ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

گهوٽڪيءَ ۾ معصوم ڀيڻ ڀاءُ جو قتل

سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني نه رڳو ماڻهن ۾ عدم تحفظ جي احساس کي وڌائي ڇڏيو آهي پر ان دهشتگردي ۽ مارا ماريءَ جي وارداتن کي به هوا ڏني آهي، جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو سنڌ جي ماڻهن لاءِ مسئلا وڌيا آهن پر هاڻ معصوم ٻار به بدامنيءَ جي ور چڙهي رهيا آهن. عام ماڻهو اهڙي صورتحال ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پوليس ڏانهن واجهائيندو آهي پر ان کي اتان به ڪا سٺي موٽ ڪونه ملندي آهي. جيڪڏهن پوليس به امن امان جي معاملن کي بهتر نموني نٿي ڏسي سگهي ته ان جو مطلب اهو آهي ته اها پنهنجو فرض بهتر نموني نه نڀائي رهي آهي. جڏهن ته پوليس جي اداري جو اولين فرض ئي اهو آهي ته اها عوام جي جان مال جي حفاظت ڪندي. ان سان گڏ اها شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ بدامنيءَ کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار رهندي. ٻه ڏينهن اڳ گهوٽڪيءَ ۾ معصوم ڀيڻ ڀاءُ جي قتل جو واقعو پيش آيو آهي، جنهن پوليس جي ڪارڪردگيءَ تي سواليا نشان ڇڏي ڏنا آهن.
خبر موجب گهوٽڪيءَ جي آفتاب ڪالوني مان هڪ ڏينهن اڳ معصوم ڀاءُ ڀيڻ 12 ورهين جو سلمان لغاري ۽ 9 ورهين جي ڪلثوم لغاري ڌي قربان لغاري گهر ٻاهران کيڏندي گم ٿي ويا هئا، جن جا لاش گهوٽڪيءَ جي درگاھه نهرو شاہه جي قبرستان مان هٿ آيا آهن. ٻارڙن جي لاشن کي ڏسي شهرين اي سيڪشن پوليس کي ڏنو، جنهن کانپوءِ پوليس پهچي لاشن کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي تعلقه اسپتال منتقل ڪيو. ان سلسلي ۾ ٻارڙن جي پيءُ قربان لغاري جو چوڻ هو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، ٻارڙن جي گم ٿيڻ بابت گهوٽڪي پوليس کي آگاهه ڪيو پر پوليس ٻارڙن جي بازيابيءَ لا اسان جي ڪابه مدد نه ڪئي. ظالمن مون سان وڏو ظلم ڪيو آهي. ٻئي طرف پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر ٻڌايو ته ابتدائي رپورٽ مطابق ٻارڙن کي زهر ڏئي ماريو ويو آهي، پوسٽ مارٽم کانپوءِ جزا وٺي ليبارٽري ڏانهن اماڻيا آهن، جنهن کانپوءِ رپورٽ اچڻ تي قتل جا ڪارڻ معلوم ٿيندا. جڏهن ته معصوم ٻارڙن جي قتل کانپوءِ شهرين جو وڏو انگ اسپتال پهتو. ٻئي پاسي بدامنيءَ جي واقعن خلاف شهر ۾ شٽربند هڙتال جو سڏ ڏنو ويو. ٻارن جي گم ٿيڻ کان وٺي، انهن جي قتل ٿيڻ تائين جيڪا واردات ٿي آهي، سا بدامنيءَ جو کليل مثال آهي. جڏهن ته ٻارڙن جي پيءُ پوليس کي اهڙُو اطلاع به ڏنو هو ته سندس ٻار گم ٿي ويا آهن پر تڏهن به ڪو تدارڪ نه ڪيو ويو. نتيجي ۾ ٻنهي ٻارن جا لاش گهر پهتا.
سنڌ ۾ ڏينهون ڏينهن بدامنيءَ جي واقعن ۾ واڌ اچي رهي آهي ۽ ماڻهو ان صورتحال ۾ ڪيئن ساهه کڻي رهيا آهن، اهو فقط اهي ٿا ڄاڻن. ڇا سنڌ جو امن خراب ڪندڙ سڄي صوبي جي انتظاميا ۽ پوليس کان ڏاڍا آهن، جو اهي معصوم ٻارن کي اغُوا ڪري قتل ڪرڻ ۾ دير نٿا ڪن. اسين سمجهون ٿا ته هي صورتحال بنهه گهڻي سنگين آهي. تنهنڪري سنڌ جو امن امان هر صورتحال ۾ بحال ڪيو وڃي. جيڪي ڏوهاري گهوٽڪيءَ جي ٻن معصوم ٻارن جي قتل ۾ ملوث آهن، انهن خلاف ڪارروائي ڪري کين قانون موجب سزائون ڏنيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button