سنڌ

پ ٽ الف جو پيادل مارچ منزل جي ويجهو، گهاري پهچي ويو، شاندار استقبال

پ ٽ الف جو مطالبن جي مڃتا لا بلڙي شاھه ڪريم کان نڪتل پيادل مارچ گهاري پهچي ويو، جتي علماءَ ايڪشن ڪميٽي، واپاري ايسوسيئيشن جي صدر ڀون داس، مختيار لاشاري ۽ پ ٽ الف سميت سياسي سماجي ڌرين پانڌيئڙن تي گلن جي ورکا ڪري شاندار آجيان ڪئي. گهارو پريس ڪلب اڳيان خطاب ڪندي پ ٽ الف جي مرڪزي اڳواڻن حاجي شفيع محمد، عمران ڪورائي، پرديپ ڪمار ۽ ٻين چيو ته سنڌ حڪومت اڳ ۾ به واعدا ڪري ڪوڙا نوٽيفيڪشن جاري ڪري استادن کي پريشان ڪندي رھي آھي پر هن ڀيري بلڙي شاھه ڪريم کان لانگ مارچ شروع ڪيو آھي، جيڪو 12 جولاءِ تي ڪراچي پھچندو، اڳواڻ چتاءُ ڏنو ته جيستائين مسئلا حل نه ٿيندا تيستائين وزيراعليٰ ھائوس آڏو ڌرڻو جاري رھندو، چارٽر آف ڊمانڊ ۾ استادن جا جائز مطالبا آهن، جن ۾ اپ گريڊيشن،سروس اسٽرڪچر، سينيئر استادن کي 17ھون گريڊ ڏئي ھيڊ ماستر مقرر ڪرڻ، گروپ انشورنس ۽ ٻيا مطالبا شامل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button