ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سهولتن کان وانجهيل سامارو اسپتال

Editorial

صحت جي شعبي ۾ سرڪاري سطح تي علاج جون جيڪي سهولتون سنڌ ۾ موجود آهن، اهي ملڪ جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه بهتر آهن پر تنهن هوندي به انهن کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. اڄ به سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ دوائون کٽل هونديون آهن. ڊاڪٽرن پاران جيڪي دوائون لکيون وينديون آهن، ان وقت اهو به چيو ويندو آهي ته هي دوا اسپتال ۾ ڪونه ملندي ٻاهران وٺڻي پوندي آهي. ان کان سواءِ ٻيون به ڪيتريون ئي سهولتون آهن، جيڪي اسپتالن ۾ نظر ڪونه اينديون آهن، نتيجي ۾ عام شهري نه رڳو پريشانيءَ کي منهن ڏيندا آهن پر انهن لاءِ علاج ڪرائڻ به ڏکيو ٿي ويندو آهي. ملڪ ۾ ڪروڙن جي آبادي آهي، ان آباديءَ ۾ جڏهن ماڻهو ڪنهن نجي اسپتال ۾ علاج ڪرائڻ جو سوچين ٿا ته پهرين ته کين بل ۽ ڊاڪٽر جي في جو خيال ايندو آهي، جنهن کان پوءِ هو سرڪاري اسپتال جو رخ ڪندا آهن پر اتي به جيڪڏهن سندن علاج بهتر نه ٿئي، نه دوا ملي ۽ نه ايڪسري ٿي سگهي ته پوءِ اهو مريض ڪيڏانهن وڃي. هي حالت رڳو سنڌ جي ننڍن ننڍن شهرن جي ڪونهي پر اها سنڌ جي وڏن شهرن جي پڻ آهي.
ڪالهوڪي هڪ رپورٽ موجب سامارو اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جون ڪيتريون ئي جايون خالي آهن، دوائون گم آهن ۽ ٽيسٽون بند لڳيون پيون آهن. اسپتال کي تعلقه اسپتال جو درجو ملڻ ۽ ايس اين اي روائيز ٿيڻ کي 18 سال گذرڻ باوجود ڊاڪٽرن جي کوٽ برقرار آهي. مرد ميڊيڪل آفيسر ۽ 4 ليڊي ميڊيڪل آفيسر ڊيپوٽيشن تي ٻين ٽن اسپتالن ۾ مقرر آهن. تنهنڪري خالي جايون ڪونه ڀرجي سگهيون آهن. ان کان سواءِ اسپتال ۾ بسترن ۽ دوائن جي کوٽ برقرار آهي، ليبارٽريءَ ۾ مليريا ۽ هيمو گلوبن کان سواءِ ٻيون ٽيسٽون ڪونه ٿي رهيون آهن. ايمبولينسون وڏي عرصي کان خراب آهن. دوائون ۽ ڊرپون نه ملڻ سبب مريض انتظاميا کان شڪايت ڪندا رهن ٿا پر انهن جي شڪايت ٻڌي نٿي وڃي. هي ساماري جي اسپتال جي صورتحال آهي، جتي هڪ وڏي آبادي رهي ٿي ۽ ان کان سواءِ اتي ٻهراڙين جي وڏي آبادي به اتي اچي ٿي، تنهن هوندي به اسپتال کي بهتر ڪرڻ يا اتي سهولتون فراهم ڪرڻ جون ڪي به ڪوششون نه ٿي رهيون آهن. جنهنڪري ايندڙ مريض نه رڳو علاج نه ٿيڻ سبب پريشانيءَ جو شڪار آهن پر ڪروڙن جي رکيل بجيٽ به اسپتال تي خرچ ڪونه ٿي رهي آهي. اهڙي حالت ۾ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته اسپتال جو ڪاروهنوار بهتر نموني هلي سگهي.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ ۾ جتي به ڪا اسپتال آهي، اتي گهٽ ۾ گهٽ بنيادي سهولتون ضرور هجڻ گهرجن. اتي دوائن کان وٺي ٽيسٽون ڪرائڻ جون سهولتون هجن ته جيئن مريضن کي دربدر نه ٿيڻو پوي. سامارو جي سول اسپتال جي حالت جيڪڏهن وڏي وقت کان خراب آهي ۽ ڊاڪٽرن جون جايون به نه پيون ڀريون وڃن ته اها صحت کاتي جي ڪوتاهي آهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته صحت کاتو نه رڳو اتي ترت ڊاڪٽر مقرر ڪري پر ان ڳالهه جو به جائزو وٺي ته اسپتال ۾ مريضن کي سهولتون ڇو فراهم نه پيون ڪيون وڃن ته جيئن گهٽ ۾ گهٽ مريضن جو علاج ٿي سگهي ۽ اهي پريشانيءَ کان بچي سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button