پاڪستانعالمي

سلامتي ڪائونسل ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي خلاف پاڪستان جو ٺهراءُ منظور

نيويارڪ: گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي خلاف پاڪستان جو ٺهراءُ منظور ٿي ويو. پرڏيهي خابرو اداري موجب پاڪستان جي ٺهراءَ ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي سوڌو مذهبي نفرت جي مذمت ڪئي وئي. ٺهراءَ ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي ۾ ملوث عنصرن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ تي زور ڏنو ويو. سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان طرفان ٺهراءَ جي حمايت ۾ 28 ملڪن ووٽ ڏنو جڏهن ته ٺهراءَ جي 12 ميمبرن مخالفت ڪئي.سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان طرفان ٺهراءَ تي 7 ميمبرن ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. آمريڪا ۽ يورپي يونين ۾ سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان طرفان ٺهراءَ جي مخالفت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button