پي ٽي آءِ جا پاڻ مرادا جلاوطن جرنلسٽ سوشل ميڊيا تي باهه ٻاري ويٺا آهن ته: پي ڊي ايم ۾ تمام وڏا اختلاف پيدا ٿي ويا آهن. ايترا وڏا اختلاف جو انهن اختلافن جو دائرو اسٽيبلشمينٽ تائين ويڪرو ٿي ويو آهي. ان جو مطلب اهو ته هاڻي اسٽيبلشمينٽ ۽ موجوده سرڪار ان طرح سان سنمک ناهن، جيئن اڳ ۾ هئا. ملڪ ۾ موجود صحافين ته هن مهل تائين اهڙي ڪا خبر نه ڏني آهي. ان ڪري اهو ممڪن آهي ته تحريڪ انصاف جي غيرمشروط حامي حلقن پاران جنهن شيءَ کي خبر بڻائي پيش ڪيو پيو وڃي، اها اصل ۾ خبر نه پر انهن جي خواهش هجي. ڇو ته هن مهل تائين پي ٽي آءِ کي جيڪو مهٽو آيو آهي، ان کان پوءِ هن جا ۽ هن جي حامين جا هوش ٺڪاڻي تي اچي ويل ڏسجن ٿا. پر ڇا ان کان اڳ به ڪا ڊيولپمينٽ آهي؟ ان سلسلي ۾ ڪجهه به چوڻ وقت کان اڳ جي ڳالهه آهي. پر جنهن معاملي کي تحريڪ انصاف جا صحافي “اندرين انفريميشن” بڻائي وڪڻي رهيا آهن، اصل ۾ اهو عين ممڪن آهي ته اها انهن جي پنهنجي سوچ هجي. اهو انهن جو تجزيو هجي. ڇو ته هن مهل هو جيڪو ڪجهه به چئي رهيا آهن، اهي ڳالهيون اڳ ۾ پيش ٿينديون رهيون آهن.
پي ٽي آءِ جي حامي حلقن جو موقف آهي ته ملڪ هن مهل سخت سياسي بحران مان گذري رهيو آهي. ڇو ته هن وقت تائين ايندڙ چونڊن جي باري ۾ ڪجهه به ڪليئر ٿي نه سگهيو آهي. جيتوڻيڪ موجوده وزير اعظم شهباز شريف اهو چيو آهي ته آئيني مدي کان اڳ ۾ به اسيمبليون ختم ٿي سگهن ٿيون. ان ڪري اهو خيال مضبوط ٿي رهيو آهي ته چونڊون آڪٽوبر بدران نومبر ۾ ٿينديون. پر سوال اهو آهي ته ايندڙ چونڊن جي سلسلي ۾ ٻيو ڇا طئه ٿيو آهي؟ هڪ ته هن مهل تائين مسلم ليگ ن اهو موقف پيش ڪيو آهي ته هوءَ ڪنهن سان چونڊ اتحاد نه ڪندي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته پيپلز پارٽي جهڙي ريت مسلم ليگ ن جي مٿان دٻاءُ وجهي رهي هئي ته هن سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ ٿيڻ گهرجي، ان جو اهو مطالبو بظاهر مسترد ٿيندو نظر اچي رهيو آهي پر ان حوالي سان به اسان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته اهو معاملو اڃان پوءِ جو آهي. ڇو ته هن وقت تائين ته حڪومت هلي رهي آهي. هن مهل تائين اسيمبيلون به موجود آهن. ان صورت ۾ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته چونڊن کان اڳ ۾ ئي اهو سڀ ڪجهه طئه ٿئي، جيڪو چونڊن جي دوران ٿيڻو آهي. مسلم ليگ ن جو خيال آهي ته هوءَ پنهنجا حلقا ٻي ڪنهن به پارٽيءَ جي حوالي نه ڪندي. ڇو ته ماضي قريب ۾ هن سان تحريڪ انصاف جيڪو حال ڪيو آهي، ان کان پوءِ هوءَ تمام گهڻي گهٻرايل آهي. ان ڪري اسان ان باري ۾ هن مهل تائين ڪجهه به چئي نه ٿا سگهون ته چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ ۽ مسلم ليگ ن جو ڪهڙو تال ميل هوندو؟ باقي اهو طئه آهي ته مسلم ليگ ن پيپلز پارٽيءَ کي ڪجهه سيٽن تي مقابلو نه ڪرڻ جي سهولت ڏيندي ۽ ان سهولت جي موٽ ۾ هوءَ مسلم ليگ ن کان ڇا گهرندي؟ ان سوال جو جواب ان مهل سامهون اچي ويندو، جڏهن پيپلز پارٽيءَ حتمي طور تي مسلم ليگ ن کان پنجاب ۾ ڪجهه گهريو ۽ ن ليگ ان جي بدلي هن کان سنڌ جي سلسلي ۾ ڪو مطالبو ڪيو!
پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن پاڻ ۾ هڪ ٻئي جون مخالف پارٽيون رهيون آهن ۽ انهن جي مخالفت جي هڪ ڊگهي تاريخ به آهي پر هن مهل جيڪڏهن انهن سوا سال اهو حڪومت ۾ گڏجي گذاريو آهي ته اهو سڀ ڪجهه ان شخص جي ڪري ٿيو آهي، جيڪو هن مهل ته تمام گهڻو هيڻو ٿي ويو آهي پر ڪنهن وقت هن جي حالت اهڙي نه هئي. اڃان ڪجهه وقت اڳ تائين هن جي اها دعويٰ هئي ته هو جيڪڏهن ڪنهن ٿنڀي کي به ٽڪيٽ ڏيندو ته اهو ٿنڀو کٽي ويندو. هن وقت جي صورتحال الڳ آهي پر اهو ممڪن آهي ته ڪجهه وقت ۾ حالتون ڪجهه ڦيرو کائين. جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته ان سلسلي ۾ اهو به ڏسڻو پوندو ته اهو ڦيرو ڪنهن جي حق ۾ ۽ ڪنهن جي مخالفت ۾ آيل آهي؟ هن وقت تائين ته واقعا ايتري تيزيءَ سان رونما ٿي رهيا آهن جو ڪنهن جي ڳالهه جي اڳڪٿي ڪرڻ آسان نه پر تمام مشڪل آهي. اسان کي ڪو به تجزيو ڪرڻ کان اڳ ۾ بار بار اهو سوچڻو پوي ٿو ته اسان اهو فيصلو ان ملڪ جي حوالي سان ڪري رهيا آهيون، جنهن ملڪ جون سياسي حالتون سنگين طرح سان بحران ۾ وٺجي ويل آهن. ان ڪري اهڙي بحراني ڪيفيت مان گذرڻ واري ملڪ جي باري ۾ ڪا نارمل ۽ ٺوس تجزياتي اڳڪٿي ڪرڻ به تمام گهڻي مشڪل هوندي آهي.
پاڪستان جن حالتن مان گذريو آهي ۽ جن حالتن مان گذري رهيو آهي، ان ۾ تمام گهڻو حصو ان معاشي معاملن جو آهي، جن جي ڪري هي ملڪ اهڙي صورتحال جي سامهون آهي، جنهن جي اصل تصوير ته هن مهل تائين عوام جي آڏو نه آندي وئي آهي پر ڇا اهو گهٽ آهي ته هن ملڪ جو موجوده وزير اعظم پاڻ اها حقيقت تسليم ڪري رهيو آهي ته قرض وٺڻ جي لاءِ هن جي حڪومت کي ڪيترا نه رڪ جا چڻا چٻاڙڻا پيا. پاڪستان جيڪڏهن ڪو به فيصلو ڪري ٿو يا پاڪستان کي جيڪڏهن ڪو به فيصلو تسليم ڪرڻ جي لاءِ مجبور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ته اهڙي حرڪت ڪرڻ وارن کي اهو معلوم هجي ٿو ته پاڪستان معاشي طور تي تمام گهڻي مصيبت ۾ آهي ۽ اهو ملڪ جنهن کي آسانيءَ سان قرض به نه ملي سگهي، ان ملڪ جي باقي حالت ڪهڙي هوندي؟ آءِ ايم ايف جن شرطن تي پاڪستان کي نالي ماتر قرض جي قسط ڏني آهي، ان قرض سان به پاڪستان جو معاشي ٻيڙو پنهنجي منزل تي پهچي نه ٿو سگهي. اها حقيقت آهي ۽ ان حقيقت کي پاڻ سخت اختلاف رکڻ وارا به گڏجي تسليم ڪن ٿا ته پاڪستان جي حالت تمام سخت دٻاءَ ۾ آيل ملڪ واري آهي. اهو ملڪ جنهن کي اها پريشاني هجي ته هو ايندڙ سال پنهنجيون عام ضرورتون ڪيئن پوريون ڪندو؟ ان ملڪ جي سلسلي ۾ جڏهن اسان کي اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته وڏا فيصلا ٿيا آهن ۽ انهن فيصلن جي نتيجن ۾ ايندڙ حڪومت ۾ فلاڻا فلاڻا وڏا عهدا ڪنهن جي حوالي ڪيا ويندا ته ان قسم جي معلومات تي حيرت جو محسوس ٿيڻ هڪ فطري عمل آهي.
هر اميدوار جا اهي هوڪا آهن ته جيڪڏهن اقتدار هن کي مليو ته ملڪ ۾ کير ۽ ماکيءَ جون نديون وهڻ لڳنديون. اسان ڪنهن به کير ۽ ماکي جي ندين جي خواهش نه ٿا رکون پر اسان جي خواهش آهي ته اسان جي درياهن ۾ پاڻي وهندو رهي ۽ انهن درياهن جي ڪنارن تي رهندڙ اسان جا هم وطن محفوظ ۽ خوشحال هجن. ڇا عوام کي اها ممڪن خواهش رکڻ جو حق حاصل نه هجڻ گهرجي!!