ع ۾ نيسلي چلڊرينز بوڪ پرائيز مليو. اهڙي ريت هن جو ناول “دي لاسٽ فيملي آف انگلينڊ” شيڪسپيئر جي مشهور ڊرامي هينري IV جي ريٽيلنگ آهي ۽ هن ناول جا مک ڪردار ڪتا آهن. جڏهن ته سندس هڪ ٻيو ناول “ڊيڊ فادرز ڪلب” وري شيڪسپئير جي هيملٽ جي ريٽيلنگ آهي. هيگ جو هڪ ٻيو ناول “هائو ٽو اسٽاپ ٽائيم” جيڪو سال 2017ع ۾ چپيو، هن ناول جي ڪري هيگ کي هڪ ناول نگار طور نئين سڃاڻپ ملي. هن ناول جو مک ڪردار ڏسڻ ۾ ته 40 سالن جو اچي ٿو پر اصل ۾ هو 400 سالن جي ڄمار جو آهي ۽ شيڪسپيئر، ڪيپٽن ڪوڪ ۽ فٽزگارليڊ سان ملي چڪو آهي. ان ناول جي حوالي سان هڪ انٽرويو ۾ هيگ اهو به اظهار ڪيو ته ان تي فلم ٺاهڻ جون تياريون به هلي رهيون آهن.

  اسٽيفن موس نالي صحافي جولا 2021ع  ۾دي گراجين ۾ هيگ تي پروفائيل ۾ لکيو ته ايندڙ ڇنڇر تي هيگ 46 سالن جو ٿي ويندو پر سندس زندگي جا شروعاتي 40 سال جدوجهد سان ڀريل آهن. ان هوندي به تازو ئي کيس سندس ناول “دي مڊ نائيٽ لائبريري” جيڪو 2020ع ۾ ڇپيو ۽ هن وقت تائين ان ناول جون 10 لک ڪاپيون وڪرو ٿي چڪيون آهن. جنهن لا هن کي 600000 پائونڊ مليا آهن. هيگ جو چوڻ آهي ته “دي هيومن” ناول لکندي کيس هڪ ليکڪ هجڻ جو اعتماد مليو. موس وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته هيگ سان imposter syndrome وارو مسئلو هو ۽ هو هر قسم جي غيريقيني ۾ ورتل هو. سندس زندگي ۾ اهڙا ڏينهن به آيا جن ۾ کيس لڳندو هو، ڄاڻ هو مري ويندو. پر هاڻي هو هڪ ڪامياب ليکڪ واري زندگي گذاري رهيو آهي.

                  ناول دي مڊ نائيٽ لائبريري:

هي 250 صفحن جو ناول 2020ع ۾ ڪيننگيٽ بوڪس ڇپرايو ۽ جيئن ته هي ناول لاڪ ڊائون دوران ڇپيو، ان ڪري هيگ ناول هيلٿ ورڪرن ۽ ڊاڪٽرن کي ارپيو آهي. ناول نورا سيڊ نالي 35 سالن جي هڪ عورت جي ڪهاڻي آهي، جنهن وٽ فلسفي جي ڊگري آهي. هو هفتي ۾ هڪ ڀيرو شاگردن کي پيانو سيکاريندي آهي ۽ هن وٽ رڳو هڪ شاگرد آهي، نورا زندگي کان تنگ ٿي خودڪشي ڪرڻ جو ارادو ڪندي ننڊ جي ٽڪين جو اوور ڊوز وٺي ڇڏي ٿي. جيستائين ٽڪيون اثر ڪن کيس پنهنجي پنجٽيهه سالن جي زندگي جون ڪاميابيون ۽ ناڪاميون ياد اچڻ لڳن ٿيون. هو ڊين نالي همراهه سان شادي کان رڳو ٻه ڏينهن اڳ شادي ڪرڻ کان منع ڪري ڇڏي ٿي، جڏهن ته هو هڪ گتي ۾ نوڪري ڪندي آهي، اها به ڇڏي ٿي ڏئي. نورا تي وجوديت واري فلسفي جو اثر آهي ۽ هاڻي کيس لڳي ٿو ته سندس زندگي جو ڪو مقصد باقي نه رهيو آهي. گتي جو مالڪ نيل هر هر هن کي سمجهائيندو رهي ٿو ته پنهنجي خوابن پٺيان لڳڻ جو وقت ڪڏهن به نه ويندو آهي ۽ ڪنهن مهل به ماڻهو انهن کي حاصل ڪرڻ لا نڪري سگهي ٿو. ان تي نورا کيس چئي ٿي ته هو خوش آهي ۽ کيس هي نوڪري گهرجي. نيل کيس چوي ٿو “توکي آزادي گهرجي.”

ان تي هو کيس جواب ڏئي ٿي ته نه کيس آزادي نه گهرجي. نورا جي زندگي سندس ڪيل فيصلن جي ڪري پڇتا سان ڀريل آهي. هر انسان زندگي ۾ لکين فيصلا ڪري ٿو، ڪي ننڍا، ڪي وڏا، پر هر فيصلي جو نتيجو الڳ هوندو آهي.

  نورا کي به زندگي ۾ ڪيل ڪيترن ئي فيصلن تي پڇتا جو احساس ٿيڻ لڳي ٿو، جهڙوڪر کيس سوشل ميڊيا تي اجايو وقت وڃائڻ جو پڇتا آهي. هن کي ننڍي هوندي پي سان ڪيل تڪراري بحثن تي به پڇتا آهي. ڊين سان شادي نه ڪرڻ جو به پڇتا اٿس ته وري هو ان ڳالهه تي به پڇتائي ٿي ته هن يونيورسٽي ۾ فلسفي بدران جيولاجي ۾ داخلا ڇو نه ورتي؟ اهڙي ريت يونيورسٽي جي ڏينهن ۾ شروع ڪيل ناول کي پورو نه لکي سگهڻ جو به پڇتا اٿس. هو ان ڳالهه تي به پڇتائي رهي آهي ته هن خوش انسان جيان زندگي گذارڻ ڇو نه سکي؟ انهن پڇتائن جي ڪري هو خودڪشي ڪرڻ جو ارادو ڪري ٿي.

 نفسياتي ماهرن موجب پڇتا هڪ ناڪاري احساس آهي، جنهن ۾ ماڻهو کي اهو احساس ٿيندو آهي ته جيڪڏهن هو هيئن نه هونئن ڪري ها ته نتيجا سندس حق ۾ هجن ها! پڇتا جو احساس گهڻي ڀاڱي شرمساري، ندامت ۽ ڏوهاري هجڻ واري احساس جي ڪري ٿيندو آهي. پڇتا جي ڪري عام طور تي ڪنهن ماڻهو جي شخصيت تي ڇهه ناڪاري اثر ٿي سگهن ٿا: پنهنجي لا وري وري غلط شين کي چونڊڻ، فيصلي ڪرڻ جي قوت وڃائي ويهڻ، ڏک ۽ افسردگي، اينگزائٽي، شرمساري يا ندامت، ڏوهاري هجڻ جو احساس ۽ ڪاوڙ. هن ناول جي مک ڪردار نورا سان به پڇتا جي ڪري بلڪل اهي ئي ڪيفيتون آهن.

ائين وري خودڪشي جي ارادي کان ڪجهه وقت اڳ کيس اها خبر پوي ٿي ته سندس ڪتو جنهن کي هن والٽيئر جو نالو ڏنو هو ڪنهن گاڏي جي ٽڪر ۾ مري ويو آهي. اها خبر ويتر نورا کي ذهني مونجهاري ۾ وجهي ڇڏي ٿي ۽ هو پاڻ کي والٽيئر جي موت جو ذميوار سمجهڻ لڳي ٿي.

  نورا تي ٽڪين جو اثر ٿيڻ لڳي ٿو ۽ هو اکيون بند ڪري ٿي، کيس هڪ عمارت ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ هو ان ڏانهن وڃي ٿي جتي کيس سندس اسڪول جي لائبررين مس ايلم ملي ٿي. نورا ان پوڙهي مائي کي ڏسي هن کان پڇي ٿي ته ڇا هو مري چڪي آهي؟ ان تي مس ايلم کيس ٻڌائي ٿي زندگي ۽ موت جي وچ ۾ هڪ ٻي جا به هوندي آهي ۽ هو هن وقت ان جا تي آهي ۽ ان کي لائبريري چئبو آهي. نورا ڏسي ٿي ته هزارين ڪتابن سان ڀريل شيلف پاڻمرادو لڏڻ لڳن ٿا، هو وائڙن جيان اهو ڏيک ڏسي ٿي.

          اسپڪيوليٽوَ فڪشن (Speculative Fiction) واري صنف:

ائين ته هن ناول دي مڊ نائيٽ لائبريري ۾ ڪيترائي لاڙا استعمال ڪيل آهن. مثال طور ناول جي شروعات وجوديت سان ٿئي ٿي ۽ نورا اسٽريم آف ڪانسنيس ۾ سندس ماضي کي ياد ڪري ٿي، ان کانپو ناول جي ڪجهه بابن ۾ جادوئي حقيقت نگاري کي استعمال ڪيو ويو آهي. پر هيگ جي ناولن کي گهڻي ڀاڱي اسپڪيوليٽَو فڪشن ۾ ليکيو ويندو آهي. هي ناول به انهي صنف ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. ان حوالي سان پي ايل ٿامس جي ايڊٽ ڪيل ڪتاب “Science Fiction and Speculative Fiction: Challenging Genres” (2013) ۾ ڄاڻايل آهي ته ڪامڪس ۽ گرافڪ ناولن جيان هي صنف به گهڻي ڀاڱي ڪمرشل گهرجن کي سامهون رکي لکي ويندي آهي. هي صنف سائنسي افساني مان نڪتل آهي ۽ آمريڪي ليکڪن سان گڏ ايشيائي ليکڪن ۾ گذريل ٻن ڏهاڪن کان ڏاڍي مشهور ٿي آهي. ڪجهه نقادن جو خيال آهي ته هن صنف ۾ جاسوسي ڪهاڻي، جادوئي حقيقت نگاري، ڀوائتو افسانو (horror fiction) ، مسٽري ۽ انٽرنيٽ جو استعمال وغيره گڏيل طور پرهڻ لا ملندو آهي.

 ان حوالي سان لنگ نالي محقق هڪ مقالي “Speculative Fiction” ۾ لکيو آهي ته:

“The speculative aspect of science fiction is often used to express frustrated authorial desires for social change, with its concerns ranging from the philosophical  to the culinary , or from geopolitical to the libidinal. In Asian American literature, the motivating force behind writings with a speculative bent is often laced with an additional consideration of racialization, and the nature of class, gender, or sexual relations in culture and society.”

اها ڳالهه ته واضح آهي ته هي صنف به جاسوسي ڪهاڻين، ڀوائتين ڪهاڻين يا سائنسي افسانن جيان پاپولر ادب ۾ ڳڻي وڃي ٿي، پر ان هوندي به هن قسم جو ادب نوان پرهندڙ پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪندو رهي ٿو ۽ خاص ڪري نوجوانن ۾ گهڻي مشهوري ماڻي ٿو. جڏهن ته ميٽ هيگ جو هي ناول به ان حوالي سان هڪ سٺو ناول آهي. هن ناول جو پلاٽ پائولو ڪوهيلو جي ناول “ورنيڪا ڊيسائڊس جو ڊا” سان ملندڙ آهي. انهي ناول ۾ به مک ڪردار ننڊ جون ٽڪيون کائي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ۽ ريهبليٽيشن سينٽر ۾ اچي ٿي ۽ زندگي جي نون ڳجهن کي ڄاڻي ٿي.

 ائين ته سنڌي ۾ هن قسم جو ادب بنهه ٿورو لکيو ويو آهي، پر جيڪڏهن هن قسم جو ادب لکيو وڃي ته اهو سنڌي ۾ نوان پڙهندڙ پيدا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button