پاڪستانسنڌ

بااثر پارس شاهه ڪيس ۾ اثر انداز ٿي رهيا آهن: ماڪن شاهه/سحر شاهه

حيدرآباد: ناليواري شاعر ۽ ڪمپيئر سيد ماڪن شاهه رضوي ۽ نامياري آرٽسٽ سحر شاهه رضوي حيدرآباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پارس شاهه کي ڀٽائي نگر ۾ پنهنجي گهر ۾ قتل ڪيو ويو، جنهن بعد گرفتار جوابدار اسرار شاهه ۽ ديدار شاهه ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي، پر قتل ڪيس ۾ نامزد فرزانا شاهه ۽ سندس پيءَ غلام نبي شاهه جي گرفتاري کان اڳ ضمانت ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن ۽ ڪجھ ماڻھو ذاتي مقصدن سبب سندن پٺڀرائي ڪري جوابدارن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن، جوابدار ڌر ملير ڪورٽ ۾ مقتول پٽ پارس جي قبر ڪشائي جي درخواست جي جواب ۾ اعتراض ڪندي درخواست ڏني آهي ته قبرڪشائي نه ڪئي وڃي، جيڪڏهن مئجسٽريٽ ۽ ماھر ڊاڪٽرز جي بورڊ جي موجودگي ۾ قبرڪشائي ٿي ته پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر شهزاد آرائين جي ڪوڙي رپورٽ جو ڀانڊو ڦاٽي پوندو، انهي ڪري جوابدار ڌر مسلسل قبرڪشائي جي مخالفت ڪري رهي آهي، حيدرآباد عدالت اسان کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، جوابدار هينئر به اسان کي نقصان پهچائي سگهن ٿا، جيڪي مسلسل اسان کي ھراسان ڪري ڌمڪائي رھيا آھن، جنهن لاءِ اسان کي سنڌ پوليس تحفظ فراهم ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button