پاڪستان ۾ ڪجهه وقت کان وٺي جيڪو انتشار ۽ سياسي بحران پيدا ٿيو آهي، ان تي ملڪ جو عوام نه ته ڪا ڳڻتي محسوس ڪري ٿو ۽ نه وري ملڪ جي سياسي پارٽين کي ان جي ڪا خاص پرواهه آهي. ڇو ته هن ملڪ جو عوام ۽ هن ملڪ جون سياسي پارٽيون هاڻي ان قسم جي صورتحال سان ڄڻ ته سمجهتو ڪري چڪيون آهن ۽ انهن کي محسوس ٿي رهيو آهي ته ان مان نجات ناممڪن آهي. ان ڪري پاڪستان جو عوام ايترو سياڻو بڻجي ويو آهي جو هو ڪنهن به قسم جي جذبات جو شڪار ٿيڻ بدران آسانيءَ سان اهو سمجهي ٿو ته اها بغاوت ئي ڇو ڪجي؟ جنهن بغاوت جي مقدر ۾ ناڪاميءَ جي تحرير درج ٿيل هجي.
ناڪام بغاوت جي قيمت تمام گهڻي ڳري هوندي آهي. هن مهل تائين پاڪستان ۾ جيڪڏهن ڪنهن پارٽيءَ اها قيمت ادا ڪئي آهي ته اها پارٽي پي ٽي آءِ آهي. هن وقت پي ٽي آءِ جو اهو حال آهي ته هوءَ هر هر ۽ هر جاءِ تي اهو موقف ورجائي رهي آهي ته هن کان جيڪا غلطي ٿي، اها ته ٿي پر هوءَ هاڻي خواب ۾ به ان قسم جو قدم کڻڻ جي جرئت نه ڪندي، جيڪو هن کنيو. ناڪام بغاوت صرف اسان جي ملڪ ۾ نه پر انسان ذات جي پوري تاريخ ۾ تمام گهڻي تلخ رهي آهي. ڇو ته جڏهن به ڪا بغاوت ناڪام ٿيندي آهي ته ناڪام بغاوت ڪرڻ وارن جو حشر ايترو ته ڀيانڪ بڻايو ويندو آهي جو ڪيتري وقت تائين ڪنهن کي به بغاوت ڪرڻ جو خيال نه ايندو آهي ۽ اهو ڪجهه هن مهل اسان جي ملڪ ۾ٿي رهيو آهي. ڇو ته اسان جي ملڪ ۾ ڪجهه وقت اڳ تائين اهو خيال گردش ڪندو رهيو هو ته عوام کان بغاوت ڪرائي اقتدار حاصل ڪري سگهجي ٿو. پر ان قسم جي سوچ وارن به هاڻي اهو سمجهي ورتو آهي ته هي دور تيرن ۽ تلوارن وارو نه آهي. هن وقت پوري دنيا هڪ اهڙي دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جنهن ۾ ڪو به فرد يا ڪا قوت سسٽم جا قاعدا قانون لتاڙي اڳتي وڌي نه ٿي سگهي. اهوئي سبب آهي ته هن وقت هر پارٽيءَ پنهنجي پنهنجي مفاد کي سمجهي اهو طئي ڪري ورتو آهي ته هاڻي هوءَ ڪڏهن به اهو ڪم نه ڪندي، جنهن ڪم سان هن کي ايتري قيمت ادا ڪرڻي پوي، جيتري هن وقت تائين تحريڪ انصاف ادا ڪري چڪي آهي.
پاڪستان کي پرامن ۽ نهايت ذميواريءَ سان نين چونڊن جي طرف وڌندو ڏسي اهو به محسوس ٿي رهيو آهي ته جيڪو ڪجهه ملڪي سياست جي سافٽ ويئر ۾ فيڊ ڪيو ويو آهي، هن وقت اهو ڪجهه ٿي رهيو آهي ۽ ان قسم جي ڪم ۾ جيڪو به رڪاوٽ وجهندو، ان کي ڪنهن به صورت ۾ ان جي اجازت نه ڏني ويندي. هن وقت تحريڪ انصاف به ڄڻ ته پنهنجي ڪئي جي قيمت ادا ڪرڻ کان پوءِ سموري سرڪشي وساري ان واٽ تي هلڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جنهن واٽ تي هلندي ملڪ ۾ وري هڪ نئين چونڊ جو ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي ۽ هن مهل تائين اهو سوال تمام گهڻو مشڪل محسوس ڪيو پيو وڃي ته ايندڙ چونڊن جي نتيجي ۾ حڪومت ڪرڻ جو حق ڪنهن کي ملندو؟ ”ايندڙ چونڊون ۽ حڪومت جون واڳون“ هڪ اهڙو عنوان بڻجي رهيو آهي، جنهن جي تشريح هر ڪنهن وٽ الڳ الڳ آهي. ڇو ته ان تشريح جي سلسلي ۾ اسان جنهن وقت مخالف ڌر جي سڀ کان وڏي پارٽيءَ ڏانهن تڪيون ٿا ته ان کي به اهو يقين نه ٿو اچي ته هن کي به اهو حق حاصل ٿي سگهي ٿو. ڇو ته تحريڪ انصاف جي کاتي ۾ جيڪو ڏوهه درج ٿي چڪو آهي، ان کي معاف ڪرائڻ يا ان جي پوري قيمت ادا ڪرڻ لاءِ هن کي ڪجهه وقت ته انتظار ڪرڻو پوندو. هونءَ به پاڪستان تحريڪ انصاف کي اهو به معلوم ٿيو هوندو ته پارليامينٽ ۾ هجڻ به گهٽ ڳالهه نه هوندي آهي. حڪومت ۾ نه هجڻ جو مطلب اهو قطعي طور نه هجڻ گهرجي ته ماڻهو يا ڪا ماڻهن جي سياسي جماعت پارليامينٽ ۾ به نه هجي. ڇو ته ڪوئي ڪجهه به چئي پر جيل جي کولي ۽ پارليامينٽ جو ايوان نه صرف الڳ الڳ شيون آهن پر انهن جي وچ ۾ زمين آسمان جي فرق کان به وڌيڪ فرق موجود آهي. اسان کي معلوم آهي ته پارليامينٽ جي ڪينٽين جو جيڪو مينيو هوندو آهي، اهو به ڪنهن وڏي هوٽل کان گهٽ نه هوندو آهي. جڏهن ته هن شديد گرميءَ ۾ هڪ جيل جي فرش تي ليٽڻ جو تصور ئي ايترو ڀيانڪ آهي جو هن ملڪ جي وڏي وڏي ليڊر جي پيشانيءَ تي پريشانيءَ جو پگهر آڻي ڇڏي ٿو. اهوئي سبب آهي ته هاڻي ملڪ جون اڪثر قوتون ۽ خاص طور انهن ۾ هڪ ڌر جيڪا پنهنجي ۽ عوام توڙي ملڪ جي باري ۾ هڪ عجيب تصور رکي ويٺي هئي، اها به سمجهي وئي آهي ته ان کي جيڪڏهن ڪو رستو اختيار ڪرڻو آهي ته پوءِ کيس اها راه وٺڻي پوندي، جنهن راه تي هلڻ جي سلسلي ۾ هن کي اجازت نامو حاصل هوندو.
پاڪستان ۾ هن مهل جيترو انتشار پي ڊي ايم آهي، ايترو ٻيو ڪنهن پارٽيءَ يا پارٽين جي اتحاد ۾ ناهي. ڇو ته اهو اتحاد جيڪو اقتدار ۾ اچڻ لاءِ ڪيو ويو هو، اهو اتحاد هن مهل عجيب صورتحال جو سبب بڻجي ويو آهي. ان اتحاد ۾ جيڪي به ڏار پئجي رهيا آهن ۽ ان اتحاد جي حوالي سان هن مهل جيڪي به آواز اٿي رهيا آهن ۽ ان اتحاد جي سلسلي ۾ جنهن کي جيڪي به شڪايتون آهن، اهي سڀ اتحاد جي فطري انجام جي پيداوار آهن.
مولانا فضل الرحمان هن مهل تمام گهڻو تپيل آهي ۽ هن جي پارٽي توڙي هو پاڻ پنهنجي هر لفظ مان شدت سان محسوس ڪرائي رهيو آهي ته هو تمام گهڻو ناراض آهي. هن جي ناراضگيءَ جو اصل سبب ته ڪجهه الڳ به آهي پر هن مهل هن بظاهر جنهن نقطي تي اعتراض واريو آهي، اهو نقطو هي آهي ته بقول هن جي ۽ هن جي پارٽيءَ جي ته دبئيءَ ۾ ٿيل اهم ملاقات جي سلسلي ۾ هن جي پارٽيءَ کي آگاهه به نه ڪيو ويو ۽ نه وري هن مهل تائين آفيشل طور اهو ٻڌايو ويو آهي ته ان ملاقات جا تفصيل ڪهڙا آهن؟ جڏهن ته مولانا جي ان موقف کي رد ڪرڻ وارن جو خيال آهي ته مولانا کي ناراض ٿيڻ جو ڪو حق حاصل ناهي. ڇو ته اها ملاقات پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تي نه ٿي رهي هئي. مولانا کي محسوس ٿي رهيو آهي ته هن سان اهي به هٿ ڪري رهيا آهن، جن جو هو محسن آهي. جن لاءِ مولانا ڌرڻا هنيا ۽ جن لاءِ مولانا تمام گهڻو ڪجهه برداشت ڪيو هو، جڏهن هاڻي اها به پنهنجي مفاد سبب نوان نينهن ڪري رهيا آهن ته هن جو ڏکارو ٿيڻ فطري عمل آهي. پر مولانا کي مايوس نه ٿيڻ گهرجي. هن کي پرچايو به ويندو ۽ هن کي هن جو حصو به ڏنو ويندو. بس هن کي ان سلسلي ۾ ڪجهه انتظار ڪرڻ پوندو. هن کي معلوم هجڻ گهرجي ته اقتدار لاءِ انتظار ضروري هوندو آهي.