سنڌ

حيدرآباد ماسٽر پلان تيار، روڊن تي نيون پليون، فٽ پاٿ ۽ ٽريڪ ٺاهڻ جي تجويز

حيدرآباد جي ميئر ڪاشف شوري شهر جي سڌاري ۽ خوبصورتي لا ماسٽر پلان سامهون آڻيندي پنڌ هلندڙ ماڻهن لا فٽ پاٿ ٺاهڻ، روڊن مٿان پليون تعمير ڪرڻ ۽ سائيڪلنگ ڪندڙن لا ٽريڪ ٺاهڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي، ماسٽر پلان ۾ حيدرآباد جي ايراضي 9 سئو 93 اسڪوائر ڪلوميٽر ٻڌائي وئي آهي. خبر موجب ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو کان پوءِ ميئر ميونسپل ڪارپوريشن ڪاشف شورو به ضلعي لاءِ نئون ماسٽر پلان تيار ڪرڻ جون ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ان سلسلي ۾ ميونسپل ڪمشنر حيدرآباد انيس احمد دستي، سينيئر ڊائريڪٽر سنڌ ماسٽر پلان اٿارٽي ڪراچي کي خط لکي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ حيدرآباد ضلعي جي ماسٽر پلان جو حوالو ڏيندي لکيو ويو ته حيدرآباد آبادي جي لحاظ کان سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو شهر آهي، سال 2017 ۾ آبادي 21 لک 99 هزار 928 هئي. 1998ع کان 2017ع جي آدمشماري تائين سراسري سالياني واڌ جي شرح 2 ڏهائي 05 رهي آهي، هتي لڏپلاڻ پڻ ٿي رهي آهي، مستقبل جي تقاضائن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ اثرائتو ماسٽر پلان جوڙيو وڃي ته جيئن شهر ۾ جيڪي ماڻهو رهڻ لا اچن ته انهن جي هتي رهائش يقيني بڻائي سگهجي. حيدرآباد ضلعي لاءِ ماسٽر پلان جي تياري لاءِ تجويز ڪيل ضروري قدمن کي هنگامي بنيادن تي ورتو وڃي، جنهن ۾ شهرين، ڪاروباري ماڻهن ۽ مقامي تنظيمن کي شامل ڪيو وڃي، زمين جو استعمال، ٽرانسپورٽ، هائوسنگ سوسائٽيز، انفراسٽرڪچر، ماحول ۽ تفريحي هنڌن، ڊيموگرافڪ ڄاڻ، ماحولياتي تبديلين کي سمجهڻ سميت انتظامي عمل کي ماسٽر پلان ۾ شامل ڪيو وڃي. خط ۾ زمين جي استعمال جي رٿابندي جي حوالي سان تجويز ڏني وئي آهي ته شهري ضرورتن ۽ مقصدن جي بنياد تي ماسٽر پلان ۾ آبادي، علائقائي حدن جي ضابطي کي ڏٺو وڃي. ماسٽر پلان ۾ هڪ جامع ٽرانسپورٽ پلان تيار ڪيو وڃي، جيڪو ٽرانسپورٽ جي مختلف طريقن جهڙوڪ روڊن، عوامي هنڌن، پلن سائيڪلنگ ۽ فوٽ پاٿن کي تحفظ ڏئي سگهجي. ماسٽر پلان ۾ يوٽيلٽيز، واٽر سپلاءِ ۽ ڊرينيج، ويسٽ مئنيجمينٽ سسٽم کي اپ گريڊ ڪرڻ جا منصوبا پڻ شامل ڪرڻ تي غور ڪيو ويو آهي. شهر جي تاريخي ۽ ثقافتي اثاثن کي بچائڻ لاءِ پراڻي پاڙي واري نظام کي بحال ڪري مختلف آمدني وارن ماڻهن جي ترقي لا حڪمت عملي جوڙي وڃي. خط ۾ تجويز ڏني وئي ته گرين ڊيزائن، قابل تجديد توانائي، پاڻي جي انتظام ۽ ويسٽ ريڊنگ کي ماسٽر پلان ۾ شامل ڪيو وڃي. اهڙي طرح پارڪن سميت قدرتي وسيلن کي محفوظ ڪرڻ سان گڏ انهن جي واڌ ويجهه لاءِ قدم کنيا وڃن. ان حڪمت عملين کي پڻ شامل ڪيو وڃي ته جيئن موسمياتي تبديلين جي اثرن کي گھٽايو وڃي ۽ ٻوڏ جي امڪاني خطرن کي منهن ڏئي سگهجي. ٽن صفحن تي ٻڌل رپورٽ ۾ شهر جي معاشي ترقي جي حوالي سان تجويز ڏني وئي آهي ته ماسٽر پلان ۾ اقتصادي موقعن، شهر جي مقابلي واري فائدن ۽ علائقائي تناظر کي نظر ۾ رکندي ترقي ڏني وڃي، شهرين کي روزگار جا موقعا ڏيڻ جي ڳالهه پڻ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اقتصادي رٿابندي جو تعين ڪرڻ جي تجويز آهي ته جيئن ننڍن وڏن ڪاروبارن، نئين سيڙپڪاري ۽ صلاحيتن کي اڳتي وڌايو وڃي. ياد رهي ته ان کان اڳ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد حيدرآباد ضلعي جي نئين ماسٽر پلان لاءِ حڪومت کي خط لکيو هو ته بجيٽ ۾ ان لا رقم مختص ڪئي وڃي. جڏهن ته ايڇ ڊي اي طرفان حيدرآباد جي ايراضي 9 سئو 93 اسڪوائر ڪلوميٽر ٻڌائي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button