ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

واسا ملازمن جو احتجاج

Editorial

أحيدرآباد ۾ هر ٻئي مهيني پاڻي نيڪال ڪرڻ واريون لائينون بند ٿي وينديون آهن ۽ شهر جا ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويندا آهن. ان جو اهم ترين سبب واسا پاران احتجاج هوندو يا وري پمپنگ مشينن ۾ خرابي هوندي آهي، جنهن جي ڪري اهو مسئلو حيدرآباد ۾ نظر پيو ايندو آهي. پر هن ڀيري واسا پاڻ اهي پمپنگ اسٽيشون بند ڪيون ۽ ان ڪري شهر ۾ گندو پاڻي مختلف هنڌن تي بيهي رهيو، جنهن جي ڪري شهرين کي پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو. واسا اهو ڪم پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ لا ڪيو هو. جيئن ته واسا ۾ وڏي وقت کان پگهار نه ملڻ وارو معاملو جاري آهي، ان ڪري ملازم هاڻ پمپنگ اسٽيشون بند ڪري رهيا آهن.

ڪالهوڪي آيل خبر موجب حيدرآباد ۾ واسا جي ملازمن پگهار نه ملڻ خلاف پمپنگ اسٽيشن تي ڊرينيج ۽ سيوريج سسٽم بند ڪري پمپنگ اسٽيشن تي ڌرڻو هنيو. واسا عملدار ملازمن مٿان مڇرجي پيا، يونين جي جنرل سيڪريٽري ۽ سندس ساٿين تي ٻن ٿاڻن تي 2 ڌار ڌار ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيا. ليبر کاتي ملازمن جي بند پگهار جو نوٽيس وٺي انسپيڪٽرن کي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. خبر موجب حيدرآباد ۾ واسا ملازمن پگهار نه ملڻ خلاف جي او آر ڪالوني ۽ حسين آباد ۾ سيوريج ۽ ڊرينيج سسٽم بند ڪري پمپنگ اسٽيشن تي ڌرڻا هنيا. ملازم اڳواڻن عبدالقيوم ڀٽي ۽ ٻِين چيو ته واسا هٿرادو مالي بحران جو جواز ڄاڻائي ملازمن کي پگهار جاري نه ڪئي آهي. پينشنر به پينشن کان محروم آهن، جنهن ڪري گهرڀاتي بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. هوڏانهن ملازمن جي احتجاج جو ليبر کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر نوٽيس وٺي ايم ڊي واسا کي خط لکي پڇاڻو ڪيو آهي ته ملازم پگهار کان ڇو محروم آهن. ليبر کاتي جي اصولن مطابق ڪير به پگهار کان محروم نٿو ٿي سگهي، ان ڪري ليبر کاتي جا انسپيڪٽر واسا آفيس پهچي جائزو وٺًندا ۽ جاچ ڪندا ته ملازم ڇو پگهارن کان محروم آهن. ان ڏس ۾ ليبر کاتي طرفان نوٽيس وٺڻ ۽ ملازمن جي احتجاج کانپو واسا عملدار ملازمن تي ڏمرجي پيا آهن. ان ڏس ۾ حيدرآباد جي ٻن ٿاڻن حسين آباد ۽ جي او آر ٿاڻي تي واسا عملدارن جي فرياد تي واسا يونين جي جنرل سيڪريٽري عبدالقيوم ڀٽي، پمپنگ آپريٽر محمد علي، ڪليم، اعجاز حسين، حميد پٺاڻ، محمد رحيم کوسو، جاويد ڀٽي، نياز چانڊيو، شبير احمد خلاف پمپ اسٽيشن بند ڪري روڊ تي پاڻي ڇڏڻ ۽ حادثا ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. واسا ملازمن کي پگهار ۽ پينشن نه ملڻ هڪ ڪوتاهي آهي، پر ان جو مطلب اهو ناهي ته واسا جا ملازم پمپنگ اسٽيشون بند ڪري سڄي شهر کي گٽر ۾ تبديل ڪري ڇڏيندا، ڇاڪاڻ ته احتجاج جا ڪئين طريقا موجود آهن. واسا ملازم ماضي ۾ جيئن پرامن احتجاج ڪندا رهيا آهن، انهن کي ان طريقي سان احتجاج ڪرڻ گهرجي ها. ان کانسوا واسا جي ملازمن سان وڏي وقت کان واقعي به اهو مسئلو هلندو پيو اًچي، تنهنڪري ان معاملي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.
واسا کي ڄاڻي واڻي هڪ ننڌڻڪو کاتو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اهي کاتو حيدرآباد شهر کي باقاعدگي سان پاڻي پهچائيندو رهندو آهي پر تنهن هوندي به نه ته واسا جي ملازمن جا مسئلا حل ڪيا ٿا وڃن ۽ نه ئي انهن جي احتجاج جو سلسلو ختم ٿي رهيو آهي. واسا کي پگهارون نه ملڻ جو هڪ وڏو سبب ماڻهن پاران پاڻي جا بل جمع نه ڪرائڻ به آهي. ماڻهو پاڻي بل کي غيرضروري سمجهن ٿا، ان ڪري اهي پاڻي بل کي جمع نٿا ڪرائين. تنهنڪري ماڻهن کي ان ڳالهه جو پابند ڪيو وڃي ته اهي پاڻي جا بل باقاعدگي سان ڏيندا رهن ته جيئن واسا مالي بحران مان نڪري سگهي.
اسين سمجهون ٿا ته واسا هڪ اهم ترين کاتو آهي، ان ڪري اتي جيڪي به مسئلا آهن، انهن کي حل ڪرڻ لا نه رڳو لاڳاپيل اختياريون پر سنڌ حڪومت کي به تحرڪ ۾ اچڻ گهرجي. ٻي صورت ۾ حيدرآباد شهر وري به گٽرن جو ڏيک ڏيڻ لڳندو. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته واسا جون رهتون ادا ڪيون وڃن. ملازمن کي هر مهيني پگهار ڏيڻ جو سلسلو جاري ڪيو وڃي ۽ جيڪو به مالي بحران آهي، ان کي حل ڪرڻ لا ڪو رستو ڳوليو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button