ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

برساتن کي منهن ڏيڻ جي گهربل تياري

گذريل سال جڏهن ملڪ ۾ برساتن جو سلسلو جو شروع ٿيو هو ته اهو ٻوڏ ۾ تبديل ٿي ويو هو. نتيجي ۾ ڪروڙين ماڻهو ان ٻوڏ سبب متاثر ٿيا ۽ سڀ کان وڌيڪ سنڌ جي ماڻهن ڀوڳيو هو. اهڙي ريت انهن جي بحاليءَ جو ڪم سست رفتاريءَ سان هلندو رهيو پر نيٺ هن سال ٻوڏ متاثرن جي زندگي ڪجهه بحال ٿي آهي. پر مسئلو وري به اهو ئي رهندو آهي ته جڏهن به برساتون شروع ٿينديون آهن ته عام ماڻهو خاص طور شهري آبادي بنهه گهڻو ڀوڳيندي آهي. وزير مشير ڪيترا به الرٽ جاري ڪن پر سرڪاري عملدارن جي ڪنن تي جونءِ ڪانه سرندي آهي. جڏهن برساتون وسڻ شروع ٿي وينديون آهن ۽ ماڻهن لاءِ پريشانيون انهن جي درن تي اچي پهچنديون آهن ته پوءِ هڻ وٺ شروع ٿي ويندي آهي. تازو هڪ ڀيرو وري برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي ۽ ان حوالي سان حڪومت خبردار به ڪري ڇڏيو آهي. 
موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان سمورن سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن کي خبردار ڪندي چيو آهي ته ايندڙ 24 کان 48 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ گجگوڙ سان گڏ تيز برساتن جو امڪان آهي، ان ڪري هو خبردار ۽ تيار رهن. انهن برساتن ۾ متاثر ٿيندڙ ماڻهن جو انگ 9 لک ٻڌايو ويو آهي. جڏهن ته اين ڊي ايم اي برساتن ۾ ٿيل نقصان جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن، جنهن موجب ملڪ ۾ گذريل ٻن هفتن دوران طوفاني برساتن سبب 76 ڄڻا فوت ۽ 133 زخمي ٿي پيا آهن. اين ڊي ايم اي موجب سڀ کان وڌيڪ پنجاب ۾ طوفاني برساتن سبب 48 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. برساتن دوران خيبرپختونخوا ۾ 20 ۽ بلوچستان ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا. جڏهن ته پنجاب ۾ 86 ڄڻا زخمي ۽ خيبرپختونخوا ۾ برساتن سبب 37 ڄڻا زخمي ٿي پيا. فوت ٿي ويلن ۾ 31 ٻار، 30 مرد ۽ 15 عورتون شامل آهن. ان کانسواءِ طوفاني برساتن دوران مختلف حادثن ۾ 46 ٻار، 49 مرد ۽ 38 عورتون پڻ زخمي ٿي پيون. برساتن سبب 76 گهر ڊهي پيا ۽ 44 ڍور برساتي ريلن ۾ ٻڏي ويا. اين ڊي ايم اي موجب پنجاب ۾ 32 ۽ خيبرپختونخوا ۾ 46 گهرن کي نقصان پهتو آهي. هوڏانهن ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته پاڪستان ۾ ايندڙ 24 کان 48 ڪلاڪن دوران وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. سڀ کان وڌيڪ برسات پنجاب جي شهرن لاهور، نارووال ۽ سيالڪوٽ ۾ پوڻ جو امڪان آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير چيو ته ٻين صوبن ۾ پڻ تيز برساتن سان گڏ وچولي درجي جي برساتن لاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي. لينڊ سلائيڊنگ جي خطرن وارن شهرن ۽ ميونسپل علائقن لاءِ شهري ٻوڏ جو الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. هن چيو ته جامع تياري ۽ فعال رد عمل زندگين کي بچائي سگهي ٿو ان لاءِ متاثر علائقن ۾ سموريون ريسپانس ٽيمون، عوامي ۽ اين جي اوز ٻنهي کي چوڪس رهڻ جي ضرورت آهي.

اسين سمجهون ٿا ته لاهور ۾ آيل برسات مان اسان کي سبق پرائڻ جي ضرورت آهي، جتي تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي ۽ ماضي جا سڀ رڪارڊ پڻ هن برسات ۾ ٽٽي ويا آهن. تنهنڪري سنڌ توڙي ملڪي سطح تي ڪنهن به قسم جي ڪا ڪوتاهي نه ڪئي وڃي ته جيئن برسات جي تباهڪارين کان بچي سگهجي ۽ ماڻهن جو جاني نقصان پڻ نه ٿئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button