سنڌ

گجي ڀرسان آئل ٽينڪر ڪلٽي، باهه لڳي وئي، ڊرائيور ۽ ڪلينر سڙي فوت

گجي ڀرسان آئل ٽينڪر روڊ ۾ کڏو هجڻ ڪري ڪلٽي ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڊرائيور ۽ ڪلينر سڙي فوت ٿي ويا آهن. خبر موجب گجي لڳ رئيس تاج محمد جوکيو ويجهو قومي شاهراهھ جي هلندڙ مرمتي ڪم لاءِ ڪيل کڏي سبب ڪراچيءَ کان سجاول ويندڙ آئل ٽينڪر ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽي ٿي پيو ۽ باھه وڪوڙي وئي، جنهن سبب ٽيئنڪر ڊرائيور ۽ ڪلينر سڙي فوت ٿي ويا. ان ڏس ۾ خانگي ڪمپني جي مئنيجر بابر ٻڌايو ته 10 ويلر آئل ٽينڪر نمبر سي ايل يو 898 ڪراچي کان 16 هزار ليٽر پيٽرول ۽ 8 هزار ليٽر ڊيزل کڻي سجاول وڃي رهيو هو ته حادثو پيش آيو جنهن ۾ مڪلي واسي ڊرائيور نجف ۽ سجاول جو رهواسي ڪلينر حنيف عرساڻي سوار هئا. رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي ٺٽو عديل احمد چانڊئي ٻڌايو ته افسوسناڪ واقعي ۾ 2 انساني جانين جو نقصان ٿيو آهي، ان جا سبب ڄاڻڻ لا جاچ ڪئي پئي وڃي، ضرورت پئي ته لاشن جي ڊي اين اي ڪرائي ويندي. هوڏانهن فائربرگيڊ جي مسلسل ڪوششن سان ڪيترن ئي ڪلاڪن بعد باھه تي ضابطو آندو ويو، فوتين جا لاش ايڌي سردخاني ڪراچي حوالي ڪيا ويا. علائقي واسين جو چوڻ هو ته زوردار ڌماڪي بعد روڊ تي باهھ ۽ دونهون ڦهلجي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button