ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

لينن نئين طرز جي انقلابي پارٽيءَ جو باني-II

Editorial-Article-Yameen Jatoi

سڀ کان پهرين مارڪسين پليخانوف جي قيادت ۾ نائين ڏهاڪي ۾ مارڪسي نظرئي کي ترقي ڏيڻ جو سرگرم ڪم شروع ڪري ڇڏيو هو. انقلابي دانشورن جا بهترين نمائنده سياسي لحاظ کان سڀ کان وڌيڪ باشعور مزدورن سان گڏجي مارڪسي تصور پرولتاري تحريڪ ۾ کڻي آيا.
سائنسي سوشلزم کي مزدورن جي عام تحريڪ سان گڏائڻ، نين حالتن ۾ مارڪسي نظرئي جي واڌويجهه ڪرڻ ۽ سوشلسٽ انقلاب جي معاملن ۾ ان کي شامل ڪرڻ ۽ سوشلسٽ اڏاوت ڪرڻ جو اعزاز بولشيوڪ پارٽيءَ ي حاصل آهي جنهن جي قيادت لينن ڪري رهيو هو.
لينن جو مڃڻ هو ته مزدور طبقي جي هڪ انقلابي پارٽي قائم ڪرڻ ۽ ان جي سگهه سوشلسٽ انقلاب جي ڪاميابيءَ جو هڪ فيصلائتو شرط آهي. پرولتار پارٽيءَ ۾ کيس اهڙي طاقت نظر آئي جنهن ۾ روس جي ڪاياپلٽ ڪرڻ جي اهليت هئي.
پارٽي قائم ڪرڻ کان اڳ لينن وڏي پئماني تي نظرياتي ۽ فڪري ڪم ڪيو پيٽي بورجوا نرودنڪ سوشلزم تي تنقيد ڪئي ۽ سڌاروادي ۽ ٻين موقعي پرست رجحانن خلاف جدوجهد ڪئي. جيڪڏهن اهو عمل نه ڪيو وڃي ها ته مارڪسزم کي آزاديءَ جي تحريڪ سان واڳي نه سگهجي ها ۽ پرولتاريءَ جو طبقاتي لائحه عمل مضبوط نه پئي ٿي سگهيو.
بولشيوڪن جي پارٽي، هڪ نئين طرز جي پارٽي جو بنياد پوڻ کان اڳ روس جي مزدورن جي تحريڪ ۾ مارڪسي رجحان هڪ سچي انقلابي رجحان جو اظهار ٿيو. بين الاقوامي سوشلسٽ تحريڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مزدور طبقي جي ڪنهن پارٽيءَ جي پروگرام ۾ پرولتاري ڊڪٽيٽرشپ قائم ڪرڻ جو مطالبو شامل ڪيو ويو جنهن جي هڪ نئين سماج جي اڏاوت لاءِ ضرورت جو نظرياتي ثبوت مارڪس ۽ اينگلس پيش ڪري چڪا هئا ۽ پوءِ لينن جنهن نهايت گهرائيءَ ۽ دليلن سان ثبوت فراهم ڪيا هئا. زار آپيشاهي ۽ سرمائيداريءَ خلاف روسي پرولتاريءَ جي انقلابي عوام جي جدوجهد جي پارٽي رهنمائي ڪئي.
انقلابي تحريڪ جي تجربي جو نچوڙ پيش ڪندي لينن پنهنجي ڪتاب “ڇا ڪيو وڃي؟ هڪ قدم اڳيان، ٻه قدم پوئتي” ۽ ٻين لکڻين ۾ هڪ نئين طرز جي پرولتاري پارٽيءَ بابت هڪ سرشتيوار تعليم ڏني. بقول هن جي پارٽيءَ کي پرولتاريءَ جو هراول، ان جو منظم جٿو ۽ سياسي تنظيم جي اعليٰ ترين شڪل هئڻ گهرجي. ان جو فرض آهي ته هو مزدور طبقي جي حق خوداراديت ۾، ان جي عالمي تاريخي فرض جي عمل ۽ پورڻتا ۾ سهڪاري ٿئي ۽ سهائتا ڪري. لينن ان ڳالهه تي زور ڏنو هو ته انقلابي نظرئي کان سواءِ انقلابي تحريڪ جو وجود ممڪن ناهي، ڇاڪاڻ ته رڳو اها ئي پارٽي جيڪا اسريل نظرئي سان هٿياربند هجي پهرين صف جي ويڙهاڪ فرض کي مڪمل ڪرڻ جي اهل ٿي سگهي ٿي.
ولاديمير لينن ۽ بولشيوڪن پارٽيءَ کي بحثن جي انجمن، جٿن ۽ ٽولين جي هڪ مجموعي ۾ تبديل ڪرڻ وارين ڪوششن کي رد ڪري ڇڏيو هو. لينن ۽ بولشيوڪن کي پارٽيءَ جي سگهه جو فيصلائتو شرط ان جي صفن جي لوهي اتحاد ۾، اهڙين سرگرمين جي اجازت نه ڏيڻ ۾ نظر آيو جن جو مقصد ان جي اتحاد جا بنياد کوکلا ڪرڻ ۽ لوهي نظم ۽ ضبط کي ڪمزور ڪرڻ هجي. بولشيوڪ پارٽي سچي پرولتاري بين الاقواميت پسندن جي پارٽيءَ جي حيثيت سان جنم ورتو ۽ ترقي ڪئي. پنهنجي نظرئي، ترڪيب، ۽ پنهنجي سرگرميءَ جي نوعيت جي لحاظ کان اها نهايت ئي بين الاقواميت پسند آهي. بولشيوڪ پارٽي جنهن جي صفن ۾ ڪيترين ئي قوميتن واري ملڪ جو پرولتاري متحد هو، پنهجي قيام جي پهرين گهڙيءَ کان بين الاقوامي ڪميونسٽ تحريڪ جي ڪل جي هڪ جزي، ان جي هڪ ويڙهاڪ جٿي جيان هئي.
لينن جي هدايت هيٺ بولشيوڪن آڏو جيڪي بنهه پيچيدا فرض آڏو هئا اهي مزدور طبقي جي جدوجهد جا ذريعا ۽ طريقا جوڙڻ ۽ انهن کي بهتر ڪرڻ تي، پارٽيءَ کي انقلابي حڪمت عملي ۽ طريقيڪار سان هٿياربند ڪرڻ تي ٻڌل هئا. لينن هڪ ويڙهاڪ پرولتاري پارٽي منظم ڪرڻ لاءِ مستقل مزاجيءَ سان ڪم ڪيو. هن ٻي انٽرنيشنل جي پارٽين جي موقعي پرستاڻن معاملن کي فيصلائتي طريقي سان بي نقاب ڪيو جيڪي هوريان هوريان سماجي سڌارن جي پارٽين ۾ تبديل ٿينديون پئي ويون ۽ بورجوا سماج جي سياسي نظام ۾ پنهنجون پاڙون هڻنديون پئي ويون، اهي پنهنجي سرگرميءَ کي قانوني، اڪثر پارلياماني طريقن تائين محدود ڪرڻ ۾ مصروف هيون.
بولشيوڪن جدوجهد جي قانوني ۽ غيرقانوني، پارلياماني ۽ غيرپارلياماني، پرامن ۽ پرتشدد طريقن کي نهايت سليقي سان هڪٻئي سان جوڙڻ ۽ انهن کي موقعي مهل جي مناسبت سان ڪم ۾ آڻڻ جو مثال قائم ڪيو.
(هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button