ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

راجا ۽ پرجا جي ڳالهه

Editorial-Article-Ishaq Mangrio

هڪ طرف اسان جي ملڪ ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان روڊن تي اچي احتجاج ڪري پنهنجي گرفتار ٿيل اڳواڻ کي آزاد ڪرائي ورتو آهي ۽ سندن پارٽي تي لاڳو ڪيل پابندي پڻ انهيءَ جدوجهد جي نتيجي ۾ ختم ڪرائي ورتي آهي. هوڏانهن وري اسان جي پاڙيسري ملڪ ۾ چوڏنهن مهينن کان لاڳيتو هلندڙ هارين ۽ ننڍن آبادگارن جي احتجاجي تحريڪ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. نتيجي ۾ هاري آبادگار مخالف پاليسيءَ کي وزير اعظم موديءَ واپس وٺي ورتو آهي. ان ڪري ملڪ جي سياسي ۽ سماجي صورتحال کي سمجهڻ لاءِ ملڪي سطح تي هلندڙ روحاني انداز کي سمجهڻ ضروري آهي.
ڳالهه ڪن ٿا ته ڪنهن ملڪ جو راجا هوندو هو، ان تي ڪا ڏکي گهڙي ايندي هئي ته سندس ئي درٻار واري شهر ۾ رهندڙ بزرگ جي چائنٺ تي ويندو هو ۽ انهيءَ حاضري جي نتيجي ۾ راجا جي مٿان آيل ڏکيا لمحا گذري ويندا هئا. چون ٿا ته اهڙي ئي ڏکئي لمحي کي منهن ڏيڻ لاءِ هر دور جو راجا پنهنجو بندوبست ڪري رکندو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ پنهنجي بادشاهيءَ تي آيل ڪارن بادلن کي لاهڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري وٺندو آهي. گهڻن ڏاهن چوڻ آهي ته ان معاملي ۾ مشرق ۽ مغرب جي فرق کان سواءِ هر راجا جو اهڙو بندوبست ڪيل هوندو آهي. انهيءَ حساب سان هر بزرگ جو زباني داستان ٻڌائيندڙ شيواڌارين وٽ ڪئين راجائن جا قصا ٻڌائڻ لاءِ موجود هوندا آهن. هونءَ ته اڄڪلهه اسان جي ملڪ ۾ ڪردستاني پير جا قصا ايترا ته گهڻا ڏسڻ لاءِ موجود آهن جو بادشاهن جي وچ ۾ رهندڙ اهڙي پير بابت جڏهن سوشل ميڊيا ۾ قصا هلڻ شروع ٿيا آهن، ته پوءِ اهو قصو ويران وير وڌ آهي. ان جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته جڏهن اسلام آباد جي هڪ سنڌي صحافي پنهنجي فيس بوڪ وال تي رکيو ته سنڌ مونکي ڪردستاني پير سان ملائي فيض ڏيارڻ لاءِ ايترا ته فون ۽ ميسيج پيا اچن، جو پريشان ٿي ويو آهيان. نيٺ انهيءَ صحافي کي ڄاڻايل پير بابت ٺڳين واريون ڪيتريون ڪهاڻيون لکڻيون پئجي ويون. انهيءَ پير بابت هلندڙ ڳالهين ۾ اهي ڳالهيون به شامل آهن، ته پي ٽي آءِ جي حڪومت اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين وارو بل ۽ ٻيا بل به گڏيل اجلاس مان انهيءَ ڪردستاني پير جي دعائن واري ڦوڪ جي مدد سان پاس ڪرايو آهي. حالانڪه سوشل ميڊيا ۾ ڪردستاني پير جون تصويرون قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، وزير اعظم جي مشيرن، وزيرن، سينيٽرز ۽ ايم اين ايز کان وٺي اپوزيشن اڳواڻن جون ملڻ دوران ورتل تصويرون هلندڙ آهن. هوڏانهن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس مان حڪومت پاران بلز پاس ڪرائڻ بابت اهو به چوڻ آهي ته ان جي لاءِ ڪردستاني پير جي امامت ۾ اسپيڪر ۽ ڪجهه ايم اين ايز ۽ سينيٽرز پارليامينٽ ۾ نماز به پڙهي. انهن بلن جي پاس ٿيڻ تي پي ٽي آءِ جي حڪومت جي سينيٽرز، ايم اين ايز ۽ اتحادين جي اعتماد تي پورو لهڻ جي بدران ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا ۾ ٻيون ڪئين ڪهاڻيون هلندڙ آهن. گهڻا ميڊيا ميڪر ته ان کي 19 نومبر جو گهڻو ذڪر ٿيڻ لڳو آهي. پي ڊي ايم جي سربراهه ته ڪوئيٽا ۾ ايئن به چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت 19 نومبر کان اڳ رڳو بلز نه پر گهڻا معاملا طئه ڪرڻ چاهي ٿي. ٿي سگهي ٿو ته انهيءَ 19 نومبر واري انگ ۾ فلڪياتي علم جو ڪو ڪمال رکيل هجي. ٻي ته خبر ناهي، پر فلڪياتي ماهرن جي چوڻ موجب 19 نومبر تي هن سال جي آخري چنڊ گرهڻ ٿي هئي. جيتوڻيڪ اها چنڊ گرهڻ پاڪستان ۾ نه ڏٺي وئي. ان جي باوجود چوڻ وارا ته اهو به چون ٿا ته اصل ۾ 19 نومبر تي پاڪستان ۾ چنڊ گرهڻ جو نه ڏسجڻ ئي ڪمال آهي جو سمورا سياسي معاملا بهتر ٿي ويا. جيڪڏهن ڪو ملڪي ميڊيا ۽ يوٽيوب بلاگرز جي ٻڌايل ڳالهين تي لڳي ڪا وڏي شرط رکي وٺي هان، ته اڄ اونڌي کٽ ڪري ستل هجي هان. جيڪڏهن آزاد ميڊيا جو اهو مطلب ورتو وڃي، ته اصل معلومات ڏيڻ جي بدران گهڻي انداز ۾ گهڙيل ڪهاڻيون ايڏيون ته زوردار انداز ۾ ٻڌايون وڃن، جو سچ ۽ ڪوڙ جي تميز ئي نه رهي.
اڄڪلهه اسان جي ملڪ ۾ روحاني علم جي ذريعي لايا سجايا ڪرڻ تي زور ڏنل آهي. هونءَ به ميڊيڪل جون سهولتون گهٽ هئڻ سبب ڦيڻن ۽ دم جي ذريعي علاج جو گهڻو رواج مروج آهي. پر هاڻ ته ٽوڻن ڦيڻن سان حڪومتي اقتدار حاصل ڪرڻ ۽ جن کي اقتدار حاصل آهي، انهن کي وري اقتدار تي برقرار رهڻ لاءِ اهڙن روحاني دعائن جي ضرورت پوندي رهي ٿي. هن وقت ڪردستاني پير جون ڪهاڻيون ته ايڏيون گهڻيون مشهور ٿيون آهن جو پاڪستان ۾ گهڻو ڏٺو ويندڙ ۽ پڙهيون ويندڙ عالمي ميڊيائي ادارن ڄاڻايل پير تي خصوصي رپورٽون نشر ڪيون آهن. سوشل ميڊيا موجب ڪردستاني پير جي موجود هجڻ جي ڳالهه جڏهن لاهور واسين کي پئي ته لاهور جي انهيءَ هوٽل جي اڳيان جنهن ۾ ڪردستاني پير رهيل هيو، اتي هزارن جي انگ ۾ عورتون ۽ مرد ان جي ديدار ۽ دم لاءِ پهچي ويا. جنهن جي ڪري هوٽل جي انتظاميا کي حالتن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پوليس کان مدد وٺڻي پئي. ٿي سگهي ٿو اسان جي ملڪ ۾ مرداڻي معاشري جي اثر جو ڪمال هجي، جو ملڪ جي سياسي حالتن ۾ ڪنهن پيرڻي جو ذڪر گهٽ ٿيڻ لڳو آهي.
مالا علي ڪردستاني
ميڊيائي ادارن کي اڃان اها معلومات حاصل نه ٿي سگهي آهي ته طبيب مالا علي ڪردستاني ترڪيءَ مان پاڪستان ڪيئن ۽ ڪنهن جي ذريعي پهتو آهي. پر اهو ٻڌايو وڃي پيو ته ڪردستاني پير جو روحاني طور تي وڏو چرچو موجود آهي. هن جي ڪرامتي قصن جي ڪري کيس ترڪي ۽ سعودي عرب مان جبري طور تي نيڪالي ڏني وئي آهي پر اهڙين تڪليفي مرحلن مان اوشوءَ کي به آمريڪا ڇڏڻو پيو هو. جيڪو پڻ مخصوص انداز واري روحاني عبادت واري انداز جي ڪري نوجوان نسل ۾(عورتن ۽ مردن ۾) گهڻو مشهور هو. اڄ به اوشوءَ جا وڊيو، آڊيو ليڪچر ۽ ڪتاب گهڻا پڙهيا ۽ ٻڌا وڃن ٿا. ساڳي صورتحال ڪردستاني پير جي به آهي، جيڪو في الحال ته سرڪاري ۽ غير سرڪاري اڳواڻن ۽ عملدارن وٽ ايڏو ته مقبول بڻيل آهي جو عام ماڻهو ته سندس ديدار لاءِ واجهائي رهيا آهن. في الحال ته ڪردستاني پير تي وڏي طبقي وارن جو قبضو ٿيل آهي. ضياءَ دور ۾ پڻ هڪ پوليس وارو پير ايڏو ته مشهور ٿيو هو، جو لاهور جي ريلوي اسٽيشن تي هزارين ماڻهو سندس ديدار ۽ ڪرامتي ڦوڪ لاءِ پهتل هئا. جتي هن لائوڊ اسپيڪر جي مدد سان وظيفي واري ڦوڪ ڏئي سڀني ايندڙن ۾ فيض ورهايو هيو. ڪرامتن جي حوالي سان سنڌ جي جيل ۾ وڏي عرصي تائين هڪ بينڪر قيد رهندڙ منگي فقير جا قصا به تمام گهڻا مشهور آهن. جنهن کان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم پڻ ڪرامتي دعائن جي نتيجي ۾ ڪاميابيون حاصل ڪيون. فقير منگي جي سندس زباني ٻڌايل ڳالهين موجب قيدي طور رهندڙ اڳوڻي صدر زرداري جا قصا وڏا دلچسپ آهن. صدر زرداري ته وري به جيل ۾ ساڻس قيدي طور ملاقات ڪري فيض حاصل ڪيو. پر وڏي وزير ارباب غلام رحيم سندس ٻڌل قصن جي نتيجي ۾ اهڙو فيض حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي وزير ٿيڻ کان اڳ جيل ۾ ملاقاتون ڪيون. ارباب غلام رحيم وڏي وزير جو حلف کڻڻ کان پوءِ سڀ کان پهرين حاضري ڏيڻ وٽس جيل ۾ پهتو. پر ارباب غلام رحيم کي حيرت ان وقت ٿي، جڏهن جيل سپرٽيڊنٽ وڏي وزير کي اچي ٻڌايو ته منگي فقير وچين کان مغرب نماز تائين وظيفي ۾ هوندو آهي. ان عرصي دوران هو ڪنهن سان نه ڳالهائيندو آهي ۽ نه ملندو آهي. ان ڪري وڏي وزير ارباب غلام رحيم کي ان عرصي دوران پير پاڳاري سان ملڻ لاءِ وڃڻو پيو هو.
قصو فقير لالڻ لاشاري جي زيارت لاءِ محترمه بينظير ڀٽو جو جهڏي پهچڻ جو:
فقير لالڻ لاشاري جو آستانو جهڏي ويجهو لغارين جي ڳوٺ ۾ آهي. فقير لالڻ لاشاري مجذوب فقير آهي. جڏهن 88 ۾ محترمه بينظير ڀٽو وزير اعظم ٿي ته هوءَ انهيءَ ايام ڪاريءَ ۾ جهڏي ويجهو لغارين جي ڳوٺ ۾ فقير جي زيارت لاءِ پهتي هئي. اهو علائقو عمر ڪوٽ ضلعي جي حد ۾ اچي ٿو. ان ڪري وزير اعظم جي پروگرام کان اڳ هفتو کن ان وقت جي ڊي سي عمر ڪوٽ اعجاز منگي کي فقير جي روزاني جي اٿڻ، ويهڻ ۽ چر پر جي رپورٽ ٺاهي وزير اعظم هائوس اسلام آباد موڪلڻي هئي. ان وقت جي ڊي سي صاحب کي فقير جي شيدي خليفي جي مدد سان رڳو ان ڳالهه جي پڪ وٺڻي پئي، ته وي آءِ پي جي اچڻ وقت فقير گهٽ ۾ گهٽ ڪپڙا پاتل هجي ۽ ان وقت ديوين جي جهنگل ۾ گم ٿي وڃڻ جي بدران هتي ڳوٺ واري آستاني ۾ ويٺل هجي. وزير اعظم جي پهچڻ وقت جڏهن فقير کي دعا لاءِ چيو ويو ته هن موٽ ۾ هيلي ڪاپٽر تي چڙهڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. ان وقت جي سنڌ جي وڏي وزير عبد الله شاهه جي ڊيوٽي لڳائي پوري ڪئي وئي. انهن ڏينهن ۾ ڳوٺ وارن اها ڳالهه ٻڌائي هئي ته وزير اعظم جي نڙاڻ ايم اين اي فريال ٽالپر فقير جي زيارت ڪرڻ وقت اهڙي باس باسي هئي، جنهن جي پورائي لاءِ محترمه کي فقير لالڻ لاشاري جي زيارت لاءِ پهچڻو پيو هو. ٻڌوسون ته اهڙي دعا لاءِ اڳوڻو وڏو وزير ارباب غلام رحيم به لالڻ لاشاري وٽ حاضر ٿيو هو. جهڏي واسين جو اهو مڃڻ آهي، ته ڪرونا جي باوجود سڄي ملڪ ۾ لاڪ ڊائون هجڻ جي باوجود جهڏي جي مال پڙي فقط فقير لالڻ لاشاري جي دعائن جي نتيجي ۾ هلي سگهي هئي. ان زماني ۾ هن رپوٽر آڪسفورڊ جي پڙهيل وزير اعظم محترمه بينظير ڀٽو جي اهڙي دعا جي سلسلي ۾ هڪ ليکڪ سائيڪياٽرسٽ کان ان جو سبب پڇيو هو، جنهن تي هن ٻڌايو هو ته وزير اعظم جو اهڙو عمل عوام لاءِ وڻندڙ آهي. ان ڪري وزير اعظم عوامي اڳواڻ هئڻ جي ناتي ايئن ڇو نه ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button