ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران حڪومت ۽ سنڌ سرڪار

Editorail-Article-Mazahar Khaskheli

ڪجهه ڏينهن کان ملڪي ميڊيا تي اهي ڳالهيون هلي رهيون آهن ته عمران خان جي حڪومت وڃڻ واري آهي. ان ڳالهه ۾ ڪجهه نه ڪجهه صداقت ضرور آهي. ڇو ته ٽن سالن دوران ايترا بل پاس نه ڪرائيندڙ تحريڪ انصاف ۽ ان جي اتحادين ڪجهه ڏينهن اڳ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ 222 ووٽ هجڻ سبب 221 ووٽن سان پاس ڪرائي ڇڏيا آهن ۽ مخالف ڌر جي سمورين پارٽين وٽ 220 ووٽ آهن. ٻن ووٽن جي اڪثريت سان بيٺل عمران خان جي حڪومت کي ظاهري طور تي مخالف ڌر جي جماعتن وٽ ويٺل سياسي کلاڙي آصف زرداري يا وري مولانا فضل الرحمان ۽ مخالف ڌر جو اڳواڻ شهباز شريف يا وري ٻيا ڪجهه ناهن ڪري سگهيا. اهوئي سبب آهي جو ظاهري سينيٽ ۾ مخالف جماعتن جي اڪثريت هجڻ باوجود تحريڪ انصاف پنهنجا سينيٽ ۾ اڳ رد ٿيل بل جن ۾ صحافين جي تحفظ ۽ نيب ترميمي بلن سميت ٻيا پاس ڪرائي ڇڏيا آهن. ان ڪري جهڙي ريت تحريڪ انصاف بل پاس ڪرائڻ ۾ تڪڙ ڪري رهي آهي. ان مان ائين لڳي ٿو ته موجوده حڪومت يا ته وڃڻ واري آهي يا وري وزيراعظم عمران خان اسيمبليون ٽوڙي نيون چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪندو، جنهن جي باري ۾ تجزيي نگارن جو چوڻ آهي ته هاڻي ڏسجي اصل واڳ ڌڻي پردي جي پويان ڪهڙي راند کيڏي رهيا آهن. ڇو ته جڏهن کان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سينيٽ ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ يوسف رضا گيلاني کي چونڊرايو آهي. ان کان پوءِ پردي پويان مسلم ليگ (ن) به اصل واڳ ڌڻين سان پنهنجون ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون آهن، جنهن کان پوءِ حمزه شهباز جو آزاد ٿيڻ ۽ شهباز شريف جي ضمانت به ان ڳالهين جو نتيجو آهي.
جڏهن کان نئون پاڪستان ٺاهڻ جا نعرا هڻندڙ عمران خان جي حڪومت آئي آهي، ان ڏينهن کان وٺي مهانگائي جنهن نموني تيزي سان وڌي آهي. ان جو مثال ماضي ۾ مثال نٿو ملي ڇو ته مارڪيٽ ۾ جيڪا کاڌي پيتي جي شين 20 رپين ۾ ملندي هئي، اها هاڻي 70 کان 80ع رپين ۾ ٿي ملي. ان ڪري ان جو ذميوار موجوده وزيراعظم عمران خان ۽ سندس ڪابينا ۾ ويٺل اهي سمورا وزير ۽ مشير آهن، جيڪي ميڊيا تي اچي رڳو اڳين حڪومتن کي وڌ گهٽ ڳالهائي پنهنجي پاڻ کي صاف ظاهر ڪرڻ واري ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن.
اهڙي صورت حال مان لڳي ٿو هن ملڪ جون حالتون ڏينهون ڏينهن بهتر ٿيڻ بدرانِ خراب ٿئڻ واريون آهن. هڪ طرف مهانگائي جي ڪري سڄي ملڪ ۾ صورتحال خراب آهي ته ٻئي طرف سنڌ جنهن جي ماضي جا مثال پڙهڻ ۽ ٻڌڻ ۾ جيڪي اچن ٿا، انهن تي اڄ اعتبار ڪري سگهجي ٿو يا نه هيءُ هڪ اهڙو سوال آهي. جنهن جو جواب سنڌ جو نوجوان پنهنجي هر ان باشعور فرد کان گهري ٿو، جن ماضي واري سنڌ اکين سان ڏسي تاريخ جي پنن ۾ ان شاهوڪار سنڌ جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، هڪ ٻئي سان پيار محبت سان پيش اچڻ سميت هڪ ٻئي جي ڏکن سکن کي پنهنجو سمجهڻ وارن اندازن کي پنن ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. جن کي اڄ جو نوجوان پڙهي سوچي ٿو ته ڇا هيءَ اڄ هي ساڳي سنڌ آهي. جنهن جي ڪتابن ۾ ڳالهه ڪيل آهي. اڄ سنڌ ۾ گهران نڪرندڙ گلن جهڙيون معصوم ٻارڙيون محفوظ ناهن. انهن جي عزتن کي ائين وحشي درندا روز روز سري عام لٽي، انهن جي جسمن تي ڇتن ڪتن جيان چڪ هڻي انهن جي لاشن کي اڇلائي وڃن ٿا. هتي ڪهڙي ڪهڙي سنڌ ڄائي جو نانءُ لکان. ڪمون شهيد کان وٺي ڪراچي تائين اهو ڪهڙو شهر واهڻ وستي آهي، جتي سنڌ جون نياڻيون محفوظ هجن. سنڌ جنهن ۾ نياڻين کي عزت ۽ مان مرتبي سان رڳو ڏنو ناهي ويندو پر انهن جي عزت ڪرڻ لاءِ هن مرداڻي سماج ۾ انهن کي پابند به بڻايو ويندو آهي ته هو جيئن پنهنجي ڀيڻ، ماءُ، ماسي، ڦڦيءَ ۽ زال سميت سمورن رشتن جي عزت ڪندا آهن، ائين ٻين رشتن ۾ ايندڙ عورتن جي عزت ڪرڻ به انهن جو فرض آهي. پر اوچتو سنڌ ۾جهڙي نموني نياڻين سميت معصوم ڇوڪرن سان زيادتين جو لاڙو وڌي ويو آهي. ان جو آخر ڪير ذميوار آهي. سموري سنڌ ۾ ڪٿي به مسڪين ماڻهن جي عزت ۽ جان محفوظ ناهي جيڪو ڏاڍو، داداگير، ڪرمنل، چور، پاٿاريدار ۽ منشيات فروش آهي. اهو پنهنجي پنهنجي علائقي جي ٿاڻن جو مالڪ آهي. ايس ايڇ او کان ايس پيز تائين آفيسر هنن جي مرضي موجب رکيا وڃن ٿا.
رياست جون اصل ذميوار ڌريون سنڌ جي باشعور ڌرين جون دانهون ڪوڪون ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن. جڏهن کان وٺي هيءُ ملڪ وجود ۾ آيو آهي. تاريخ جي پنن کي اٿلائي پڙهڻ شروع ڪنداسين ته اسان ۽ اوهان جي اڳيان ڪيترائي اهڙا واقعا تري ايندا، جن کي پڙهي هزارين ڀيرا سوچڻو پوندو ته سنڌ جيڪا سمورن وسيلن سان مالا مال آهي اتان جا ماڻهو تعليم،صحت ۽ روزگار لاءِ سالن کان وٺي پريشان آهن. انهن سنڌ جي ماڻهن کان هن وقت تائين ڪنهن ڏک سور ناهن پڇيا، ان ڪري سنڌ سموري سور لڳي پئي آهي.
ماڻهن سدائين جنهن پارٽي جي ڪري وقت جي آمرن سان مهاڏو اٽڪايو آهي. ان پ پ به سنڌي ماڻهن جي ڦٽن تي مرهم ناهي رکيو ويتر ڦٽن مٿان لوڻ ٻرڪيو ويو آهي. ان جو احساس به اهو ماڻهو ڪري سگهي ٿو، جنهن سنڌ جي موجوده صورتحال کي ويجهو کان ڏٺو ۽ پرکيو هوندو. سنڌ سان محبت ڪرڻ وارو جذبو هجڻ تمام ضروري آهي. جيڪڏهن اوهان وٽ سنڌ سان محبت ڪرڻ وارو جذبو آهي ته پوءِ اوهان هر سنڌ واسي کي ملندڙ سور کي پنهنجو سور سمجهندا هوندا ۽ مان يقين سان چوان ٿو ته جڏهن اوهان جي اهڙي ڪيفيت هوندي ته اوهان منهنجي لکيل ڳالهين سان سئو سيڪڙو اتفاق ڪندا ۽ انهن جي به مون جيان ساڳي سوچ هوندي ته جهڙي نموني رياست جي اصل واڳ ڌڻين سنڌ جي موجوده حالتن کي پيدا ڪرائڻ ۾ پ پ کي استعمال ڪيو آهي. ان جو مثال تاريخ ۾ اڳ ڪڏهن نٿو ملي باقي جيڪي دوست سمجهن ٿا سنڌ جي موجوده حالتن جي پ پ ذميوار ناهي، اها سندن سوچ آهي. انهن تي ڪابه ميار ناهي ڇو ته انفرادي سوچ رکندڙ دوست ڪڏهن به اجتماعي سوچ سان سوچيندا ناهن. هنن کي پنهنجي ذات کان وڌيڪ ٻئي ڪنهن جي پرواهه ناهي هوندي. انهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن کي جيڪڏهن نوڪري ملي، ٺيڪو مليو، عشر زڪوات جي چيئرميني ملي ته هنن جي خيال موجب سموري سنڌ سون بڻجي وئي. اهڙن ماڻهن کي ڪهڙي خبر ته پنهنجن جو وڇوڙو ڪيئن جيءَ ۾ جهوري ڇڏيندو آهي. جن جي نوجوانن کي جبري کنڀي گم ڪيو ويو آهي، انهن مائرن جي درد کي سمجهڻ لاءِ انهن وٽ وڃي ڏسي سگهجي ٿو. ڇو ته سنڌ ۾ رهندڙ ٻنهي طرفن کان ظلم ۽ ناانصافي کي منهن ڏئي رهيا آهن.
هڪ طرف عمران خان جي مرڪزي حڪومت آهي، جيڪا سنڌ ۽ سنڌ واسين کي مسلسل نظر انداز ڪندي رهي آهي ته ٻئي طرف وري پ پ ۽ ان جي قيادت آهي جيڪا پنهنجو پاڻ کي چالاڪ ظاهر ڪرڻ واري چڪر ۾ سڄي سنڌ جي ماڻهن کي اهو باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري پئي ته هن وقت سنڌ ۾ جيڪي حالتون خراب آهن، انهن جي ذميواري عمران حڪومت آهي. جڏهن ته سنڌ ۾ گذريل 14 سالن کان لاڳيتو پ پ جي حڪومت آهي جنهن جي باري ۾ به ڪجهه تجزيي نگارن جو خيال آهي ته پ پ هڪ طرف اصل واڳ ڌڻين سان ٺاهه ڪري سنڌ حڪومت ورتي هئي ته ٻئي طرف وري مخالف ڌر جي اتحاد پي ڊي ايم ۾ ويهي انهن ڌرين مٿان پنهنجو دٻاءُ وڌو ۽ پنهنجا ڪجهه مطالبا مڃرايا ۽ مسلم ليگ (ن) جو سربراهه ميان نواز شريف ڪنهن به صورت ۾ اصل واڳ ڌڻين سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار نه هو پر هاڻي ڪجهه ڏينهن اڳ هن پنهنجي ڀاءُ شهباز شريف، ڌيءُ مريم نواز جي مڙس (ر) ڪيپٽن صفدر کي اها اجازت ڏني آهي ته هو پردي جي پويان سگهارين ڌرين سان ڳالهيون ڪن پر انهن ڳالهين جو پهريون دور اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي شروع ڪرائي چڪو آهي. جنهن هڪ ٻه ڀيرا ٻاهر وڃي ميان نواز شريف جو اصل واڳ ڌڻين سان رابطو پڻ ڪرايو آهي.
هاڻي ڏسجي ته اقتدار جي هن ڊوڙ ۾ آصف زرداري اڳتي ٿو وڌي يا وري شاهد خاقان عباسي جنهن جي مٿان ميان نواز شريف جو پنهنجي ڀاءُ شهباز شريف کان وڌيڪ اعتماد آهي. باقي سنڌ ۾ جهڙي ريت هن وقت ڪاوڙ پيدا ٿيل آهي. ان مان لڳي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ جي حمايت هوندي به پ پ کي سنڌ ۾ گهڻو زور لڳائڻو پوندو ۽ جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ سمورين سياسي پارٽين کي اليڪشن ۾ آزاد ڇڏيو ته پوءِ پ پ جي اميدوارن کي خبر پوندي ته سنڌ ۾ هنن خلاف ماڻهن جي دلين ۾ ڪيتري ڪاوڙ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button