اسلام آبادپاڪستان

چونڊ سڌارن ۾ سياسي پارٽين تي پابندي جو معاملو ايجنڊا مان آئوٽ

اسلام آباد: چونڊ سڌارن بابت پارلياماني ڪميٽي جو ٽيون اجلاس ختم ٿي ويو، جنهن ۾ سياسي پارٽين تي پابندي جو معاملو ايجنڊا مان ڪڍيو ويو آهي. ان ڏس ۾ ڪالهه قومي اسيمبلي جي ميمبر ۽ پارلياماني ڪميٽي جي سربراهه سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ چونڊ سڌارن بابت پارلياماني ڪميٽي جو ٽيون اجلاس اڍائي ڪلاڪ جاري رهيو. اجلاس ۾ تحريڪ انصاف جي سينيٽر علي ظفر آن لائن شرڪت ڪئي. اجلاس کانپوءِ قانون واري وزير اعظم تارڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته چونڊ سڌارن تي 99 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، جن نقطن تي اتفاق نه هو انهن تي اتفاق ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ طرفان ڪجهه معاملن تي خدشن جو اظهار ڪيو ويو، اهي مسئلا ايترا حساس ناهن جو حل نه ٿي سگهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ جا خدشا گڏجي حل ڪيا ويندا، سياسي پارٽين تي پابندي جو معاملو ايجنڊا تان هٽايو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button